هڪ سوال سڄي سنگت کان

'مختلف موضوع' فورم ۾ نويد احمد ڪلوڙ طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2013۔

  1. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    اميد ته سڄي سنگت خوش هوندي۔
    سوال1۔ قيد ۽ غلامي ۾ ڇا فرق آهي؟
    سوال2۔ سنڌ قيد آهي يا غلام؟

    جيڪڏهن قيد آهي ته آزادي ڪيئن ماڻي سگهجي ٿي۔
    جيڪڏهن غلام آهي ته غلامي مان ڇوٽڪاري جي واٽ

    سدائين گڏ
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادا تنهنجا سوال انتهائي منجهائيندڙ آهن
    جيڏا تنهنجا سوال وڏا جواب به وڏا ئي ڏيندا
    اسان کي انتظار رهندو جواب پڙهڻ جو
    باقي پاڻ کان قصو زور آهي ڀورا ڀاء۔۔۔
     
  3. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    ادا عليم ڪجهه ته ڪوشش ڪريو جاني پاڻ ڪوشش نه ڪنداسين ته ٻيو ڪير ڪندو؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادا اهو تمام وڏو سوال آهي ان تي اسان جا ننڍڙا ذهن
    جواب ڏيڻ کان قاصر آهن۔۔۔۔۔۔۔معافي جو طلبگار مٺڙا
     
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا۔۔۔ڏاڍا سٺا سوال پُڇيا اٿوَ۔۔۔ڪوشش ڪريان ٿو پنهنجي ٿوري علم باوجود جواب ڏئي سگهان۔۔
    سوال1۔ قيد ۽ غلامي ۾ ڇا فرق آهي؟
    قيد ۽ غلامي بّظاهر هڪ ئي حالت ڏانهن اشارو ڪن ٿا۔۔ مطلب ته جبري طور تي انسان کي پابند ڪرڻ، ان کان اهي ڪم ڪرائڻ جيڪي کيس نه چاهيندي به ڪرڻا پون۔ فرق: منهنجي خيال موجب قيد جون حدون هونديون آهن۔۔چاهي ذهني هجي يا جسماني پر غلامي جي ڪا حد ناهي۔۔ٻين لفّظن ۾ ايئن کڻي سمجهجي ته قيد غلامي جو هيٺيون درجو آهي۔

    سوال2۔ سنڌ قيد آهي يا غلام۔۔؟
    سنڌ غلام آهي۔۔۔ڇوٽڪاري لا قوم جي هر فرد کي پهرين پنهنجو پاڻ کي سجاڳ ڪرڻو پوندو۔۔
    پر افسوس ۔۔اسان جي قوم اڃا ستل آهي۔۔:(
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا قيد ۽ غلامي ۾ مٿي وضاحت ڪيل فرق مڃڻ ڄوڳو آهي۔ ۔ ۔ ۔قيد ڪنهن سزا ۾ ايندي آهي۔ غلامي قيد به ٿي سگهي ٿي ۽ گڏوگڏ ڪنهن جنگ مان فتح ٿيل يا ڪنهن ڏنڊ عيوض قابو ڪيل فرد جي حالت کي غلامي چئي سگهجي ٿو۔ ۔ ۔

    سنڌ نه قيد آهي نه غلام آهي۔ ۔ ۔ ۔ذهني اوسر جي اُها حد ماڻڻ جي تقاضا آهي جتي اهو چوڻ يا سمجهڻ جي حد تائين به غلط تصور ڪيو وڃي ته سنڌ غلام يا قيد آهي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ادا ممتاز جي ڳاله سان اتفاق رکان ٿو ، باقي واقعي ۾ سنڌ نه ئي غلام آ ۽ نه ئي وري قيد ، اها ته اسان جي سوچ جو اسان سنڌ امڙ کي غلام ٿا چئون ، اگر ڪو چوي ٿو ته سنڌ غلام آ ته ٻڌائي ته اها ڪهڙي حالت ۾ غلام آ ،چوندا آهن ته ڪم پاڻ کان ڪونه پڄي معيار وري گوڏن تي ، سو هتي به ائين اسان ستا پيا آهيون ڪيون سنڌ امڙ لا ڪجھ به ڪون ٿا پو وري چئون ٿا يار ڇا ڪيون غلام آهيون۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. امان الله ڀٽو

    امان الله ڀٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2013
    تحريرون:
    343
    ورتل پسنديدگيون:
    963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پڙهڻ
    ماڳ:
    نئونديرو
    امان الله ڀٽو مهنجو رايو اهو آهي ته سنڌ اسان جي آزاد آهي وڌيڪ ڀائرن جي مرضي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. امان الله ڀٽو

    امان الله ڀٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2013
    تحريرون:
    343
    ورتل پسنديدگيون:
    963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پڙهڻ
    ماڳ:
    نئونديرو
    2414 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    پراڻي دور ۾ غلامي ان کي چيو ويندو هو جڏهن ڌاري قوم حملو ڪري زبردستي قبضو ڪندي هئي۔۔قتل ۽ غارت گري جو بازار گرم ٿيندو هو۔۔مال ۽ ملڪيتون لٽيون وينديون هيون۔۔علم ۽ ادب جا مرڪز تباهه ۽ برباد ڪيا ويندا هئا۔۔عزتون پامال ٿينديون هيون۔۔غلام قوم جا فرد قيدي بنجي حاڪم قوم جي خدمت گُذاري ۾ لڳي ويندا هئا۔۔انصاف،بنيادي حق ،قانون جو استعمال صرف حاڪم قوم جي فردن لا هوندو هو۔۔
    اڄ ان غلامي جو تصور به نٿو ڪري سگهجي۔۔انساني ذهن جي ايتري ته اوسر ٿي چڪي آهي جو هاڻ حاڪم قومون حملو ڪرڻ جي تڪليف ڪو نه ڪن۔۔ ۽ ان جي ضرورت به ڪونهي۔۔اگر بغير حملي جي اهي سڀ مقصد حاصل ٿي سگهن ٿا ته حملو ڪري پاڻ کي وائکو ڇو ڪجي۔۔۔ڪنهن قوم کي غلام بنائڻو آهي ته قتل غارت گري جي به ضرورت ناهي۔۔ بس ان قوم کي علم کان پري ڪري ڇڏيو، ان قوم جي ترقي جا وسيله اهڙي طرح تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو جوکين احساس به نه ٿيي۔۔ان قوم مان ئي اهڙا فرد چونڊيو جيڪي حاڪم قوم جا نمائندا هجن۔۔انهن غدارن جي مدد سان هر اهو ڪم آساني سان پورو ٿيو وڃي جيڪو پراڻي دور ۾ قابض قوم ڪندي هئي۔
    مان سنڌ کي غلام سمجهان ٿو۔۔۔
    دوستن سوال اٿاريو آهي ته سنڌ ڪهڙي حالت ۾ غلام آهي۔۔؟
    ان جي لا گهڻي تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي۔۔ڪجهه سوال پنهنجي ضمير کان پُڇيا وڃن۔۔جواب خود اسان جي اندر مان ظاهر ٿي سامهون اچي ويندا۔۔
    1۔ڇا سنڌ جي هر ماڻهو کي اهي بنيادي حق حاصل آهن جيڪي ترقي يافته قومن کي حاصل آهن۔۔۔؟
    2۔ڇا اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قانون جي اها حڪمراني آهي جيڪا دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ آهي۔۔۔؟
    3۔ڇا اسان جي ٻارن کي سٺي معياري تعليم حاصل ڪرڻ جو بنيادي حق موجود آهي ۔۔۔؟
    4۔ڇا اسان جي سنڌي قوم ۾ اڪثريت جي ذهني پهچ ايتري آهي جو هو صحيح نمائندا چونڊي سگهن۔۔؟
    5۔ڇا اسان جي وڏن شهرن مثال طور ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص وغيره تي سنڌي ماڻهن جو مڪمل ڪنٽرول آهي۔۔؟

    اسان جون نوڪريون، اسان جا واپار، اسان جو پاڻي، اسان جي تعليم، اسان جون زمينون ظاهري طور تي اسان وٽ آهن۔۔پر حقيقت ۾ اهي سڀ وسيله اسان کان کسجي چڪا آهن۔اسان جي قوم غلام آهي۔۔غلامي لا حاڪم يا قابض قوم جو موجود هجڻ ضروري ناهي۔۔اڄ اسان ذهني طور تي غلام بنجي چڪا آهيون۔۔۔افسوس ته اهو آهي جو اسان کي اهو احساس به ناهي ته اسان غلام آهيون۔اسان کي برباد ڪيو ويو آهي۔۔اسان جي سڄي سسٽم کي مفلوج ڪيو ويو آهي۔عام سنڌي ماڻهن کي بک ۽ بدحالي جي اهڙن مسئلن ۾ ڦاسايو ويو آهي جو اهي قومي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جهڙا به نه رهيا آهن۔۔ ۔۔مٿان کان وٺي هيٺين ليول تائين اسان سڀ ان ۾ قصوروار آهيون۔۔اسان جا اهي فرد جيڪي تعليم جي شعبي سان منسلڪ آهن اهي پنهنجي فرض سان ناانصافي ڪري پنهنجي قوم کي برباد ڪري رهيا آهن۔۔جيڪي قانون سان منسلڪ آهن اهي قانون کي لاڳو نه ڪري ساڳي رستي تي هلن پيا۔۔۔ڊاڪٽر، انجينيئر هر پيشي سان واسطو رکندڙ اڪثر پنهنجي قوم سان سچا ناهن۔۔اهي سڀ سنڌ جي بربادي ۾ پنهنجو پنهنجو حصو وجهندا رهيا آهن۔۔۔اسان جي قوم جا ئي وڏيرا، جاگيردار، بزنس مين سڀ سياست جو ويس پائي هميشه غريب عوام کي سنهرا خواب ڏيکاري ڦُريندا ۽ لُٽيندا رهيا آهن۔۔اهي منهنجي نظر ۾ سنڌ جاغدار آهن۔۔۔اسان جا چونڊيل نمائندا جيڪي ايوانن ۾ پهچن ٿا اهي پنهنجي قوم سان سچا هجن ها ته اڄ اسان به خوشحال قوم هجون هان۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو