رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ڪو جو وريو واء، اڄ ملڪ مليرڏانهن،
ڄڻ آيم اباڻاء، ماڻهو موٽائڻ جو !
آڻي ڪانگ ڏنياس، ڪتابت قريب جي،
پَهو ڪتيندي پَٽ پيس، ڇوهئون تند ڇُٽياس،
ڀيڄئون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چڪ ۾۔
نه سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون،
پسئو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي۔