سنڌين جي قدمن هيٺيان کسڪندڙ سنڌ۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ باغي عليم طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2013۔

  1. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    21 مارچ تي سنڌ جي 31هين وزيراعلي جناب زاهد قربان علوي صاحب حلف کڻي پنهنجي وڏ وزارت سنڀالي ورتي آهي. هن جي وزيراعليٰ ٿيڻ سان سنڌ ۾ اهو پهريون دفعو ٿيو آهي جو، گورنر ۽ وزيراعلٰيٰ نان سنڌي آهن. ڏهن ڏينهن کانپوءِ، سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ جي گورنر پنهنجي صلاح مصلحت سان ڪالهه ڇنڇر ڏينهن 17 رڪني ڪابينا کان حلف کڻايو آهي. ان ۾ 12 نان سنڌي ۽ 5 سنڌي وزير کنيا ويا آهن. اهو به سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي. ان ڪري ٻه ڏاڪا سمجهڻ گهرجن ته ان قسم جا ڪم ڪرڻ سان ظاهري طور اها ڳالهه هضم ڪرائي ويندي ته اڄ کانپوءِ، سنڌ جي حاڪميت تي ڪهڙي به ٻولي جا ماڻهو، سياستدان، واپاري، آفيسر ڪابينا ۾ کنيا ويندا ته سنڌ ۾ ان تي ڪڏهن به اعتراض نه واريو ويندو.
    اڄ ، 28 اپريل 1937ع تي آزاد سنڌ جي پهرين وزيراعليٰ غلام حسين هدايت الله جو روح به رنجيو هوندو، اڄ ان کانپوءِ آيل وڏن وزيرن شهيد الله بخش سومرو، مير بندئه علي خان ٽالپر، سيد عبدالله شاهه ۽ اهم سياسي رهنمائن پير صبغت الله شاهه راشدي، جناب ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، محترمه بينظير ڀٽو ، فاضل راهو ۽ ٻين جي روحن کي رانبوٽا پيا هوندا، انهن جي روحن کي رهڙون آيون هونديون، اهي عالم ارواح ۾ ڇرڪ ڀري پنهنجي ڌرتي ماءُ سان ٿيندڙ ويڌن تي پريشان ٿيا هوندا. سنڌ جنهن مان سمورن ولين ۽ رشين کي ٿڌڙي هير ايندي هئي، تنهن سنڌ ڌرتيءَ سان اهڙي ويڌن جي ڪنهن جسم ۽ ڪنهن روح به سوچ نه ڪئي هئي. اها سنڌ اڄ سنڌين جي هوندي ، انهن جي قدمن هيٺان کسڪندي پئي وڃي. ان سموري عمل جون مبارڪون ڪنهن کي ڏجن؟ اهي سڀ ڪم ڪنهن ڪيا آهن؟ اهي سڀ ڪم ڇو ٿيا آهن؟ سنڌ جي ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ جي اجازت اهڙن ڪمن لاءِ ڪانهي ته پوءِ هي سنڌ سان اهو سڀ ڪجهه ڪير پيو ڪري؟
    آئون هن سڄي معاملي تي سمجهان ٿي ته سنڌي عوام کي ان باري ۾ ڪانه ڪا ڳالهه سوچڻ گهرجي. پاڪستان م رهڻ نه ڏوهه آهي نه اسان ڪي ڏوهه ڪيا آهن. پر سنڌ کي بنگلاديش بنائڻ يا بلوچستان ٺاهڻ پٺيان مقصد ڪهڙا آهن؟ اوهان جي سمورن عملن جو تاثير جنرل پرويز مشرف وارو ڇو بيهي ٿو جنهن چيو هيو ته ” سنڌي نااهل آهن“ . اوهان جي سموري غيرجانبداري سنڌين خلاف جانبداري جي صورت ۾ ظاهر ڇو ٿي ٿئي؟ اوهان سنڌين کي ڇا سمجهي ايئن ڪري رهيا آهيو؟
    اڄ سنڌ، سنڌين جي سمورين پارٽين کان پُڇي رهي آهي. اڄ پاڪستان پيپلزپارٽي کي جواب ڏيڻو آهي. اڄ فنڪشنل ليگ کي جواب ڏيڻو آهي. اڄ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ رسول بخش پليجي کي جواب ڏيڻو آهي. اڄ ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي ۽ امداد حسيني کي جواب ڏيڻو آهي. اڄ ” سانا“ جي ليڊرن کي جواب ڏيڻو آهي. اڄ آصف علي زرداري، سيد خورشيد شاهه، قائم علي شاهه، نفيسه شاهه، سسئي پليجو، شازيه مري ۽ تاج حيدر کي جواب ڏيڻو آهي. اڄ ايندڙ چونڊن ۾ بيهندڙ هر پارٽي توڙي آزاد اميدوارن کي جواب ڏيڻو آهي ته ” اهي سنڌ ڌرتيءَ لاءِ ڇا سوچي رهيا آهن“؟ هڪڙو جواب ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڏيڻو آهي. اهو جواب سنڌ جي انهن وڏيرن ، سردارن ۽ جاگيردارن کي به ڏيڻو آهي ته اهي سنڌ جي باري ۾ پنهنجي ڪهڙي راءِ رکن ٿا؟ ان جو جواب سنڌ جي هارين، مزدورن، مڊل ڪلاس، ليکڪن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي ڏيڻو آهي. ان جواب جو انتظار سنڌي ماڻهو گهڻو وقت نه ڪري سگهندا.
    ساره زمان / لنڊن
    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
    صدا حسين، نثارابڙو ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو