سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڇٽيهون (36) ڪتاب چنڊ ڀڃي ٿو ڪَرَ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر خادم گهڃو جي اڻ ڇپيل شاعريءَ تي مشتمل آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخصاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
آيو آهــــــــــــــي اڏري،
پائــــــــــــــي پريت پَرَ،
چنڊ ڀڃي ٿــــــو ڪَرَ،
جاڳي آهي رات.
وارن ۾ ويڙهي ٿو،
ڏئـــــي وارن وَرَ،
چنڊ ڀڃي ٿـــــو ڪَرَ،
جاڳي آهي رات.