سياسي جماعتن توڙي سوين آزاد اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سياسي جماعتن توڙي سوين آزاد اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع

    معصوم سنڌي

    ) اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ مختلف سياي پارٽين سان تعلق رکندر توڙي آزاد اميدوارن ڪالهه آخري تاريخ تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، فارم جمع ڪرائيندڙن ۾ سنڌ جا چار اڳوڻا وڏا وزير قائم علي شاهه، غوث علي شاهه، علي محمد مهر ۽ آفتاب شعبان ميراڻي شامل آهن، مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ توڙي آزاد اميدوارن آچر جي ڏينهن آخري تاريخ تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن اڳوڻي وڏي وزير پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر سيد قائم علي شاهه جيلاني صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر پي ايس 29 تي سندس نياڻي ۽ اڳوڻي ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلانيءَ وڏي جلوس جي شڪل ۾ ڪورٽ ۾ پهچي نامزدگي فارم جمع ڪرايو جڏهن ته (ن) ليگ سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه وڏي جلوس جي شڪل ۾ ڪورٽ پهچي صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر پي ايس 29 ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ نمبر 215 تي پنهنجو نامزدگي فارم جمع ڪرايو جڏهن ته فنڪشنل مسلم ليگ سان تعلق رکندڙ پير پاڳاري جي فرزند سيد عمر مصطفيٰ شاهه راشدي، فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي صدر پير سيد صدرالدين شاهه راشدي، طاهر امتياز ڦلپوٽو ۽ مشهور صنعتڪار ديدار علي جتوئي مختلف قومي ۽ صوبائي تڪن تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا جڏهن ته آزاد اميدوارن طور مبين خان ڦلپوٽو ۽ شير محمد ڦلپوٽو پڻ پي ايس 29 ۽ اين اي 215 تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا. هوڏانهن سکر ۾ پيپلز پارٽي پاران نعمان اسلام شيخ اين اي 198، نصر الله بلوچ ۽ آغا محسن پي ايس ون، انور مهر ۽ ناصر حسين شاهه پي ايس 2، اسلم شيخ پي ايس 4 تي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، فنڪشنل ليگ پاران سردار زاهد حسين شاهه پي ايس 4، انيل ڀٽي، اين اي 198 ۽ پي ايس ون، عبدالرحيم بنڌاڻي پي ايس ون، علي گل مهر پي ايس 3، آزاد اميدوار مولانا عبيد الله ڀٽو پي ايس 2 تي چونڊ وڙهڻ لاءِ جلوسن جي صورت ۾ ٽريننگ آفيس پهچي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، ٻئي پاسي گهوٽڪي جي مهر ڀائرن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا،تازو فنڪشنل ليگ ۾شامل ٿيندڙ ۽ مهرن سان مقابلي ڪرڻ جو اعلان ڪندڙ فياض لنڊ فارم جمع نه ڪرايو، سردار علي گوهر خان مهر تڪ اين اي 201 ،علي نواز عرف راجا خان مهر پي ايس 6 گهوٽڪي،چيف سردار محمد خان مهر پي ايس 8 خانڳڙه ،اڳوڻي وڏي وزير علي محمد خان مهراين اي 201 ۽ پي ايس 6 گهوٽڪي،حاجي خان مهر به پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا جڏهن ته مهرن سان اين اي 201 جي تڪ تي مقابلي جو اعلان ڪندڙ لنڊ ڀائرن مان فياض احمد لنڊ پنهنجو نامزدگي فارم جمع نه ڪرايو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ مير بابر لنڊ پ پ جي نامزد اميدوار محمد بخش خان مهر جي مقابلي ۾ پنهنجو فارم جمع ڪرايو اهڙي طرح حاجي خان مهر،پ پ ش ڀ جي جلال بوزدار،سردار فياض احمد لنڊ جي ڀاءُ مير نادر لنڊ، ق ليگ جي اڳواڻ ڊاڪٽر غلام رضا چنه،سيد محسن شاه، ايس ٽي پي جي اڳواڻ خالد لاکو،احسان ڪولاچي، امان الله ڀٽوسميت ٻين به پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا، هوڏانهن اڳوڻي وڏي وزير علي محمد مهر فارم جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته اميدوار پنهنجي تڪن تي اليڪشن وڙهڻ بجاءِ ٻين تڪن تي مداخلت ڪري رهيا آهن جنهن لاءِ هو سڌري پنهنجي تڪن ڏانهن هليا وڃن ٻي صورت ۾ ائين نه ٿئي جو اليڪشن لاءِ کين ووٽر ۽ ايجنٽ به نه ملي سگهنداهوڏانهن مهرن ڀائرن سان مقابلي لاءِ ڪو به مضبوط اميدوار سامهون اچي ناهي سگهيو جڏهن ته پ پ قيادت جي دٻاءُ بعد فياض احمد لنڊ پنهنجو نامزدگي فارم جمع نه ڪرايو ٻي طرف مهر ڀائرن جي مقابلي ۾ پ پ اڳواڻن ۽ ڌاريجا ڀائرن ڄام سيف الله ۽ سندس ننڍي ڀاءُ اڳواڻي ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو پهريان به پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي مهرن سان مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاريجا ڀائرن پنو عاقل جي مهر برادري جا ووٽ وٺن لاءِ مهرن سان سامهون اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ پنهنجا فارم جمع ڪرايا آهن ۽ مهر برادري جا ووٽ ڄام سيف الله کي ملڻ جي پڪ ملڻ بعد هو اليڪشن وڙهڻ تان دستبردار ٿي سگهن ٿا. ڪشمور ضلعي جي مختلف قومي ۽ صوبائي تڪن جي ڪالهه آخري تاريخ تي اين اي 210 تي فنڪشنل مسلم ليگ پاران ميان عبد الخالق ڀرچونڊي، پ پ جي سردار جان خان مزاري، پي ايس 18 تي پ پ اميدوار مير غالب ڊومڪي ۽ سندن جي مقابلي ۾ سردار سليم جان مزاري جي ڀاڻيجي احسان مزاري، پي ايس 17 تي پ پ اميدوار مير عابد خان سندراڻي ۽ سندس مقابلي ۾ جي يو آءِ جي راجا خان بجاراڻي، آزاد اميدوار گل محمد پڻ فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ڳڙهي خيري جي اين اي 208 تي پ پ جي مير اعجازحسين جکراڻي ،ممتازحسين جکراڻي، ازاداميدوارمحمدميان سومرو،بيگم سعيده سومرو،ايم ڪيوايم جي احمدنوازپيچوهو، پي ي آءِ جي علي زيدي ،فنڪشنل جي راجاجکراڻي، ق ليگ جي ذيشان پنهور،بي اين پي جي فقيرمحمد زهري، عزيزابڙو،محمدشعبان،ميوو خان بروهي،عمران ابڙو فارم ڀرايا. جڏهن ته پي ايس 13 تي فنڪشنل ليگ پاران محمدسليم ٿهيم،سيدسعدالله شاه،پ پ جي مير احمدنوازجکراڻي،ميراعجازجکراڻي،ممتازعلي جکراڻي، ق ليگ جي ذيشان پنهور،پي ٽي آءِ جي محمد شرف بليدي، پاڪستان سني تحريڪ جي سيد نوراحمدشاه،نوازليگ اورنگزيب پنهور،سردارسجادبليدي فارم ڀرايا.جڏهن ته پ پ فيڊرڪائونسل جي ميمبر ميرغلام محمد شهلياڻي آزاد اميدوار طور فارم جمع ڪرايو.شڪارپور ۾ نامينيشن فارم جمع ڪرائڻ جي آخري ڏينهن تي پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوارن جن ۾ اين اي 202 تي آفتاب شعبان ميراڻي، پي ايس 11 سٽي شڪارپور تي آغا تيمور خان پٺاڻ، پي ايس 12 خانپور تي پ پ جي ضلعي صدر مير بابل خان ڀيو، پي ايس 12 خانپور تي ارسلان خان پٺاڻ، پي ايس 10 لکي تي مير عابد خان ڀيو، اين اي 202 ۽ پي ايس 11 تي سومرا برادري پاران ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو، دايا اتحاد طرفان شڪارپور جي پي ايس 11 تي جاويد احمد مٺاڻي، اين اي 202 تي خاوند بخش پهوڙ، پي ايس 11 تي سڪينه بلوچ ۽ ٻين اميدوارن فارم جمع ڪرايا، فارم جمع ڪرائڻ کان اڳ پيپلز پارٽي جي اميدوارن آفتاب شعبان ميراڻي، آغا تيمور خان پٺاڻ، مير بابل خان ڀيو، آغا ارسلان پٺاڻ ڀيا هائوس کان هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ ڪورٽ پهتا جتي ڪورٽ ٻاهران سندن شاندار استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته سندن ريلي ۾ پ پ لاڙڪاڻه ڊويزن جو صدر ۽ اڳوڻو صوبائي وزير ۽ پي ايس 9 ڳڙهي ياسين جو اميدوار آغا سراج خان دراني، گل محمد جکراڻي به گڏ هئا، ٻئي پاسي دايا مٺاڻي اتحاد جو اميدوار جاويد احمد مٺاڻي ۽ جماعت اسلامي جو اميدوار ايڊووڪيٽ عبدالقادر ابڙو به جلوس جي شڪل ۾ ڪورٽ پهتا جن نامينيشن فارم جمع ڪرايا.لاڙڪاڻي ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ ڪالهه آخري ڏينهن تي وڏي پئماني تي اميدوارن مختلف تڪن تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا. انهي ۾ ن ليگ جي شفقت حسين انڙ پي ايس 35 ۽ اين اي 205، پ پ پ جي عزيز احمد جتوئي پي ايس 41، الله بخش انڙ پي ايس 41، ق ليگ جي ڪلپنا ديوي پي ايس 36 لاڙڪاڻو، ق ليگ جي بابو سرور سيال اين اي 204 ۽ پي ايس 35، پ پ پ جي اعجاز احمد لغاري پي ايس 37، آزاد اميدوار وسيم ڀٽو پي ايس 37، پ پ پ جي معشوق جتوئي پي ايس 41، نواز ليگ جي ڊاڪٽر روشن پيچوهو پي ايس 41، پ پ پ ج ڳهڻو خان جتوئي پي ايس 36، هاري ڪاميٽي جي اظهر خان جتوئي پي ايس 36، آزاد اميدوار غلام محي الدين مڱڻ پي ايس 35، پ پ پ سٽي جي جنرل سيڪريٽري سيد ديدار علي شاهه پي ايس 36 لاڙڪاڻو، فنڪشنل ليگ جي سرفراز خان ٻگهيو اين اي 205 ۽ پي ايس 35، پ پ پ جي خالد اقبال ميمڻ پي ايس 36، پ پ پ جي سردار الطاف حسين تنيو پي ايس 41، آزاد اميدوار اويس مصطفيٰ سومرو پي ايس 36، ۽ پي ايس 35، نواز ليگ جي امداد چولياڻي پي ايس 41، پيپلز مسلم ليگ جي آغا عبدالنبي مستوئي پي ايس 36، آزاد اميدوار ايڊوڪيٽ شبانا پٺاڻ پي ايس 41، آزاد اميدوار محمد ديدادل غفاري پي ايس 36، پ پ پ جي سردار اسد الله کهڙو پي ايس 37، آزاد اميدوار نور محمد ۽ سڪندر بروهي اين اي 205، پي ايس 41، پي ايس 35، اسلامي تحريڪ جي علامه رياض حسين الحسيني اين اي 204، سيد علي گوهر شاهه اين اي 205، مولانا سعد الله سمون پي ايس 37، رستم حيدر پي ايس 35، منظور جلباڻي پي ايس 41، آزاد اميدوار جاويد مٺاڻي اين اي 204، پي ايس 36، پ پ پ جي خير محمد شيخ اين اي 204، پي ايس 36، مجلس وحدت مسلمين جي سجاد پتافي پي ايس 37، اعجاز علي هالو پي ايس 41، ڪنڀر اتحاد جي ڊاڪٽر غلام فريد ڪنڀر پي ايس 36، بليدي اتحاد جي غلام مصطفيٰ بليدي پي ايس 36، سانگي اتحاد جي طارق حسين سانگي پي ايس 38، ذوالفقار سانگي پي ايس 38، اين اي 207، محبت علي سانگي اين اي 204، پي ايس 41، مجيب الرحمان سانگي پي ايس 36، محمد حسن سانگي پي ايس 35 ۽ ٻيا شامل آهن، هوڏانهن پ پ جي ناراض اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ پ پ کان تازو ناراض ٿي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ نذير احمد شيخ توڙي واپاري ۽ پ پ لاڙڪاڻو ضلعي نائب صدر خيرمحمد شيخ پڻ پي ايس 36 لاڙڪاڻو تي نثار کهڙو سامهون نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن. پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل طرفان صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 129 ۽ پي ايس 130 لاءِ پيرزاده ياسر سائين، پي ايس 130 لاءِ حاجي سعيد گجر ۽ عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ رضوانا حبيب راڄپر پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، سنڌ نيشنل پارٽي طرفان پي ايس 130 لاءِ امير قمبراڻي، پي ايس 125 لاءِ سائين بخش بنگلاڻي ۽ پي ايس 126 لاءِ رمضان بليدي پڻ نامزدگي فارم جمع ڪرايا. کپرو اين اي 235 ۽ پي ايس 80 تي فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر صدر الدين راشدي اين اي 235 تي فارم جمع ڪرايو، جڏهن ته فنڪشنل ليگ اڳواڻن قاضي شمس راڄڙ ، قاضي فرحان راڄڙ، اسماعيل درس، ن ليگ پاران رئيس اعجاز رند تحريڪ انصاف جي امان الله هاليپوٽي ۽ ٻين فارم جمع ڪرايا.هوڏانهن حيدرآباد ۾ مختلف سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا. جنهن تحت پ پ جي اميدوارن ۾ امير علي شاهه ڄاموٽ اين اي 221، مير شير محمد پي ايس 50، زاهد ڀرڳڙي اين اي 221 ۽ پي ايس 47، پير امجد شاهه جيلاني پي ايس 50، محمد رحيم شورو پي ايس 50، سيد علي حسين شاهه پي ايس 50. پختونخواهه عوامي ملي پارٽي جي اميدوارن ۾ سمير احمد پي ايس 49، زميندار شاهه اين اي 219، آزاد اميدوارن ۾ ويرو ڪولهڻ پي ايس 50، عبداللطيف ابڙو پي ايس 47، هادي بخش جتوئي پي ايس 47 ، مير حيدر ٽالپر پي ايس 50، سنڌ نيشنل پارٽي جي اشرف نوناري پي ايس 47، پ پ شهيد ڀٽو جي اميدوارن ۾ مجيد سيال پي ايس 47، وزير کوکر پي ايس 45، نيشنل پيپلزپارٽي جي محمد وسيم راجپوت اين اي 221 ۽ پي ايس 47، ايم ڪيو ايم جي زبير خانزادي اين اي219، پروفيسر ظفر اين اي 219،فرزانه سعيد اين اي 220، ڪنور نويد پي ايس 45، سني تحريڪ جي عابد قادري پي ايس 46،رضا قادري اين اي 220، محمد علي سهتو پي ايس 47، ملڪ تميزالدين اين اي 221، علامه غلام حسين اين اي 219، نعيم قريشي پي ايس 48، سيد ڪامران علي پي ايس 49، وقار حسين عطاري پي ايس 50، (ق) ليگ جي ستار کوسو پي ايس 47، تسنيم زهره پي ايس 48 ، ڊاڪٽر علي زيب پي ايس 46، جي يو پي جي حسين بخش پي ايس 45 ۽ 46، ناظم علي آرائين اين اي 220، تحريڪ انصاف جي عثمان ڪينيڊي پي ايس 45، (ن) ليگ جي شفقت صديقي پي ايس 46، جماعت اسلامي جي شيخ شوڪت علي اين اي 219، رضوان احمد گدي اين اي 219، طاهر محمد راجپوت اين اي 220، عبدلوحيد قريشي پي ايس 45 ۽ 46، اخلاق لوڌي پي ايس 45، ڊاڪٽر سيف الرحمان پي ايس 49،حفيظ الله سميت ٻين ڪيترن ئي اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪير به انهن مان سنڌ جو سڄڻ ڪونهي۔۔ڪير به اليڪٽ ٿي اچي پر سنڌ جا سور ساڳيا ئي رهندا۔۔اميد ته سٺي آهي پر رڍن اڳيان رباب وڄائڻ مان ڪجهه ڪين ورندو۔۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اپ ڊيٽ پوزيشن درست آهي ادا توهان جي

    شڪارپور ۾ نامينيشن فارم جمع ڪرائڻ وقت مان انهن سان گڏ هوس

    لاجواب ونڊ اهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو