ڪافي صديون پهرين لبنان ۾ هڪ رحمدل بادشاهه هوندو هو، جيڪو رعايا جو بيحد خيال رکندو هو، رات جي پيٽ ۾ هو سادي لباس ۾ شهر اندر پاڻ گهمي ڦري ڏسندو هو ته رعايا جا ڪهڙا حال آهن۔ الغرض سندس دور ۾ رعايا تمام گهڻي خوشحال هئي ۽ بادشاهه منجهان بيحد خوش هئي۔ هڪ ڏينهن چهل قدمي ڪندي هن جو گذر پنهنجي ملڪ جي جيل جي ٻاهران ٿيو۔ سپاهي هڪ چور کي اندر وٺي پئي ويا۔ بادشاهه سوچيو ته جيل کان ٻاهريان ته ڏاڍو گهميو آهيان، اڄ جيل جي اندر موجود ماڻهن جو به حال وٺي وٺان۔ سپاهين ڏٺو ته بادشاهه کي سڃاڻي سندس جي لاءِ ادب ۾ جهڪي ويا۔ بادشاهه انهن کي ڏسيو ته مان جيل جو معائنو ڪرڻ چاهيان ٿو، ان تي سپاهي کيس ادب سان جيل ۾ اندر وٺي آيا۔ بادشاهه جي اچڻ جو ٻڌي سمورا قيدي سندس چوڌار جمع ٿي ويا، بادشاهه واري واري سان سڀني کان حال پڇڻ لڳو، هڪ قيدي کي ضعيف ڏسي بادشاهه ان کان پڇيو ته تون اتي ڪهڙي جرم ۾ آيو آهين؟۔ ان وراڻيو: ”بادشاهه سلامت! مان بيڏوهي آهيان، سڄي عمر ڪو ڏوهه ڪونه ڪيو اٿم، منهنجي مٿان چوريءَ جو الزام آهي“۔ بادشاهه ٻئي قيدي کان پڇيو ته ان به اهڙا ئي لفظ چيا ته بادشاهه صاحب ! مان ڪو ڏوهه نه ڪيو آهي، توهان جا سپاهي مون کي هروڀرو هتي وٺي آيا آهن۔ مون سان ظلم ٿيو آهي۔ الغرض سڀني قيدين اهو ئي سور پٽيو ته سائين اسان بيگناهه آهيون جيل ۾ هروڀرو موجود آهيون۔ ان وچ ۾ بادشاهه جي نظر هڪ قيدي تي پئي جيڪو الڳ ٿلڳ ۽ ٿوڙو پري اداس ويٺل هئو۔ بادشاهه سپاهين کي چيو ته ان قيدي کي هيڏانهن وٺي اچو۔ اهو قيدي تمام شرمنده لڳي رهيو هو۔ بادشاهه ان کي مخاطب ٿيندي چيو: ”جوان ! تون هن جيل ۾ ڪهڙي ڏوهه تحت آيو آهين ۽ ڇو الڳ ٿلڳ ويٺو آهين“۔ ان قيدي روئندي چيو: ” بادشاهه سلامت مان بيحد گناهه گار آهيان، منهنجي ڏوهه مون کي ان قابل نه ڇڏيو آهي ته مان ڪنهن کي منهن ڏيکاري سگهان“ بادشاهه چيو ”قيدي ! ٻڌاءِ ته سهي تون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي۔“۔ قيدي جوان چيو: ”سائين مان شريف هئس، تمام ايمانداري واري زندگي گذاريندو هئس، الائي ڇو هڪ ڏينهن شيطان منهنجي دل ۾ گهر ڪري ڇڏيو ۽ مان هڪ چوري ڪري ويٺس ۽ پڪڙجي به پيس۔ ايئن اوهان جي سپاهين مون کي جيل جي حوالي ڪري ڇڏيو“ بادشاهه ڪجهه سوچڻ بعد قيدي کي مخاطب ٿيندي چيو: ” هي سڀ قيدي سڀ بي گناهه آهن ۽ تون هڪ ڏوهاري آهين، تو جهڙي ڏوهاري کي هنن بي گناهن سان گڏ نه رکڻ گهرجي، مان نه ٿو چاهيان ته تنهنجي صحبت ۾ هي به گناهه گار ٿين، ان ڪري مان اڄ توکي جيل کان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيان ٿو“ اهو چئي بادشاهه ان قيدي کي رها ڪري پاڻ به هليو ويو۔ ڪجهه عرصي بعد بادشاهه جو وري به جيل اچڻ ٿيو۔ هن ڀيري سڀني قيدين بادشاهه کي پنهنجا پنهنجا ڏوهه تفصيل سان ٻڌايا۔ بادشاهه انهن جو ڳالهيون ٻڌي مسڪرائيندو رهيو، پر هن ڀيري بادشاهه ڪنهن کي به آزاد نه ڪيو ۽ واپس هليو ويو۔ اهو ڏسي قيدي ڏاڍا پريشان ٿيا۔ انهن بادشاهه جي وزيرکان پڇيو ته ”هي ڇا قصو آهي جو پوئين ڀيري هڪ قيدي پنهنجي ڏوهن جو اعتراف ڪيو ته بادشاهه ان قيدي کي آزاد ڪيو ۽ هن ڀيري اسان سڀني ڏوهن جو اعتراف ڪيو ته به اسان کي آزاد نه ڪيائين؟“ بادشاهه جو وزير تمام گهڻو عقل مند هو ۽ بادشاهه جي مزاج کي سمجهي به پيو، ان سڀني کي چيو ته : ”بادشاهه پوئين ڀيري ان قيدي کي ان ڪري آزاد ڪيو ڇو جو ان شخص پنهنجي گناهن جو اعتراف آزاديءَ جي لالچ ۾ نه، پر ندامت ۾ ڪيو هو ۽ توهان سڀني پهرين آزاديءَ جي لالچ ۾ پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهايو ۽ هن دفعي اعتراف به ان لالچ ۾ڪيو آهي ته متان بادشاهه اسان کي ڇڏي ڏئي، پر اوهان جي اهڙي اعتراف جو ڪو به فائدو ناهي۔“
نهايت سبق آموز ۽ عبرت انگيز ڪهاڻي...اگر حقيقي زندگي ۾ به اسان ڏوهه ڪري ندامت محسوس ڪريون، شرمسار ٿيون ته ڪيڏو نه ڀلو ٿيي..الله پاڪ دلين جو حال ڄاڻي ٿو..ٿي سگهي ٿو اسان جي گناهن جي بخشش به ٿي وڃي..
تمام سٺي ۽ سبق آموز ڪهاڻي، ڪاش اسان پنهجي گناهن تي حقيقي نموني پشيمان ٿيون ۔۔۔ ۽ اسان کي اهڙا حڪمران به ملن جيڪي سچ کي سمجهن ۽ پاڻ به سچائيء تي هلن۔