سنڌ مان سنڌين جي آزادي جو پوري ريت خاتمو ڪرڻ کان پوء مرزا شاهه حسن ارغون، مڪر ۽ فريب جي ذريعي باغي سنڌين کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،هن سوچيو ته ساموئي شهر جا اهي ماڻهو ،جي ساموئي تي ارغون قبضي کان پوء ڪڇ ڏانهن لڏي ويا آهن،اتي رهي پيا آهن،تن کي پنهنجو ڪرڻ گهرجي،نه ته اهي سدائين ارغون حڪومت لئه خطري جو سبب بڻبا رهندا۔۔۔۔ انهن ماڻهن ۾ ڄام کنگهار نالي سمن جو چڱو مڙس به هو،جنهن جو ڏهڪاء سنڌ ۽ ڪڇ ۾ مشهور هو هو وڏو دلير،باهمت ۽ وطن دوست انسان هو،هن ڪڇ ۾ رهي جاڙيجن ۽ سوڍن سان ملي،دشمنن سان مقابلي جون تياريون پي ڪيون،اهي حالتون جانچي مرزا شاهه حسن ڄام کنگهار کي هيٺيون خط لکيو۔۔۔ تو کي خبر آهي ته ڪافي وقت کان اسان تنهنجي ڀائرن جي ملڪ تي قبضو ڪري چڪا آهيون،اسان هي ملڪ فتح ڪيو آهي،۽ ان کي گند ڪچري کان صاف پاڪ ڪري ڇڏيو آهي،هاڻي تنهنجي لئه مناسب آهي ته ڪڇ جا بهترين گهوڙا جن جي مشهوري ٻڌي وڃي ٿي،اسان جي لئه وٺي اچ ۽ اسان کان نوڪريون ۽ عهدا حاصل ڪر ۽ پنهنجي ملڪ ۾ آرام سان اچي رهه،اسان جي پاڙي ۾ رهي تون پنهنجي ناداني ۽ غفلت جي ڪري،اسان جي برابري ۽ هڪجهڙائي جا جيڪي خيال رکين ٿو،تن کي پنهنجي دل مان ڪڍي ڇڏ،جيڪڏهن تو کي اسان جي عطاعت ۽ فرمانبداري منظور هجي ته تنهنجي لئه مناسب آهي ته قيمتي تحفن سان گڏ پنهنجي گذريل ڪوتاهين ۽ ڏوهن تي لکت ۾ معافي وٺي،اسان جي قدم بوسي جي سعادت حاصل ڪر۔اهڙي صورت ۾ هن ملڪ کي پنهنجو اباڻو ملڪ سمجهي امن جي جڳهه تصور ڪر،جيڪڏهن نه ته پوء ياد رک،اسان جو ارادو احمد آباد ۽ گجرات ڏانهن آهي،اسان جڏهن اوڏانهن ويندا سين،تڏهن تنهنجي واٽ وٺي ويندا سين ۽ تڪبر جي اها هوا جيڪا تنهنجي دماغ ۾ ويٺل آهي،سا ڪڍي ڇڏيندا سين۔۔ جڏهن هي خط جنهن ۾ ڌمڪي ۽ نرمي ٻئي موجود هيون،ڄام کنگهار کي پهتو تڏهن هن ارغون فاتح کي جيڪو جواب ڏنو سو آزادي جي تاريخ ۾ قومي غيرت ۽ آزاد پسندي جو بي مثال پروانو آهي، ڄام لکيو۔۔۔ اسان جابلو ماڻهو پٿر وانگر آهيون،اسان پنهنجي عزت ۽ ناموس جي حفاظت چڱي نموني ڪري ڄاڻون ٿا،اسان پنهنجي معمولي روزيء تي قناعت ڪريو ويٺا آهيون اسان وٽ ايتري دولت ناهي جو گهوڙا ۽ قيمتي جنسون پنهنجي ملڪ مان حاصل ڪري تنهنجي لئه موڪليون اسان جي گذران جي صورت هيء آهي جو اسان ڪن بکين اگهاڙن راجپوتن کي سنڌ ۽ گجرات موڪليندا آهيون اهي تلوار جي زور سان جيڪي ڪجهه ڦري آڻين ٿا، ان تي اسان جو گذارو آهي،ان حالت کان پوء به جيڪو شخص پنهنجي ننگ ۽ ناموس جي شيشي کي هن پٿر سان چڪنا چور ڪرڻ چاهي پنهنجي شيشي کي هن سنگ خار تي اڇلائڻ گهري ۽ پنهنجو مال دولت هنن بکين اگهاڙن جي حوالي ڪرڻ جي خواهش ڪري ته پوء سندس مرضي۔۔ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي جي ڳالهه ٿيندي جو خدا تعالئ ان جي روزي ان جي گهر موڪلي ڏئي اسان تنهنجي اچڻ جا منتظر آهيون۔۔۔ انهيء خط جي لهجي ( جنهن ۾ پوري ادبي طنز موجود آهي) مرزا کي مڇرائي وڌو،۽ هو هڪدم لشڪر وٺي ڄام کنگهار تي ڪاهي ويو،ڄام جي سپاهين ۽ ساٿين ارغونن جي بي پناهه فوج سان کليل جنگ وڙهڻ نامناسب سمجهي مڪمل ڇاپامار جنگ شروع ڪئي،سنڌي سپاهي رات جو لڪي مرزا جي لشڪر تي راتاها هڻندا هئا،جيڪي کوهه ۽ تلاء شاهه حسن جي رستي ۾ ايندا هئا تن ۾ مئل جانور ۽ ٿوهر وجهي پاڻيء کي زهريلو ۽ ناقابل استعمال بڻائي وري جبلن ۾ لڪي ويندا هئا،مرزا شهه حسن انهن مصيبتن مان بيزار ٿي گجرات ۽ احمد آباد جي فتح جو ارادو بدلائي ،ڄام کنگهار جي سپاهين سان نالي ماتر ٺاهه ڪري واپس موٽي آيو،ڄام کنگهار ان کان پوء به خاموش ٿي نه ويٺو مسلسل وڙهندو رهيو۔۔۔پر ان کان پوء جي حوالي سان تاريخ خاموش آهي۔۔۔۔۔
سنڌ جي مزاحمتي اڳواڻن، لڙاڪو ۽ سرواڻ سنڌين بابت سائين آريسر صاحب تمام سٺو لکيو آهي۔ لک ٿورا اوهان جي اهڙي شيئرنگ تي اوهان کي جس هجي۔