• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيف الله پاران سلام

سيف الله ڀٽو

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم

سنڌ سلامت جي سٿ کي واڌايون جن تمام سٺو ڪم ڪيو آهي۔ جيتوڻيڪ مان سنڌ سلامت جا سڀ سيڪشن ناهن گهميا پر جيڪو ڪجهه سليمان وساڻ ذريعي ڏٺم اهو لاجواب لڳو۔

آءُ سيف الله ڀٽو ، سچل ڳوٺ ڪراچيء ۾ رهائش آهي۔ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم هينڊز HANDS ۾ ڪم ڪيان پيو۔

سنڌ سلامت جي انتظامي ٽيم کي جس ڏيندس جن هيڏا سٺا پراجيڪٽ ٺاهيا آهن۔ هڪ صلاح آهي ته سنڌ جي هن قيمتي فورم جي پروجيڪشن ٿيڻ گهرجي جيئن وڌ کان وڌ سنڌي ان مان لاڀ حاصل ڪن۔

آء آخر ۾ وري به سنڌ سلامت جي ٽيم کي انهن جي محنتن کي ڏسي ڪري تمام گهڻو داد ڏيندس۔

جزاڪ الله
 
وعليڪم السلام !
ادا ڀلي ڪري آيا ! آوهان جي آمد اسان لا خوشي جو باعث آهي ۔ اميد ته ڦيرو ڀريندا رهندا ۽ پنهنجي لکڻين ذريعي اسان سڀني کي مستفيد ڪندا ، والسلام
 
اسلام عليڪم

سنڌ سلامت جي سٿ کي واڌايون جن تمام سٺو ڪم ڪيو آهي۔ جيتوڻيڪ مان سنڌ سلامت جا سڀ سيڪشن ناهن گهميا پر جيڪو ڪجهه سليمان وساڻ ذريعي ڏٺم اهو لاجواب لڳو۔

آءُ سيف الله ڀٽو ، سچل ڳوٺ ڪراچيء ۾ رهائش آهي۔ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم هينڊز HANDS ۾ ڪم ڪيان پيو۔

سنڌ سلامت جي انتظامي ٽيم کي جس ڏيندس جن هيڏا سٺا پراجيڪٽ ٺاهيا آهن۔ هڪ صلاح آهي ته سنڌ جي هن قيمتي فورم جي پروجيڪشن ٿيڻ گهرجي جيئن وڌ کان وڌ سنڌي ان مان لاڀ حاصل ڪن۔

آء آخر ۾ وري به سنڌ سلامت جي ٽيم کي انهن جي محنتن کي ڏسي ڪري تمام گهڻو داد ڏيندس۔

جزاڪ الله
ادا توهان کي هن محبتي ميلي ۾ ڀليڪار۔۔۔
ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي۔۔۔
 
ادا سيف الله۔۔۔توهان کي سنڌ سلامت جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار۔۔۔:)
اميد ته توهان جو ساٿ هميشه قائم رهندو۔۔
 
وعليڪم سلام

محترم سائين سيف الله کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔ سيف الله ڀٽو صاحب سنڌ سلامت بابت پڇيو ته ڇا هي؟ مون کيس ان وقت ئي سنڌ سلامت کولي ديدار ڪرايو ۽ قرآن ڳولها، سنڌي ويب پيجز ۽ ڪتاب گهر گهمايا ته حيرت ۾ پئجي ويو ته هيڏو وڏو ڪم پيا ڪيو ۔۔۔!!!

خير سائين سيف الله کي ڀليڪار۔ ڪجهه سندس بابت چوندس ته آرائين شڪارپور سان واسطو رکندڙ سيف الله، سچل ڳوٺ ۾ اسان جي انهن دوستن مان آهي جيڪي فيملي ميمبر وانگر آهن۔ هو منهنجو وڏو ڀاء به آهي، ته رهنما به، ته دوست به۔ سدائين ساڻس حجتون به هونديون آهن۔ دل وارو ماڻهو آهي، سدائين مسڪراهٽ، صبر ڪرڻ، خوش اخلاقي ته سندس زيور آهن۔

سگا سچل ڳوٺ ۽ سگا مرڪز ۾ هئو ته هر وقت هن کان ڪجهه نه ڪجهه سکندا رهياسين۔ هاڻي جڏهن کان هينڊز ۾ ويو آهي ته وقت گهٽ ڏئي جو سڄي سنڌ جي واهڻن ۽ وستين ۾ گهمندو ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو رهي۔

سندس لاء دعائون ته سدا مرڪندو رهي۔
 
سڀ کان پهرين هن قربائتي اڱڻ تي ڀليڪار۔۔۔۔ اميد ته اوهان جو ساٿ اسان سان هر پل گڏ هوندو ۽ سنڌ سلامت جي روزانو حاضري يقيني بنائيندا۔ اوهان جيڪا ڪجهه محنت ٿيل ڏٺي ان جو ڪريڊٽ سڀني دوستن ڏانهن وڃي ٿو۔ سڀ دوست سنڌ سلامت ذريعي سنڌي ٻوليء جي چڱي نموني خدمت ڪري رهيا آهن۔
 
Back
Top