شڪارپور لڳ ٻه معصوم ڀائر پير ترڪڻ سبب بيگاري واهه ۾ ٻڏي فوت، شڪارپور جي علائقي ميان صاحب ٿاڻي جي حد بيگاري واهه ۾ ٻه معصوم ڀائر پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻئي ڀائر واهه جي ڪڙ تي بيٺا هئا ته 7 سالن جو علي حيدر ۽ 5 سالن جو گهنور پٽ نادر علي بنبل ترڪي واهه ۾ ڪري پيا، نتيجي ۾ هو ٻڏي فوت ٿي ويا، 2 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد سندن لاش واهه مان ڪڍيا ويا، جيئن ئي لاش گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو ۽ هر طرف دانهون ۽ ڪوڪون پئجي ويون ۽ سندن والدين کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.