تاريخي ماگ ٺلهه مير رڪڻ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سچل ماڇي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2013۔

  1. سچل ماڇي

    سچل ماڇي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2012
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ضلعي شهيد بينظرآباد جي تعلقي قاضي احمد ۾ تاريخي ماگ ٺلهه مير رڪڻ دولتپور کان 8 ميل ڏکڻ اوڀر طرف آهي هن ٺل سان ڪابه ڏند ڪٿا وابسته ناهي ۽ نه وري ان جي نالي متعلق تفصيلي ڪو مواد ملي سگھيو آهي . هن ٺل جو نالو مسلمانڪو لڳي ٿو . جنهن جي زمين ۾ اهو ٺل بيٺو آهي. هن وقت اتي پنجابين جو ڳوٺ موجود آهي . سنڌ ۾ هي اڪيلو ئي اسٽوپا آهي . جنهن کي ڪنهن حد تائين مڪمل چئي سگھجي ٿو .
    2408 اٽيچمينٽ ڏسو
    مسٽر گبس () لکي ٿو ته هي کنڊر پري کان ڪشش ڪندڙ ۽ من موهيندڙ ريلوي لائين جي ڀرسان آهن . ۽ گھڻو امڪان ان ڳالهه جو آهي ته ٻين اسٽوپائن جي دڙن جي سرن ۽ سروٽن وانگر هن اسٽوپا جون سرون به ريلوي جي رستي وڇائڻ ۾ ٺيڪيدارن ڪم آنديون هونديون . ٺل جي ٺوس ۽ گول اڏاوت جيڪا آهستي آهستي مٿي سنهڙي ٿيندي ٿي وڃي ۽ اٽڪل 60 فوٽ بلند آهي. ٻاهرين اڏاوت سٺين پڪين سرن سان جڙيل آهي . جيڪي ڪجھ باقي بچيو آهي . ان مطابق چورس پاين جون ٽي قطارون آهن. جيڪي هڪ ٻئي جي هيٺان مٿان جڙيل آهن. هنن جي هيٺان سڄو سارو مٿاڇرو ڀريو پيو آهي . هن ٺل جي چوڦير اڃان تائين بنيادن جا ڪجھ حصا زمين جي سنوت کان هيٺ بچيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن پاين مٿان تاج ۽ تاج جي مٿان ڪارنس رکيا وياآهن . جيڪي سڀ اڪريل سهڻين سرن سان بنايا ويا آهن. انهن جي مٿان گلڪاري ۽ ٻئي قسم جو نقش و نگار ٿيل آهي. پاين تي لڳل تاج ۾ ڪم آيل سرون ڪارب جون ٺپيل سرون نه پر اڪريل سرون ڪم آندل آهن . جن جا ڪناره اڃا تائين تيز ۽ سنهڙا آهن. ان يڪي لڙه واري ڪم ۾ ڪٿي بهترين قسم جون گلڪاري واريون سرون وري سانچي جون ٺپيل آهن. بنيادن جي چوڦير سروٽن ۽ ڀنجھوءَ جو ڍير آهي جيڪو زمين کان ڏهه فوٽ مٿي اسٽوپا جي بنياد سان لڳو بيٺو آهي . هتان مهاتما گوتم ٻڌ جون ڪيتريون پڪل مورتيون هٿ اينديون پئي رهيون آهن . هن مقامي انجنيئر کوٽائي ڪرائيندي ٻڌ جون ڪيتريون مورتيون لڌيون هيون جن ۾ مهاتما ٻڌ جو جنم ڏيکاريل هو. هڪ مورتي ۾ هو ماءُ جي پاسي ۾ وڻ هيٺان سمهيو پيو آهي. ٻيءَ مورتيءَ ۾ هو ننڊ ۾ ستل پنهنجي گھرواري کي الوداع چئي رهيو آهي . اهي پڪل ٺڪر جون مورتيون مهارت سان ٺپيل نه هيون ۽ ماپ ۾ 6 يا 7 انچ هم چورس ٿينديون. مسٽر جي گبس مسٽر بارٽل فريئر ۽ مسٽر شاسٽوئرٽ سان گڏجي هن اسٽوپا جي کوٽائيءَ لاءِ آيو هو. جنهن کي هن رڪن جو ٺل ليکيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته اسان اڳواٽ ئي بنياد صاف ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليا جيڪي هيٺ سرنگھون هڻندا ويا ته جيئن تبرڪ تائين پهچي سگھون. شام جو آءُ هڪ عام ڏاڪڻ جي وسيلي مٿي ٺل ٿي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ۽ ڏٺم ته ماڻهو اٺ فوٽ کوٽائي ڪئي هئي ٽن ڏينهن يعني 27 فيبروري 1852ع ۾ اسان ٺل جي ڀرسان ڪئمپ هنئي ۽ مزدور ڪاميٽي لڀڻ کانسواءِ وڃي تري تائين پهتا . ٺل رازڪي طرز جو هڪ عام رواجي نموني جو هو. ان ۾ استعمال ٿيل پٿري پري کان آندا ويا هئا. چورس بنياد جڏهن ظاهر ڪيا ويا ته انهن جي ماپ هر هڪ پاسو 66 فوٽن جو هو. سنڌ گزيٽيئر جي صفحي نمبر 638 تي ڄاڻايل آهي ته هن ٺل جي جنرل جان جيڪب جي نگراني ۾ کوٽائي ٿي هئي. ان زماني ۾ هو صاحب سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر هو . پر هن هتان ڪا به دلچسپي لائق شيءِ ڪان لڌي . هن ٺل ۾ ٻاهرين پاسي کان هڪ متوازن سرنگھ به هنئي وئي هئي. هن ٺل مان 1978ع ڌاري سڪرنڊ جي اديبن عبدالرحمان مگسي حاجي خان ڪيريي ۽ تاج جويي کي ٺل جي مٿئين حصي مان ڪريل هڪ سر هٿ آئي هئي. جنهن تي ٻڌ جي تصوير اڪريل هئي اها سر ڪيترن ئي سالن تائين مرحوم مگسي صاحب جي لائبرري ۾ محفوظ رهي. پر ان کي آهستي آهستي ڪلرلگڻ سبب گڙي رهي آهي

    رپورٽ يوسف رند
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي ڄاڻ ۔۔۔۔ سنڌ جي واهڻ وستين جي خوبصورت ونڊ ڪري سڀني سڄنن کي آگاهي ڏجي۔ اوهان جون قابل ساراهه ڪاوشون
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    سائين اهڙين تاريخي شين بابت
    سڀن دوستن کي پنهنجي پنهنجي علائقي بابت
    ڄاڻ ڏيڻ گهرجي۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    تمام بهترين سائين اوهان جي ونڊ لاجواب آهي اسان جي علم ۾ اضافي جو سبب آهي ،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو