ڏنگي ۽ ڀنڊار تي هڪ دفعو ٻيهر هٿياربند پهچي ويا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي هڪ دفعو ٻيهر هٿياربند پهچي ويا

    ابراهيم حيدري لڳ سمنڊ ۾ موجود ٻن تاريخي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ جي وڪري بعد ڪالهه اڻڄاتل هٿياربند هڪ دفعو ٻيهر ٻيٽن تي پهچي ويا، ٻيٽن تي موجود مهاڻن جون جهڳيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون ۽ مقامي مهاڻن کي بيدخل ڪرڻ بعد ڪئمپون قائم ڪري ورتيون آهن، اهڙي عمل خلاف رهواسين ۽ هٿياربندن وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ اوپرن ماڻهن هٿيارن جي زور تي مقامي ماڻهن کي گهلي ڌڪا ڏئي تذليل ڪندي واپس اچڻ تي سخت نتيجا ڀوڳڻ جو چتاءُ ڏنو. آمريڪي ڪمپني جي مالڪ ٿامس ڪريڪر ۽ پاڪستاني بلڊر ملڪ رياض پاران سامونڊي ٻيٽن کي خريد ڪرڻ واري معاهدي بعد ٻيو ڀيرو هٿياربندن ٻيٽن تي پهچي قبضي جي ڪوشش ڪئي آهي. واضح رهي ته ڪجهه هفتا اڳ ڄاڻايل ٻيٽن تي ساڳيائي اوپرا ماڻهو هٿيارن سميت ٻيٽن تي پهتا هئا جن کي مقامي مهاڻن سخت مزاحمت ڪندي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو ۽ هينئر هڪ ڀيرو ٻيهر باقائده تياري سان ٻيٽن تي پهچي ويا آهن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اتان جي مقامي ماڻهن کي گهرجي ته سمنڊ اندر انهن جو گهيرو تنگ ڪري سمنڊ ۾ ئي مزاحمت ڪري انهن کي سيکت ڏين ته وري ڪڏهن اهڙا ماڻهو اتي وڃڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچڻ تي مجبور ٿي وڃن۔
     
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ڏوهه ناهي گدڙن جو پنهنجي گهر جا ڪتا ڀاڙيا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو