• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻولي جو ڍونگ رچائيندڙ سنڌي اديبن سان گڏ اديبائون به شامل ٿي ويون.

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
1981ع ۾ جڏهن يونيورسٽين کان دوست پنهنجي اباڻي شهر لاڙڪاڻي ساه سيباڻي ورندا هئا ۽ لاڙڪاڻي ۾ انڊس بوڪ اسٽور( هينئر اتي کهاوڙ جو هوٽل ۽ خاص دخل آهي) تي گڏجاڻيون ڪندا هياسين جتي بهترين خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي۔ انهن ڏينهنَ ۾ ڪجه اديب ۽ اديبائون مشهور ٿيا ( ڪرايا ويا) انهن تي جڏهن تنقيد ڪئي سين ته دوستن جي ڏاڍيون ڏکيون ڪؤڙيون موٽون مليون، جن ۾ عوامي تحريڪ جو ڊاڪٽر مرتضيٰ مرحوم هي جهان ڇڏي ويو پر نه جو نه ڳالهايائين۔ پروفيسر سندرداس خوبچنداڻي، انجنيئر عبدالوحيد راڄپر، صحافي ذوالفقار راڄپر، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو ، ڊاڪٽر امبرت راءِ للڙي ڪارڙا، آنجهاني ڪيلاش ، آنجهاني گهنشام داس ڪامريڊ ڪريم بلوچ، ڪامريڊ استاد مرحوم غلام علي سومرو، بشير احمد منگي، جاويد شاه ( هٽلر شاه) ڳوٺ بخش جتوئي جا صوفي جتوئي برادران ۽ ڪئي ٻيا انيڪ املهـ سڄڻَ ، اسان ٻن مون ۽ انڊس بوڪ اسٽور جي مالڪ سيٺ خادم حسين سرهيو کي ٻه لفظ چئي چپ ڪرائيندا هيا ته اوهان رجعت پسند آهيو۔ اسانجو موقف اهو هيو ته هنن اديبن کي وَجهـ نه ٿو ملي جي ملي ويو ته هي دير نه ڪندا۔ ڪالهـ اهائي سنڌي ٻوليءَ جي علمبردار نورالهديٰ شاه هڪ دهشتگرد سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي دشمن هٿان قسم کنيو آهي۔
پر هاڻي ته ايترو به يقين ٿي ويو آهي جي ان ٻن ڏينهن جي وزارت لاءِ اياز پليجي کي آفر ڏني وڃي ته هو به دير نه ڪندو ۽ انهي دهشتگرد جي هٿان قسم کڻڻ لاءِ تيار هوندو۔
 
72895_641496759201056_742312962_n.jpg
ادا رضوان صاحب توهان جو خيال يا تجربو پنهنجي جڳهه تي درست آهي، مگر ادا نورالهديٰ شاه (سنڌي ادب جو وڏو نانءُ نورالهدى شاههننڍي کنڊ جي مشهور ۽ معروف ڊرامه نگار نورالهديٰ شاهه جو جنم پڪي قلعي حيدرآباد ۾ 22 جولاءِ 1957 ۾ ٿيو. سندس ننڍپڻ لاهور ۾ گذريو. لکڻ جي شروعات نورالهديٰ شاهه عربيءَ جي نالي سان روزانه ”جنگ“ ۽ هفتيوار ”اخبار جهان“ کان ڪيائين. سنڌيءَ ۾ لکڻ جي ابتدا روزانه ”هلال پاڪستان“ جي سگهڙين سٿ کان ڪيائين. ڊرامه نگاريءَ جي فيلڊ ۾ تمام گهڻي مڃتا ماڻيائين. اڄ نيٽ ورڪ تي سندس ڊرامن کي نهايت چاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.”ڪربلا“، ”جلاوطن“، رڻ ۽ رڃ جو اتهاس سندس ڪهاڻين جا مجموعا آهن، جڏهن ته ”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ“ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي. جيڪو نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران 1992 ۾ شايع ٿيو. نورالهديٰ شاهه جو نظماڻي نثر لاءِ نصير مرزا جي راءِ آهي ته ”نور، نثري نظم ۾ لفظن، تشبيهن ۽ ترڪين سان آرٽ Creat ڪرڻ ۾، پنهنجو پاڻ کي انهن عورتن ۾ بيد مشڪ جي وڻ جيان ظاهر ڪيو آهي. سندس لفظن جي اهڃاڻن ۽ استعارن جا پيٽرن ۽ شاعراڻي ترڪيب جا ڍنگ، نظمن جي سٽن کان ٻاهر به پنهنجو حسن ۽ Expression رکن ٿا ۽ نور جون ترڪيبون نثري نظمن کان ٻاهر به ٽانڊاڻن جو ٽمڪو ڏيکارين ٿيون.ثريا سنڌي :ستر واري ڏهاڪي ۾ شاعريءَ جي ميدان ۾ هيءُ ستارو ڏاڍي آب و تاب سان ادب جي آسمان تي چمڪيو. سياستدانن جي سرزمين لاڙڪاڻي جي ئي هڪڙي سياستدان گهراڻي سان سندس تعلق هئو. ثريا جو جنم، قاضي فضل الله جي ڀاڻج ۽ پٽيلي جي گهر ۾ 1952 ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد، مختلف هنڌن تي مسيحائيءَ جا فرض ادا ڪرڻ بعد، هن وقت ڪراچيءَ جي لياري جنرل اسپتال م آر ايم او آهي. سندس سگهاري قلم هٿان جنم وٺندڙ نظم ”چماٽ“، وقت جي لحاظ کان چڱي مقبوليت حاصل ڪئي. سياست ۾ شاگرديءَ واري دور ۾ دلچسپي رکندڙ ثريا لکڻ جي ابتدا اديونءَ کان ڪئي، ان بعد اڳتي قدم سوجهرو ۽ هلال پاڪستان جي سگهڙين جي سٿ لاءِ به لکيو. شاعريءَ سان گڏ سنڌي ادب کي سٺين ڪهاڻين سان به مالا مال ڪيو اٿئين. صاحبه جو ڪردار بذات خد ڪو ايترو خراب ناهي رهيو جنهن تي اسان ويهي تنقيد ڪريون۔ باقي ادا جيڪڏهن انهن جاين تي به وري ڪرپٽ ماڻهون اچن ان کان ته بهتر اهيو آهي ته اهڙا ماڻهون اچن۔بشڪريه ڊيلي مهراڻ ) صاحبه جو ڪردار ڪو اهڙو خراب ڪونهي۔ ۽ منهنجي خيال ۾ اسان جي ملڪ جي اهم عهدن تي اهڙا ماڻهون هجڻ گهرجن ورنه توهان هي قول ته ٻڌو هوندو ته جنهن جو مفهوم هي آهي ته اگر نيڪ ۽ ايماندار ماڻهون سياست ۽ اقتدار کان پري رهندا ته انهن جي جڳهه تي اهي ئي ماڻهون ايندا جيڪي ايماندار نه هوندا ( جن پورا پنج سال عوام جو رت پيتو آهي )۔ادا منهنجو هڪ دوست چوندو هو ته (سوئر جو شڪار ڪرڻ لاء ڪتن جو ساٿ وٺڻو پوندو آهي۔) سو ادا صفائي ڪرڻ لاء گند جي ويجهو ته اچڻو ئي پوندو۔ باقي ادا مون کي پاڻ سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته اسان جا ماڻهون جنهن سياستدان (اقتدار ۾ آيل ) کي پنج سال گاريون ڏيندا آهن ۽ پوء وري ووٽ به ان کي ڏيندا آهن الائي ڇو؟۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا ان ۾ انهن سياستدانن جو گهٽ پر اسان ( عوام) جو وڌيڪ ڏوهه آهي۔۔۔۔۔ ادا رضوان جمالي صاحب باقي ته اسان جي معاشري ۾ گهٽي گھٽي ۾ چور آهي۔ پٽيوالي کان وٺي ملڪ جي آخري منصب تائين۔ جنهن جي عڪاسي انڊين هڪ فلم گلي گلي چور هي ۾ تمام سهڻي نموني ٿيل آهي۔ ڪڏهن توهان کي ( سنڌ سلامت جي سڀني سڄڻن کي ) موقعو ملي ته ضرور ڏسندا۔ باقي ادا اسان جي ملڪ کي بهبقول شيخ رشيد صاحب ته هڪ نه پر چار خمينن جي ضرورت آهي۔مهرباني۔

184148_4566220919077_1012424005_n.jpg
261390_10150290444970960_2052597_n.jpg
156834_178813705478552_7981864_n.jpg
34521_139145349445388_2487753_n.jpg
25256_116194348407155_520944_n.jpg
20269_1365901746637_817004_n.jpg
 
سائين ممتاز وگهيو صاحب اوهانجو هڪ هڪ اکر املهـ موتي داڻو۔ اوهان ڄاڻ ۽ تصويرون ونڊ ڪيون اهي به پنهنجو ملهـ پاڻ آهي۔ پر هڪ ايمانداريءَ سان ڳالهـ ته ٻڌايو جي ڪو اسان پارو اهڙو ڪم ڪري ته اسان رجعت پسند ۽ غدار آهيون باقي هي جن جي قول ۽ فعل ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي انهن لاءِ سڀ جائز آهي۔
 
رضوان سائين اوهان سان سهمت آهيان ۔۔۔جنهن کي جيترو موقعو ملي ٿو، جڏهن به موقعو ملي ٿو اهو ڪم لاهي ٿو ڇڏي، مونکي ته مهتاب اڪبر راشدي تي به حيرت ٿي جنهن کي ان ڏينهن آرٽس ڪائونسل ۾ اسٽيج تي سڏايو ويو ته سندس تعارف باغي ليکڪا ۽ باغي ڪردار طور ڪيو ويو، هن الائي ڪڏهن ۽ ڪٿي بغاوت ڪئي ۔۔۔۔؟؟؟؟

ڪيترائي آهن جن اسان جا ادارا ختم ڪري ڇڏيا پر پوء به هو اسان لاء سدائين محترم رهندا۔ محترمه نورالهدا شاهه اسان لاء گهڻي عزت واري آهي پر هوء ڏيڍ مهيني لاء ڪرسي قبولي مقبوليت وڃائي رهي آهي۔
 
مهتاب اڪبر راشدي 3 مارچ 1947ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر نئون ديرو ۾ محمد عيسيٰ چنا جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو بدر النساءِ آهي. .... 1963ع ۾ هن حيدرآباد ۾ مئٽرڪ، 1967 ۾ بي اي سيڪنڊ پوزيشن، 1969ع ۾ ايم اي (سياست) ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪرڻ بعد 1978ع ۾ پرڏيهي يونيورسٽي آف مساچسٽس آمريڪا مان به ايم اي (سياست) ۾ پاس ڪئي. هن ان کان پهرين 1971ع ۾ بي ايڊ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي.۔۔۔۔۔ ۔ مهتاب اڪبر راشدي۔26 فيبروري 1981ع تي هن راشدي خاندان جي سيد اڪبر حسين
راشدي سان شادي ڪئي. ان بعد هن پنهنجو نالو مهتاب اڪبر راشدي رکيو ۽ مهتاب اڪبر راشدي ٿيڻ کان پوء مهتاب اڪبر راشدي ٿيڻ جو به ته فائدو ورتو آهي، ۽ هميشه پير صاحب پاڳاري پنهنجن ماڻهن کي وڏين عهدن تي سيٽ ڪرايو آهي، اهڙي ريت ته سنڌ جو نالي وارو عالم اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب به پير صاحب جي تعاون سان هميشه وڏن عهدن تي ڪم ڪيو آهي، ۽ ڊاڪٽر صاحب پير صاحب جو مريد هو ۽ اڄڪلهه مريد ٿيڻ مان دنياوي فائدا مڙئي گهڻا آهن۔ جن جي ڪري مرشدن جي دڪانداري به هلي پئي۔( ان ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڊاڪٽر صاحب ڪو قابل ماڻهون نه هو ۽ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب تي وڏو ڪم ڪيو آهي، مگر سندس قابليت سان گڏ پير صاحب جي آشيرواد جو به ڪمال آهي۔ مگر ادا انهن اديبن کي به ته اسان ئي ايترو مٿي چاڙيندا آهيون۔۽ جيئن ٻين شعبن ۾ اڪثريت ڪرپٽ ماڻهن جي آهي اهڙي ريت هن ( ادب واري شعبي ) ۾ به اڪثريت ڪرپٽ ماڻهن جي آهي، مگر ڪجهه اهڙا ماڻهون آهن جن سان فڪري اختلاف ته ڪري سگهجي ٿو، جنهن جو هر ڪنهن کي حق آهي مگر اهي ڪرپٽ نه آهن۽ اهي تمام ٿورا ماڻهون آهن۔ مون انهن لاء چيو آهي ته انهن کي سياست ۾ اچڻ گهرجي۔ هميشه سامهون بيٺل ماڻهن مان جيڪو گهٽ ڪرپٽ هجي ان جي چونڊ ڪرڻ گهرجي، باقي ته ادا اڄڪلهه ادب به ڪرپشن ڪرڻ واري منزل تي پهچڻ جي هڪ ڏاڪڻ آهي۔۽ اسان جا ڪيترائي نالي وارا اديب آهن جن ادارو جو خانو خراب ڪري ۽ پنهنجا اڪائونٽ ڀريا آهن۔شاعري کي ڇڏي ڪري اگر ڏسنداسين ته اسان جي موجوده سنڌي ٻولي جو وڏو شاعر شيخ اياز صاحب به ڪردار جو ڪو چڱو نظر ڪو نه ٿو اچي۔ ( جنهن جي ثبوت لاء سندس ئي آتم ڪهاڻيون پڙهي ڏسو) شيخ اياز هڪ تڪبر ۽ هٺ ڪندڙ پاڻ کي معتبر سمجهندڙ ۽ ٻين کي نيچ سمجهندڙ ماڻهون هو، جنهن جو ذڪر خير سندس دوستن جي حلقي ۾ ملي ٿو، ۽ سندس لکڻين مان به ملي ٿو۔ سچ وڏو ڏوهاري آ۔ سو ادا اهي تمام گهٽ ماڻهو توهان کي ملندا جن جو قول ۽ فعل برابر هجي۔
images

images
 
Back
Top