• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بالي ووڊ جي ٽريجڊڪ ڪوئين

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
بالي ووڊ جي ٽريجڊڪ ڪوئين
بالي ووڊ جي من موهيندڙ اداڪارا ۽ پنهنجي دور جي مشهور هيروئن مينا ڪماري جي اڄ ورسي آهي. مينا ڪماري کي بالي ووڊ جي ٽريجڪ ڪوئين چيو ويندو آهي هند ۾ هن جا مداح سندس سماڌي تي ڏيئا ٻاري ڦول رکي ساروپن جي سمرڻي کي سوريندا پڪ سان سنڌ ۾ به سنڌ ۾ به هن کي ساريو ويندو
ياد اچي ٿو ته مينا ڪماريءَ جي زندگي تي لکيل ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيل آهي. ،سندس ويڳي پٽ شاندار امروهي ڪتاب لکرايو. شاندار امروهي، ڪمال امروهي جي پهرين گهر واري محموديجو پٽ آهي،جڏهن ته مينا ڪماري سان ڪمال جي ٻي شادي هئي. ڪتاب جي ليکڪه رينا راءِ جي ڀيڻ برکا راءِ آهي،جڏهن ته ڪتاب ۾ مينا ڪماري جي زندگي ۾ آيل لاهن چاڙهن،رازن ۽ فلمي ڪيريئر جو ذڪر آهي. ڪتاب جي مهورت ممبئي ۾ هڪ شاندار تقريب ذريعي ٿي،هئي جنهن ۾ رضا مراد،برکا راءِ ،شاندار امروهي،بوبي ڊارلنگ،اديتا پنچولي ۽ ارون بخشي بالي ووڊ جي من موهيندڙ اداڪار مينا ڪماري کي ڀرپور لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي هئي ايئن اڄ به ٽريجڊڪ ڪوئين کي ساريو ويندو.
 
مينا ڪماري ان وقت جي انهن اداڪارائن مان هئي جن دلين تي راڄ ڪيو ٿي۔
 
Back
Top