سلسلو۔۔سنڌ جا سورهيه۔۔۔اسماعيل خان شورو۔۔نمبر 02

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ باغي عليم طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2013۔

  1. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    اسماعيل شورو
    عبدالواحد آريسر
    هندستان ۾ مغل بادشاهه اڪبر مقامي شورشن ۽ سازشن کي ٻنجو ڏيڻ کانپوء ڀر وارن ملڪن کي فتح ڪرڻ جي تياري ڪئي،ان سلسلي ۾ هن پنهنجي استاد ۽ سرپرست بيرم خان جي پٽ عبدالرحيم خان خاخان کي وڏو لشڪر ڏئي سنڌ فتح ڪرڻ جو حڪم ڪيو۔مرزا عبدالرحيم خان خانان مغلن جو شاهي لشڪر وٺي 998 هجري ۾ سنڌ تي حملو ڪيو۔
    سنڌ تي ان وَقت ترخان گهراڻي جو آخري حاڪم مرزا جاني بيگ حڪومت ڪري رهيو هو۔۔۔
    مرزا جاني بيگ لئه تاريخدانن جو چوڻ آهي ته هو ترخان گهراڻي جي سڀن حاڪمن کان چڱو،سلڇڻو،سمجهدار ۽ بهادر حڪمران هو۔هن جي ماء سنڌياڻي هئي،۽ سندس گهر ۾ سنڌي عورت هئي،جنهن انڙ پور وٽ تلوار کڻي مغلن سان مقابلو ڪيو،مغلن جي حملي وقت جاني بيگ 35 هزار لشڪر وٺي خان خانان جي سامهون ٿيو،جاني بيگ جي ان لشڪر ۾ 20 هزار ارغون ۽ ترخان ۽ 15 هزار سنڌي هئا،مغلن ۽ جاني بيگ جو مقابلو پورو هڪ سال هلندو رهيو،جنهن ۾ آخري جنگ لڪيء وٽ لڳي،جنهن ۾ 2 هزار سنڌي ۽ 5 هزار مغل هئا،انهيء جنگ ۾ جاني بيگ کي شڪست آئي،هوڏانهن مغلن جا 2 وڏا نامور جرنيل لڪيء وٽ مارجي ويا،جن ۾ اڪبر جي مشهور رتن راجا توڏر مل جو پٽ ڍارو مل به هو۔۔
    جاني بيگ جي شڪست کائڻ ۽ مغلن جي قبضي کانپوء به هڪ سئو سالن تائين ٻاهرئين غاصبن ۽ لٽيرن جو وڏي بهادري ۽ همت سان مقابلو ڪيو،ان سلسلي ۾ سنڌ جي هر ذات،پاڙي،قبيلي ۽ راڄ بي پناهه حبالوطني جو ثبوت ڌيندي پنهنجو پاڻ ملهايو۔تااهم اهي سڀ ذاتيون،پاڙا قبيلا ۽ راڄ ڪنهن مرڪزي قيادت ۽ نظام نه هئڻ ڪري ڇڙوڇڙ اڪيلا ۽ بي يارو مددگار وڙهندا رهيا،نتيجي طور مغل سامراج جي جارح وڏي ۽ منظم فوج کي شڪست ڏئي سنڌ مان ڪڍي نه سگهيا۔
    انهن ذاتين ۽ انهن جي سردارن جي بي پناهه قربانين جا داستان هن مادر وطن جي ٻاڙي ٻاڙي تي پکڙيا پيا آهن۔۔۔
    جن کي ڳنڍي هڪ تاريخي دستاويز جي شڪل ۾ سنڌي عوام اڳيان آڻڻ جي ضرورت آهي،انهي انتشار،ڇڙوڇڙ ۽ اختلاف واري حالت ۾ سنڌ جا 3 قبيلا هئا۔جن پاڻ ۾ مڪمل اتحاد،اتفاق ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪري،10 هزارن جو لشڪر رضاڪارانه طور تيار ڪيو،جيڪو حالتن آهر جنگي حڪمت عمليون اختيار ڪندو وڙهندو رهيو،اهي ٽي قبيلا هئا شورا،ٻٻر ۽ دل۔۔جن جو اتحاد مغل سامراج جي خلاف حبالوطني ۽ سنڌ دوستي جي بنياد تي مبني هو۔۔
    اهي ٽيئي قبيلا سن کان وٺي شال تائين پکڙيا پيا هئا،انهيء پوري ايراضي ۾ مغل سامراج جو جيئڻ ،مسافري ڪرڻ،۽ امن سان رهڻ جنجال ڪري ڇڏيو۔۔۔ٽنهي قبيلن جي گڏيل لشڪر جو گهڻو ڪري اڳواڻ اسماعيل شورو هوندو هو۔۔
    جنهن پنهنجي حڪمت عملي،ڏاهپ ۽ بهادري سان،مغلن کي ٺوٺا چٻايا ۽ سنڌي حبالوطني جو مان مٿانهون ڪيو،اسماعيل شورو جي مُغلن سان ٿيل ڪجهه معرڪن جو احوال هتي ڏجي ٿو۔۔۔
    01ترخانن جي پوئين دور ۾ سنڌ ۾ مغلن جو اثر رسوخ وڌي ويو،جيڪو سنڌي ماڻهن لئه برداشت کان ٻاهر هو،ان ڪري هنن ترخانن تي حملا شروع ڪري ڏنا،انهي سلسلي ۾ شورن جي ٺٽي جي حاڪم خسرو بيگ سان اڻبڻت ٿي پئي، خسرو بيگ شورن کي سيکت ڏيڻ لئه پنهنجي وڏي پٽ رستم کي فوج ڏئي سنڌي ماڻهن جوقتلام ڪرڻ لئه روانو ڪيو، نتيجي طور سنڌين ۽ ٺٽي جي فوج جي وچ ۾ خونخوار جنگ لڳي جنهن ۾ رستم پنهنجي فوج سميت قتل ٿي ويو،سنڌي ماڻهن سوڀ حاصل ڪئي،انهيء شڪست جو ٻڌي ٺٽي جي حاڪمن ان فوج کان وڌيڪ فوج سنڌي ماڻهن تي چاڙهي موڪلي،ان فوج جو ٻڌي شورا نومڙيا ۽ ٻيون ذاتيون،جبلن ۾ روپوش ٿي ويون،ٺٽي جي لشڪر بلوچستان تائين ڳولا ڪئي پر سنڌي ماڻهن کي لهي نه سگهيو،۔۔
    02۔۔۔جهانگير جي وقت ۾ مظفر خان معموري کي ٺٽي جو حاڪم ڪري موڪليو ويو،ان وقت به ٺٽي جو حاڪم خسرو بيگ هو،سيوهڻ جو جاگيردار شمشير خان اوزبڪ هو،شمشير خان 3 هزار ماڻهو مظفر خان سان گڏ ٺٽي موڪليا،ٻيو لشڪر اڳ ۾ ئي مظفر خان سان گڏ هو،ايترن گهڻن ماڻهن کي ڏسي انهيء مصيبت کي ٽارڻ لئه دل ۾ پهه پچائي،مظفر خان کي چيو ته،،شورن،ٻٻرن ۽ دل ذات وارن تنگ ڪري ماريو آهي،توهان مهرباني ڪري پاڻ سان آندل لشڪر انهن سرڪش ماڻهن کي سيکت ڏيڻ لئه چاڙهي موڪليو۔۔۔مظفر خان اها ڳالهه منظور ڪئي،۽ مغلن جو لشڪر سنڌين سان وڙهڻ لئه روانو ڪيو،مغلن جي اچڻ جي خبر اسماعيل شوري ۽ سندس ساٿين کي اڳ ۾ ئي پئجي وئي هئي،سي به پنهنجو لشڪر تيار ڪري مغلن جو اڳ جهلي ويهي رهيا،سنڌين جي لشڪر جو تعداد يوسف ميرڪ تاريخ مظهر شاهجهاني جي مصنف۔۔۔10 هزار ٻڌايو آهي،ٻه هزار سوار ۽ اٺ هزار پيادا،پر آئون سمجهان ٿو،اهو تعداد مغلن جي شڪست کي فطري رنگ ڏيڻ لئه ٻڌايو ويو آهي،
    ٻنهي لشڪرن جي دوبدو ٿيڻ کان اڳ سنڌين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اسان جي هر سوار سان گڏ چار پيادا به هجن ٻه ساڄي ۽ ٻه کاٻي،پوء مغلن سان باقائدي ويڙهه ڪجي،مظهر شاهجهاني لکي ٿو ته سنڌي پيادن مغلن جي سوارن کي هيٺ ڪرائي قتل ڪرڻ شروع ڪيو جن ۾ مغلن جا ڪافي ماڻهو مارجي ويا،جن ۾ مغلن جو ڌڻيل بهادر محمد سلطان ازبڪ به شامل هو،۔۔رهيل مغل لشڪر ڀاڄ کائي وڃي نيرون ڪوٽ( رني ڪوٽ جي قلعي ۾ پناهه ورتي،اهڙي طريقي سان سنڌين مغلن کي شڪست ڏيڻ کانپوء قلعي جو گهيرو ڪري ان وقت تائين ويٺل رهيا جيسين تائين ٺٽي ۽ سيوهڻ کان بي پناهه مغل لشڪر اچي ڪڙڪيا،انهن فوجن جي اچڻ کان پوء سنڌي لشڪر گهيرو ختم ڪري وري جبلن ۾ گم ٿي ويو۔۔۔۔
    03۔۔۔۔
    اهو ڌڪ اهڙو نه هو جنهن کي مغل آساني سان وساري ڇڏين،ان ڪري ٺٽي جي گورنر مظفر خان ٺٽي ۾ موجود لشڪر ساڻ ڪري شورن،ٻٻرن ۽ دل ذات وارن کي هميشه ختم ڪرڻ لئه شال تي ڀرپور ۽ زورائتو حملو ڪيو،مظفر خان جولشڪرجيئن ئي شال جي ويجهو پهتو تيئن ئي سنڌين جو لشڪر مناهين دل جي اڳواڻي ۾ مغلن جي سامهون ٿيو،
    مغل لشڪر جي ويجهو اچڻ تي سنڌين واچوڙي وانگر تيزي سان مغلن تي حملو ڪيو،ڪيترا ئي ماڻهو قتل ٿيا ۽ مغلن کي پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪيو،سنڌين جي اها بهادري ڏسي مغلن جو بهترين سپهه سالار اڳتي وڌڻ جو حوصلو هاري اتي ڇانوڻي هڻي ويهي رهيو،سنڌين چئني پاسن کان حملا ڪيا،مغل فوج جي رسد جا رستا ڪٽي ڇڏيا،اهو سلسلو گهڻن ڏينهن تائين هلندو رهيو،ايتري ۾ٺٽي ۽ بدين کان مغلن جي مدد لئه نيون فوجون رسي ويون،جن جي اچڻ سان سنڌين ۽ مغلن ۾ سڌي جنگ شروع ٿي انهيء معرڪي ۾ بيشمار عورتون،مرد ۽ ٻار ٻچا قتل ٿيا،پر اسماعيل شورو پنهنجو جٿو وٺي وري به نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،ان جنگ کان پوء واپس ورندي مغلن حميد شوري سان جنگ ڪئي جنهن ۾ حميد شوري هارايو پر بدين جي جاگيردار مير ابوالبقا جو ڀاء نورلله ڪيترن ٻين سپاهين سان گڏ سنڌين جي هٿان مارجي ويو۔۔
    04۔۔۔۔
    مغلن سان جنگين دوران بابو نالي هڪ پليجو سردار سنڌي ماڻهن خلاف مغلن جو ڇاڙتو ۽ دلال بنيل هو،هو نه رڳو سنڌين جو ساٿ نه ڏيندو هو پر وطن دوست ۽ سنڌي سپاهين جي گسن ،پنڌن،گهٽن،گهيڙن ۽ ٺڪاڻن کان مغلن کي واقف ڪندو هو۔بابو پليجي ٻٻرن جي هڪ راڄ کي پنهنجي ڀرسان اچي رهايو ۽هنن کي يقين ڏياريائين ته توهان جو ڪو وار ونگو نه ڪندو، هنن کي انهي دلبي ۾ رکي ،ٻئي طرف مغل فوج کي راتوواهه چاڙهي انهن ٻٻرن جي راڄ کي قتل ڪري ڇڏرايائين،۔۔۔سنڌين بابو پليجي کي انهن بدمعاشين،وطن فروشين،۽ غدارين جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو،هڪ طرف ته هنن بابو جون ٻنيون ٻارا ۽ باغ ساڙائي ناس ڪري ڇڏيا،۽ ٻئي طرف ان پوري علائقي ۾ ڪنهن به مغل ۽ ان جي ڇاڙتي کي زندهه نه ڇڏڻ جو قسم کنيو اهي خبرون ٺٽِي ۾ مظفر خان کي پهتيون هن بابو پليجي جي صلاح سان پنهنجي سوٽ مرزا محمد کي وڏو لشڪر ڏئي اسماعيل شورو کي ختم ڪرڻ لئه موڪليو مرزا محمد شاهي لشڪر سان اوچتو اچي ڪڙڪيو، سنڌين جي عادت هوندي هئي ته مغلن سان مقابلي وقت پنهنجو مال متاع ۽ اهل اولاد جبلن ڏانهن موڪلي ڇڏيندا هئا،۽ صرف مرد ماڻهو ميدان ۾ رهجي ويندا هئا۔جڏهن مغلن جو لشڪر بيخبري ۾ اوچتو اچي ڪڙڪيو تڏهن اسماعيل شوري گهڻن ماڻهن کي مال متاع ۽ ال اولاد جبلن ڏانهن موڪلڻ جي ڪم سان لڳايو ۽ پاڻ ڪن ماڻهن سان گڏجي مغل لشڪر سان مقابلو ڪرڻ لڳو ۔۔۔نتيجي طور نه مال متاع نڪري سگهيو ۽ نه وري سنڌي سورهن جو هي جٿو مغل حملي آورن جي سيلاب کي روڪي سگهيو۔۔
    اسماعيل شورو ڌارين سان وڙهندي 1025 هجري ۾ مادر وطن سنڌ جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي ويو۔۔
    مغلن سامان ڦريو ،گهرن کي باهيون ڏنيون،۽ بيشمار سنڌي ماڻهن کي قيد ڪيو،اهڙي طريقي سان 30سالن تائين سامراج جي خلاف جدوجهد ڪندي اسماعيل شورو پنهنجي حبالوطني ۽ قومي غيرت جو لافاني ۽ لاثاني سبق سنڌ جي ماڻهن لئه قائم ڪيو۔۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    تاريخي معلوماتي ونڊ
    مهرباني
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    صرف هڪ دوست ئي هن سلسلي
    جي سورهيه کي پڙهيو آهي ڇو ؟؟؟
    افسوس افسوس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اسماعيل شورو ڌارين سان وڙهندي 1025 هجري ۾ مادر وطن سنڌ جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي ويو۔۔
    مغلن سامان ڦريو ،گهرن کي باهيون ڏنيون،۽ بيشمار سنڌي ماڻهن کي قيد ڪيو،اهڙي طريقي سان 30سالن تائين سامراج جي خلاف جدوجهد ڪندي اسماعيل شورو پنهنجي حب الوطني ۽ قومي غيرت جو لافاني ۽ لاثاني سبق سنڌ جي ماڻهن لئه قائم ڪيو۔۔۔۔۔

    بهترين ونڊ آهي۔۔سائين نماڻو عرض آهي ته اهو سلسلو جاري رکندا۔۔۔مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين مهرباني ڪري مضمون کي ٻيهر ترتيب ڏيو۔۔هونئن ته پڙهي ويا آهيون پر ڪي نوان نوان دوست هوندا جن کي لفظن کي سمجهڻ ڏکيو لڳي ان ڪري مضمون جي لفظن جي پروف ريڊنگ ضرور ڪجو۔۔مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    تمام دلچسپ ۽ وڻندڙ ونڊ آهي ،مون جهڙي بيڪار ماڻهو لاء هڪ روشني آهي ،وڏيون ڊاڙون هڻندڙ مان پنهجي سنڌ جي انهن ڪردارن کان اڻ واقف رهيو آهيان،
    اوهان جي وڏي مهرباني دوست جو اوهان جي بدولت اهيا ڄاڻ ملي اميد ته اکين کي روشني بخشيندا رهندا جيئن ما انڌو ڪو دڳ حاصل ڪري سگهان،
    اوهان لاء دعاگو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    معلوماتي ونڊ آهي، شايد هي عبدالواحد آريسر جي ڪتاب مان ورتل آهي۔۔۔ سنڌ جي حفاظت ڪرڻ ۽ سنڌ تان جان نڇاور ڪرڻ وارا ڪيترائي گمنام سپاهي آهن۔

    هڪ عرض ته اوهان ليک موڪلڻ کانپوء هڪ دفعو ٻيهر پڙهي ان ۾ موجود پروف جي چُڪن کي به درست ڪندا ته جيئن ليک جو حُسن برقرار رهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ها ادا سليمان هي سائين آريسر جو ڪتاب سچ وڏو ڏوهاري آهي
    تان ورتل آهي،۽ آئون انشاءالله هن ڪتاب جا سڀ سورما جيڪي
    اسان اڳ ۾ ن ٻڌا ۽ نه پڙهيا سنڌ سلامت تي آڻڻ چاهيان ٿو
    اگر توهان دوستن جي راء مثبت هجي ته ؟؟؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ا
    ادا عتيق توهان جي مهرباني،اڃان کوڙ سارا سنڌ جا ڪردار جن سان
    به توهان کي ملاقات ڪرائبي انشاشاءالله
     
  10. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    دوستو مضمون کي ٻيهر درست ڪيو ويو آهي
    پروف جون ڪافي غلطيون هيون ان لئه معذرت۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو