• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پوءِ ڇو نه اعتراف ڪريون ته اسان بزدل آهيون

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
پوءِ ڇو نه اعتراف ڪريون ته اسان بزدل آهيون
امر جليل
2409 اٽيچمينٽ ڏسو2409 اٽيچمينٽ ڏسو2409 اٽيچمينٽ ڏسو
جنهن قوم کي وقت جو قدر ڪونهي تنهن کي پنهنجي بلندي جو فڪر به دامنگير نه رهندو. اهو ئي سبب آهي جو اسان وقت کي ٺڪرائي وقت جي توهين ڪندي دنيا جي سڀ کا پٺتي پيل قومن مان هڪ ٿي پيا آهيون. اسان جي تهذيب موهن جو دڙو آهي. اسان کنڊر ۽ ويرانيون آهيون. اسان ماضي جي دز آهيون. جن حرڪتن ڪري اسان تنزل طرف ڌڪجي ويا هئاسين، اڄ به انهن عادتن جا حامل آهيون. اسان ان ۾ ئي خوش آهيون ته دنيا اسان کي سٻاجهي قوم سمجهي ٿي، سٻاجهي اکر پويان اسان جي خاموش تاريخ جا غير اهم صفحا آهن. سٻاجهي اکر پويان اسان جون زنگ آلود تلوارون آهن. اسان کي مڃڻو پوندو ته اسان پاڻيپٽ جي ميدان جي مٽي نه ڏٺي آهي. هڪ هوشوءَ کان سواءِ اسان ڪوبه اهڙو جوڌو جوان پيدا ڪري نه سگهيا آهيون جنهن جو نالو کڻندي اسان کي ڪا خوشي محسوس ٿئي. يا جنهن جو نالو ۽ سندس ڪارناما دنيا آڏو فخر سان پيش ڪري سگهون. صدين جي اڏوهي لڳل تاريخ ۾ تاريڪيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو. اسان خالد بن وليد رضه ۽ عمر فاروق رضه جي نقش قدم تي هلندر مجاهد پيدا ڪري نه سگهياسين. اسان وٽ ڪنهن به نيپولين ۽ سيزر جنم نه ورتو. اسان جي پياسي زمين ابن سينا ۽ سقراط جي قدمن لاءِ سڪندي رهي. اسان اشوڪ جهڙا وير ۽ راڻي پرتاب جهڙا محب وطن فرزند پيدا ڪري نه سگهاسين. اها اسان پنهنجي تاريخ جي صفحن کي پنهنجي ڪارنامن سان ڪين سينگاريو آهي. ۽ نه جوهر جا جلوا دنيا کي ڏيکارياسين. پوءِ ڇو نه اعتراف ڪريون ته اسان بزدل ۽ سنڪي آهيون. اهي حقيقون آهن. اسان جي بزدليءَ جي پشت ۾ اسان جا اهي تاريخي حاڪم آهن جن پنهنجي قبرن تي قبا ته اڏايا، پر پنهنجي عظمت جي اعتراف لاءِ هڪ بهادري جو مثال به نه ڇڏيائون. کين ڀنگ، شراب ۽ عورتن جي محفلن کان ئي فرصت نه ملندي هئي جو قوم جي بهبوديءَ لاءِ جتن ڪن ها. کين عيش کان اجازت ئي نه ملندي هئي جو پنهنجي قوم جا قدم پختا ڪن ها. هنن وڌايو ۽ ڦهلايو پيرن جي هٿرادو ڪرامتن جي شهرت کي. سندن دغابازين کي! هنن جيڪو بدعاتن ۽ بدرواجن جو ٻج ڇٽيو، تنهن جو فصل اڄ اوج تي آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، اتر کان ڏکڻ تائين ۽ اوڀر کان اولهه تائين هزارين بلڪه لکين پير، فقير، ڪرامتن جا مداري ٺڪرن ڀترن وانگرن ملندا.
پيري مريدي اسان جي سرزمين جي ڪنڊ آهي. جيڪڏهن دنيا جو جائزو ورتو وڃي ته فقط وچ آفريڪا ۾ اسان جي پيري مريديءَ سان ملندڙ جلندڙ، جنتر منتر اڇليندڙ حبشي ملندا. هن دور ۾ جڏهن سائنس ۽ سماجي عمل جي تعليم ۾ هر طرف کوجنائون ٿي رهيون آهن، اسان جي مريديءَ جو فعل بلڪل احمقاڻو ۽ جهالت سان ڀرپور نظر اچي ٿو. ان مان اسان جي ڪمزوري، ڀڳل عقيدي، خود اعتماديءَ جي غير حاضري ۽ لامحدود پستيءَ جي پرک پوي ٿي. ظاهر آهي ته اسان لاعلم، ڪم فهم، گيدي ۽ ڏڪڻا آهيون. پنهنجي ڀوَ، سنڪي ۽ وهم جي لاءِ پيرن جا دَرَ پنندا آهيون.
جيڪڏهن اسان سنجيدگيءَ سان غور ڪيون ۽ پنهنجين اوڻاين تي نظر وجهون، ته هوند معلوم ٿي سگهندو، ته اسان جي پستيءَ جهالت، غربت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جا ڪارڻ ڪرامتي پير آهن، جن اسان کي زندگيءَ جي هر موڙ تي، هر دفعي لٽيو آهي، ڦريو آهي. اسان کي جاهل رکي، اسان جي لاعلميءَ جو فائدو ورتو آهي. پير پرستي اسان جي جهالت جو کليل ثبوت آهي.
 
حقيقت چئي اٿس ۔۔۔ جيتوڻيڪ وقت سر ڪي سورهيه سنڌ ۾ پئدا ٿيندا رهيا آهن پر پوءِ به تاريخ جي حوالي سان قوم جي ساٿ نه ملڻ سبب شهيد ٿيا آهن ۔۔۔ پر پوءِ به مجموعي طور محترم امر جليل جي ڳالهه سئو سيڪڙو صحي آهي ۔۔۔
 
سچائي جو اعتراف ڪرڻ لاء همت، دليري ، جرئت ۽ بهادري جي ضرورت آهي۔۔ بزدلن کان ان جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي
 
Back
Top