• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن پهرين اپريل تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن پهرين اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

1 اپريل 1811ع مشهور شاعر خليفي گُل محمد هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
1 اپريل 1879ع شاعر ۽ اسڪالر محمد صديق مسافر جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1881ع اديب ڀڳت کيمچند (مٺي) جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1903ع اسڪالر ڀوڄراڄ ناگراڻي (حيدرآباد / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1918ع تعليمدان، سياستدان ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر سيد غلام مصطفى شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
1 اپريل 1922ع ليکڪ ڀڳوان پشپ (حيدرآباد / بمبئي) جي پيداائش جو ڏينهن آهي.
1 اپريل 1929ع صحافي عمرالدين بيدار جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1930ع شاعر نياز همايوني جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1933ع شاعر امير بخش نظر سنڌي (مورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
1 اپريل 1936ع ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر قدير خان جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1937ع صحافي ناصر بروهي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1937ع ليکڪ ناصر مورائي جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1940ع مشهور آرڪيالاجسٽ احسان ايڇ نديم جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1942ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر بشير احمد شاد (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1943ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر منير احمد چانڊيو (ٻيڙو چانڊيو) جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1947ع ليکڪ ۽ ڪميونسٽ ورڪر ڊاڪٽر بدر اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1952ع ليکڪ، صحافي، تاريخدان، آرڪيالاجسٽ محمد عثمان ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1958ع ليکڪا، شاعره ۽ فيمينسٽ ايڪٽوسٽ عطيه دائود جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1960ع ڪهاڻيڪار اختر ٽانوري (بوزدار وڏا) جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1961ع اسڪالر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1961ع ليکڪ ۽ پبلشر قربان منگي (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1962ع ڪهاڻيڪار رزاق سهتو جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1963ع ليکڪ بشير منگي جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1967ع ليکڪ ابراهيم کرل (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1969ع نامياري ليکڪ، محقق ۽ آرڪيالاجسٽ آصف رضا موريو جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1974ع شاعر امر اقبال (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1975ع شاعر وفا ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي.
1 اپريل 1975ع شاعر، ليکڪ ۽ صحافي واحد پارس هيسباڻي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

1 اپريل 1982ع محقق ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي جو لاڏاڻو ٿيو.


حوالا:
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊِا سنڌيانا
روزانہ ڪاوش
سنڌ سلامت
 
Back
Top