• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صدر آصف زرداري بلاول کي پرچائڻ ۾ ناڪام

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
صدر آصف زرداري بلاول کي پرچائڻ ۾ ناڪام
بلاول پ پ جي چونڊ مهم ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو
آصفا کي چونڊ مهم ۾ شامل ڪرڻ تي غور

شهيد بينظير ڀٽو جو موڀي پٽ ۽ پ پ جو سرپرست اعلى بلاول ڀٽو زرداري سندس ڪجھه ڏنل نالن کي نوڪريون ڏيڻ کان انڪار ۽ سندس خواهش موجب ڪجھ تڪن تي ٽڪيٽون نه ڏيڻ واري معاملي تي ڪاوڙجي چونڊ مهم جو بائيڪاٽ ڪري دبئي هليو وڃڻ وارو معاملو ميڊيا ۾ اچڻ بعد صدر آصف زرداري گذريل ڏينهن کيس پرچائڻ لاءِ دبئي ويو هو جتي ذريعن جي اطلاعن موجب هن پنهنجي پٽ کي سمجھائڻ لاءِ سنڌ ۾ سکر سميت مختلف تڪن تي پيدا پارٽي اڳواڻن ۾ پيدا ٿيل اختلافن جا مثال ڏيندي چيو ته هو نٿو چاهي ته بلاول اٿندي ئي تضاد جو شڪار ٿئي.ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري پيءُ جي دليلن مان مطمئن نه ٿيو ۽ ڪنهن به صورت ۾ ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي چونڊ مهم جي قيادت نه ڪندو ۽ هو پنهنجي ان فيصلي تي هر صورت ۾ قائم رهندو. ذريعن موجب صدر زرداري بلاول جي اهڙي فيصلي کان مايوس ۽ نااميد ٿي واپس ڪراچي روانو ٿي ويو آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته صدر زرداري بلاول جي اهڙي فيصلي بعد ڌيءَ آصفا ڀٽو زرداري کي چونڊ مهم ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ هن دبئي ۽ جهاز مان ڪجھه ويجھن ساٿين سان رابطا پڻ ڪيا آهن.
 
ادا جت اسان جي سوچ ختم ٿيندي آهي اتان سياستدانن جي سوچ شروع ٿيندي آهي۔ ٿئي سگهي ٿو ته ان ۾ به ڪا سياسي چال هجي۔ ۽ هڪ نئون ڍونگ هجي۔ باقي الله بهتر ٿو ڄاڻي۔
 
Back
Top