• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روح جو رشتو

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
ڪڏهن ڪڏهن احساس ۽ جذبا ترجماني ڪرڻ ۾ ناڪام ويندا آهن ...

ڪجھہ رشتا اهڙا هوندا آهن، جَن سان رَتُ جو رشتو تہ نہ هوندو آهي، پر انهن کي هڪ نظر ڏسڻ سان ائين لڳندو آهي ڄڻ تہ ازل کانوٺي ڪو روح جو ڳانڍاپو هُجي، سندن جي هڪ مرڪ پوري حياتي سنواري ڇڏيندي آهي.
پر افسوس!
ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي احساسن ۽ جذبن جي وهڪري ۾ ايترو تہ وَهي ويندا آهيون جو حدن کي اورانگڻ جو بہ ان لمحي احساس نہ رهندو آهي، تڏهن ئي شايد احساس ۽ جذبا اسانجي دُرست ترجماني نہ ڪري سگھندا آهن. آءُ اعتراف ٿو ڪريان تہ مان وجود کي ڇرڪائيندڙ ۽ ريزا ريزا ڪندڙ ان ڪشمڪش مان گذريو آهيان، جنهن مونکي پڇتاءَ ۽ شرمساري کانسواءَ ڪجهہ بہ نہ ڏنو. هن شخص سان بظاهر تہ منهنجو ڪو بہ رشتو ناتو نہ آهي، مان هُن جو نہ آهيان ڪجھہ بہ، مگر هو منهنجو سڀ ڪجھہ آهي ڇو تہ پاڻ ملي بہ نه ملياسين...
 
ڇو ته پاڻ ملي به نه ملياسين ۔۔۔۔

ڇا ته سٽون لکيون اٿو ۔۔۔ اوهان جي ڊائريء جا ڪي خوبصورت پنا پيا لڳن ۔۔۔۔۔ سهڻا احساس
 
سندر احساسن جو مجموعو۔۔۔۔۔
ڇا ته ڳاله ڪجي
ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي احساسن ۽ جذبن جي وهڪري ۾ ايترو تہ وَهي ويندا آهيون جو حدن کي اورانگڻ جو بہ ان لمحي احساس نہ رهندو آهي،
 
Back
Top