مرزا شاهه حسن ارغون اٽڪل 34 سال سنڌين جي ويڙهه کي منهن ڏيندي 1555 ع ۾ بنا ڪنهن نرينا اولاد جي مري ويو،سندس موت کان پوء انهيء ساڳي سال سنڌ جي سياسي تقسيم ٿي،جنهن موجب سيوهڻ کان مٿي وارو پرڳڻو ارغونن جي هڪ پراڻي نمڪخوار سلطان محمود پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ سيوهڻ کان هيٺ واري حصي جو مالڪ مرزا عيسا خان ترخان بڻيو۔۔ مرزا عيسا جي حياتي ۾ ئي سندس پٽن مرزا صالح،مرزا باقي،۽ مرزا جان بابا ۾ اختلاف ٿي پيا۔مرزا صالح پڻس جي ڪمزوري جو فائدو وٺي اقتدار ۽ اختيار جو مالڪ بنجي ويو،مرزا صالح جي ڪميڻپ ۽ ڪٺورتا کان ڊڄي مرزا جان بابا پنهنجي ناناڻن سميجن ۾ وڃي ويهي رهيو،مرزا باقي چاچڪان پرڳڻو ٽپي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو۔انهيء سفر ۾ مرزا باقي پنهنجي نوڪر قاضي خميسي سان گڏ بيشمار تڪليفون ڏٺيون،ايتري قدر جو هڪ دفعي انهن ڪتي جي اُلٽي مان نڪتل چانور به کاڌا،نيٺ مرزا باقي ڄام کنگهار جي ڌيء سان شادي ڪري ان جي مدد سان بکر پهتو۔۔ هاڻي سنڌ جي هن خطي جي بدنصيب ماڻهن جي تقدير جو مالڪ جو۽ مختيار مرزا صالح ڪهڙو ڪٺور ،ڪميڻو،ظالم،خردماغ ۽ سڌڙيو بڻجي ويو،هن سنڌي عوام تي طرحين طرحين جا ظلم ڪيا،،ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪرڻ،قيد ۾ وجهڻ،۽ هر خوبصورت ڇوڪري کي پنهنجي حرم ۾ رکڻ جو شوق هو،انهيء جنون ۾ هن هڪ سنڌي خاندان جي ڪن فردن کي قتل ڪيو،ڪن کي جيل ۾ وڌو،هن اهو ان ڪري ڪيو جو هن خاندان پنهنجي ڇوڪري جو سڱ کيس ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو۔۔ مريد جت انهي ستايل خاندان جو فرد هو۔جنهن وقت اهو دردناڪ واقعو ٿيو،ان وقت مريد واپار سانگي گجرات ويل هو،هن کي اتي اها خبر پئي ته مرزا صالح سندس خاندان سان ڪهڙي ويڌن ڪئي آهي،اها خبر ٻڌڻ شرط هو پنهنجو سمورو ڪم اڌ ۾ ڇڏي هڪدم ٺٽي پهتو،ٺٽي پهچڻ کان پوء واري حالت تاريخ طاهري ۾ هن ريت لکيل آهي۔۔ مريد جت مرزا صالح سان سخت دشمني ۽ وير رکڻ شروع ڪيو هو کلم کلا پنهنجي قبيلي ۾ چوندو وتندو هو ته جيستائين آئون مرزا صالح کي ڀريل درٻار ۾ قتل نه ڪندس ان وقت تائين مٿي تي پٽڪو نه ٻڌندس ،انهيء ڌن ۾ هو شهر جي هر گهٽي ۽ چونڪ هر محلي ۽ بازار ۾ چرين وانگر چاقوء کي روهيء تي تکو ڪري چوندو هو۔۔اي چاقو تون ڪم ڪندين يا نه؟؟ اي دل تون مضبوط ٿجان توکان موقعي تي بي دلي ۽ بزدلي جو مظاهرو نه ٿيڻ کپي۔ڇو ته تنهنجي ئي ڏڍ تي مون هي معرڪو پنهنجي ذمي کنيو آهي۔۔۔سمورا شهري ۽ سپاهي سندس هي ڳالهيون ٻڌي کيس چريو پيا چوندا هئا،،ٻار تماشو ڏسڻ لئه هن جي پويان پيا ڊوڙندا هئا،هو جيڪي ڪجهه چوندو هو اتي بيٺل ننڍو وڏو پيو دهرائيندو هو،ماڻهو کيس سورنهن آنا مريد مست سمجهندا هئا۔۔ انهيء ڳولا دوران هن کي هڪ ڏينهن موقعو ملي ويو،ٿيو هينئن جو عين ان وقت جنهن وقت مرزا صالح سوار ٿي پنهنجي محل ڏانهن وڃي رهيو هو ته اوچتو مريد مست ڇريء کي ڪاغذ ۾ ويڙهي فرياد فرياد ڪندو مرزا صالح ڏانهن وڌڻ لڳو،مرزا جا چوبدار سندس درخواست وٺڻ لئه هن ڏانهن وڌيا،ليڪن هن اهو ڪاغذ ڏيڻ کان انڪار ڪيو،۽ چوڻ لڳو هي ڪاغذ آئون پاڻ مرزا جي خدمت ۾ پيش ڪندس،۽ ڪجهه ڳالهيون روبرو سمجهائيندس،نيٺ مرزا صالح حڪم ڪيو ته ان فريادي کي اچڻ ڏيو،جيئن هو پنهنجو درد پاڻ بيان ڪري سگهي،ان بهاني سان جڏهن هو غيرتمند سنڌي مرزا جي ويجهو پهتو،تڏهن ڪاغذ ۾ ويڙهيل ڇري ڪڍي ۔ڏند ڪرٽي پنهنجي پوري سگهه ۽ طاقت سان مرزا جي پيٽ ۾ هڻي ڪڍيائين جنهن سان مرزا صالح جا آنڊا ٻاهر نڪري آيا،اهو لقاء ڏسندي مرزا جي چوبدارن مريد کي شهيد ڪري ڇڏيو،مرزا صالح تڏي تي مري ويو،مريد جي جسم تي بيشمار گهاء هئا،۽ سندس جسم ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو،سندس غيرتمند رت مادر وطن جي سيني کي رنگين بڻائي ڇڏيو،سندس هي شعر لاڙ ۾ مشهور آهي۔۔ گهگهيليء جي گار تان ڪريان محشاري گهاء مرزا صالح ماريان ٻي نه ڪريان ڪاء۔۔۔ سندس شهادت ڇنڇر جي ڏينهن 23 شعبان 970 هه ۾ ٿي۔۔۔۔۔
اهي به انسان جي ننگن تان نثار ٿيا ۔۔۔ سلام آهي مريد مست کي جنهن پنهنجي خاندان ۽ پنهنجن ننگن تان پنهنجي جان نثار ڪئي ۔۔۔
سنڌ جا اهڙا جوڌا سدا امر رهندا۔ ڪاش هن دور ۾ به ڪي اهڙا اچن ۽ اسان کي به سڌو ڪن ۽ سنڌ کي غلامن مان آزادي ڏيارن۔ تمام سٺو جو اوهان آريسر صاحب جي ڪتاب کي ڪمپوز ڪري پيش ڪري رهيا آهيو۔ سڀ ليک محفوظ ڪجو، آخر ۾ هن کي ڪتابي شڪل ڏئي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪنداسين۔