• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سلسلو۔سنڌ جا سورهي۔۔ڄام هيبت خان۔۔۔۔04

باغي عليم

سينيئر رڪن
ٽلٽي ء جي جنگ آزادي کان پوء سنڌ جي آزادي جي لئه سنڌين ٻي ويڙهه ارغون لشڪر سان جهالار جي ميدان ۾ مچائي۔انهيء ويڙهه ۾ سنڌين جي لشڪر جي اڳيئين حصي جي اڳواڻي ڄام هيبت خان ڪئي،ڄام هيبت خان ڄام صلاح الدين جو پُٽ،سلطان مظفر گجراتي جو ناٺي ۽ سنڌ جي خوبصورت حاڪم ڄام سنجر جو پڙپوٽو هو،
گجرات جي حاڪمن سان سنڌ جي سمن جي سڱاوندي آڳاٽي هئي،هي ٻئي خاندان اصل ۾ راجپوت هئا،جيڪي پوء مسلمان ٿيا،فرق رڳو هي آهي ته سمان چندر ونسي راجپوت ۽ گجرات جا حاڪم سورج ونسي راجپوت هئا۔۔۔
پهريون سمون حاڪم ڄام جوڻو هو،جنهن مظفريه بادشاهن سان مٽيء مائٽي وارو رستو اختيار ڪيو،ڄام جوڻي جي هڪ ڌي ء سان گجرات جي حاڪم محمد شاهه شادي ڪئي،انهيء مائي پيٽان گجرات جو ناميارو حاڪم محمود بيگڙو پيدا ٿيو،انهيء بادشاهه پنهنجي والده جي يادگار طور ننگر ۾ هڪڙي مسجد ٺهرائي،جنهن جا آثار اڃان موجود آهن
( بلڪه اها مسجد مڪمل ۽ صحيح ثابت آهي،)انهيء شادي کان پوء گجرات ۽ سنڌ جا حاڪم پيا هڪ ٻئي سان سڱاونديون ڪندا هئا۔جڏهن به ڪو سنڌي ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿيندو هو ته گجرات هليو ويندو هو۔
جنگ جهالار جي محرڪ ڄام صلاح الدين جي ڀيڻ گجرات جي شاهي خاندان ۾ پرڻيل هئي،۽ سندس پٽ هيبت خان يا فتح خان جي گهر ۾ گجرات جي بادشاهه جي ڌيء هئي۔۔
نوجوان هيبت خان انتهائي بهادر دلير ۽ محب وطن هو،جنگ جهالار ۾ جڏهن جنگ لئه صفن جي ترتيب شروع ڪئي وئي ته کيس مُهاڙي دستي جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو،انهيء جنگ ۾ هو انتهائي بهادري دليري ۽ حب الوطني سان وڙهندي شهيد ٿي ويو۔۔اها جنگ 1520 ع ۾ لڳي۔۔۔
 
تمام سهڻي معلومات ونڊ ڪرڻ لاء مهرباني۔ اميد ته آ ته اهڙيون ئي ونڊون ونڊيندا رهندا۔ توهان جي محنت کي سلام پيش آ۔۔۔۔
 
تمام سٺو سائين۔۔۔

اوهان سچ ته سنڌ جي تاريخ وري پيا ورجايو ۔۔۔ سنڌ جي شهيد بهادر اڳواڻن کي سلام
 
Back
Top