• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بند وسڪي جي بوتل جيان ڇوڪري۔۔حليم باغي۔۔۔۔

باغي عليم

سينيئر رڪن

بند وسڪي جي بوتل جيان ڇوڪري
هو نشن جيئن لهي ٿي حواسن مٿان
ڇائنجي وڃي ٿي ڄڻ سواسن مٿان،
ڄامشوري جي مڌمست شامن هٿان
ڪنهن نه پيتو آ، ڪنهن نه ورتائيو
ها، جتي ٿي سفيدن تي شبنم ڪري
هير ڏاڙهون جي ٻوٽي ٿي ٿڌڙا ڪڍي
ڪن ۾ رابيل کي ڪجهه ٻڌائي ته ٿي
هو پريشان پريشان پرهه جي هوا
يار جي چڳ کي ٿورو اُڏائي ته ٿي
هن هوا جي سڄين چلولاين هٿان
ڪيترا کيپ نيڻن ۾ سهڪن پيا
ڪيترا خواب نيڻن ۾ ڀٽڪن پيا
ڄامشوري جي چنچل ڳلين جي سڏيو
پاڻ نڪري پياسين ٻه پهري ۾ ئي
تنهنجي چُوٽيء جي سڀني وراڪن پٺيان
تنهنجي چهري جي صبحن جي لالي چمڻ
ڪو اڙانگي سفر کان نه گھٻرائيو
جنهن به پيتو هتي جنهن به ورتائيو
ها اوهان جي جواني جي نيارپ ڏسي
بند مکڙيء جيان چپ جي ڪنوارپ ڏسي،
ڪير ناهي ڀليو ڪير ناهي ڌتو،
ها، هتي ڪير آ جنهن کي منهنجي مٺي!
تنهنجي ارڏين ادائن نه ڀنڀلائيو.
ڊيل جيئن پير سوري ۽ توري رکڻ
ڀڻڪندي ڪجھ چوڻ، مشڪندي ڪجھ ڏسڻ
ڪير ڪافر آ جو تو نه تڙپايو
ڄام شوري جي ڪوئل تون آن ڇوڪري،
بند وسڪيء جي بوتل تون آن ڇوڪري
 
هو پريشان پريشان پرهه جي هوا
يار جي چڳ کي ٿورو اُڏائي ته ٿي
هن هوا جي سڄين چلولاين هٿان

حليم باغي جي شاعريء مان تمام سهڻي چونڊ ۔۔۔۔لاجواب شيئرنگ
 
واه واه تمام بهترين سٽون۔ حليم باغي سڏائڻ ڪنهن جي وس آ۔ واقعي به حليم باغي جي شاعري ۾ هڪ عجيب ڪشش موجود آهي۔ جنهن کا ٻڌڻ لاء اهي به آتا هوندا آهن جن جو شاعري سان ڪو شوق ناهي هوندو۔۔۔۔۔
محترم سليمان وساڻ ۽ ٻين واسطيدار دوستن کي گذارش آ ته حليم باغي جي شاعري جو الڳ سيڪشن ٺاهيو وڃي ته بهتر آ۔ وڌيڪ ٻيا دوست به راء ڏين ته بهتر آ۔
 
حليم جو ڪتاب تمام جلد سنڌ سلامت تي ايندو۔۔۔
 
Back
Top