اسلام عليڪم دوستو۔ گوگل دنيا جي مشهور ڪمپني آهي، جنهن جون ڪيترون شاخون يا سروسون هلي رهيون آهن جنهن ۾ گوگل پلس، جي ميل، گوگل سرچ يا ڳولا وغيره وغيره آهن۔ تازو ئي گوگل وارا پنهنجي هڪ نئين سروس شروع ڪري رهيا آهن جنهن جو نالو آهي گوگل نوز پاڻ سنڌي ۾ جنهن کي نڪ چئون۔ هن نئي سروس جي ته وڌيڪ تڏهن خبر پئي جڏهن هو باقائدا شروع ٿئي۔ هن سروس ۾ اسين سونگهي ڪري ڪا شي سرچ ڪري سگهون ٿا۔ هن وقت اها صرف بيٽا ٽيسٽنگ لائي استعمال ٿي رهي آهي۔ هن نئي سروس جي وڌيڪ معلومات لائي هتي ڪلڪ ڪريو
گوگل وارا به اپريل فول پيا ملهائن نوجوانن سونگهي سونگهي نڪ ئي سُڄائي ڇڏيا۔۔ ڪجهه هجي ته ڪم به ڪري يا سمجهه ۾ به اچي۔۔۔
هائو ادا مون گوگل نوز سروس جي وڌيڪ تحقيق ڪئي ته خبر ته گوگل وارن اسان سان اپريل فول ملهايو آهي۔ اهڙا سروس هنن ڪابه شروع نه ڪئي آئي بس رگو اپريل فول ملهايو آهي۔
ڏاڍو تعجب ٿئي ٿو جڏهن خبر پئي آ ته گوگل جهڙو دنيا جو سڀ کان وڏو سرچ انجڻ هلائيندڙ ادارو به اپريل ڦوُل جهڙو ڏينهن ملهائي پوُري دنيا جي ماڻهن کي بيوقوُف بڻائي رهيا آهن۔ شايد انهن کي خبر ناهي ته ايئن اگر هڪ دفعو ڪنهن جو اعتبار ختم ٿيو ته واپس برقرار رکڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي۔
مون ويب تي اها نيوز پڙهڻ ساڻ سمجهي ورتو هو ته اها خبر اپريل فول کان سواءِ ڪجهه به ناهي۔۔ هن ڀيري وڏن وڏن ادارن اپريل فول ملهايو آهي۔۔