اڄ ٿورو ڪنڌ ورائي پٺتي ڏسجي ٿو ته ڇا اها سائين جي ايم سيد جي رهبريءَ هيٺ سنڌ جي آجپي لاءِ جهيڙيندڙ قومي تحريڪ وڌيڪ دلڪش، وڻندڙ، انقلابي جذبي سان سرشار ۽ رومانس سان ڀرپور نه هئي جنهن ۾ سنڌ جي اڀرندڙ قومپرستن ۽ دانشورن جي دلين کي سرڪاري سڪا اڃا خريد ڪري نه سگهيا هئا. سنڌ جي گهٽي گهٽي ٻاٻرن ڪنڊن سان سجايل هئڻ جي باوجود سياسي آدرش پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ بهار واري رنگ بسنتي موسم وانگر ڦولارجي رهيا هئا. سرمد سنڌي، شفيع فقير، امير علي سرڪي، ٻيجل سنڌي ۽ سڄڻ سنڌيءَ جي انقلاب، مزاحمت ۽ بغاوت تي ڳاتل قومي گيتن تي سڄي سنڌ منصور وانگر رقص ڪندي هئي ۽ سنڌ جي اديبن جي اڪثريت سرڪاري مٽيون ڀرڻ کان وڌيڪ جيلن ۾ وڃن کي ترجيح ڏيندي هئي؟ ان قومي تضاد ۽ قومي فڪر جي اوسر واري دور ۾ سرجيل ادب اندر جي احساسن کي ايترو ته ڇُهي ويندو هو جو شيخ اياز، استاد بخاري، حليم باغي، حسن مجتبيٰ خاڪي جويي، سرويچ سجاولي، ارڏي اترادي، جمن دربدر، آتش سنڌي، سرڪش سنڌي، راشد مورائي ۽ حاجي ساند کان وٺي عبدالواحد آريسر، علي بابا، ابراهيم جويو، انور پيرزادو، عطا محمد ڀنڀرو، احمد مجتبيٰ راشدي، امر جليل، تاج جويي ۽ جيجي درشهوار سيد تائين ڪيترائي سر جڻهار سنڌ جي ادبي اتهاس جا چنڊ ۽ ستارا بڻجي ويا، باقي جن اديبن رعايتون ۽ مراعتون ورتيون ۽ سندن ڦِسڪڻو روح سرڪاري سڪي تي موهجي پيو اڄ انهن جو لکڻيون بوڪ اسٽالن تي مکيون جهينگاڙين ٿيون پر اهي ڪو کڻي پڙهڻ لاءِ تيار ناهي. مڃئون ٿا ته مادي زندگيءَ جون به ڪي گهرجون هونديون آهن خالي ڪتابن سان ماڻهوءَ جو پيٽ نه ٿو ڀرجي. پر اها به هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته نڪ، دل ۽ دماغ پيٽ کان مٿي آهن. اڄڪلهه جيڪي پينو فقيرن وانگر ڪشتو هٿن ۾ جهلي سرڪاري سڪي تي ڏات وڪرو ڪن ٿا ۽ آدرش نيلام ڪن ٿا اهڙن ويڪائون اديبن ۽ دانشورن کي سچائيءَ جي ساڃاهه، حب الوطني ۽ انڪار جي عظمت جي ڪهڙي خبر؟ ۽ انهن کي ڪهڙي خبر ته ادب جو اتهاس ۽ ماڻهپي جي مهانتا ڇا ٿيندي آهي ۽ ڪهڙين بيقرارين سنڌ جي قومي آجپي جي گلين جا گس بند ڪيا آهن؟؟ اڄ هر طرف وڏي آواز سان واڪ لڳي رهيو آهي، زمين کان وٺي ضمير تائين هر شيءِ وڏي وثوق سان وڪامجي رهي آهي. ادب، فهم ۽ ادراڪ جون بيحد سستيون قيمتون وصول ٿي رهيون آهن ۽ سنڌ جي ادبي ماٺارجي ميري بدن تي آجپي جا خواب ڪنهن ڪنواري ڪويتا جيان تعبير جي هار سينگار کان اڌورا رهجي ويا آهن، خوشامد جي مارڪيٽ ۾ مدارين جيان ڍيٻڪيءَ جي ڍينب ڍينب تي هوڪا هلي رهيا آهن ۽ اهڙي پيهه ۾ ڪنهن شهيد جي بيواهه جون اڻڀيون ڪارايون ڪلپنا جي ڪنگڻ کان محروم آهن. اهڙي ماحول جي قتيل شفائي جو نظم ”خريدارو بتائو ڪيا خريدوگي“ وڌيڪ چٽي ۽ واضح عڪاسي ڪري رهيو آهي. اڄ سنڌي قوم کي وڏي حرفت سان سياسي ڊرامي بازيءَ وسيلي خوشحاليءَ جي آسمان جا ستارا ۽ سبزباغ ڏيکاري طويل انتظاريءَ جي صليب تي چاڙهيو ويو آهي. سنڌ جي وجود کي ذوالفقار آباد رٿا جهڙي ٻرندڙ باهه جي ڄڀيءَ ۾ نسوري بيدرديءَ سان اڇلايو پيو وڃي. ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جو وڪرو ٿي رهيو آهي. سنڌ جي معدني وسيلن تيل، قدرتي گئس، ڪوئلي، گرينائيٽ، جپسم ۽ يورينيم جي ذخيرن جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي، سنڌ جي زرعي سماج واري تصور کي تاراج ڪرڻ لاءِ پنجاب طرفان سنڌو درياهه منجهان وڏن ڊيمن ۽ ڪينال ذريعي پاڻيءَ جي چوري ٿي رهي آهي، ڌاري آبادڪاري پنجابي ۽ پٺاڻ سنڌ جي سرزمين مٿان قابض ٿي رهيا آهن. سنڌ جي جابلو پٽيءَ ۾ خفيه فوجي سرنگهون هنيون وڃن ٿيون. مذهبي انتهاپسنديءَ جو ڊيڍ جنُ لهر هڻندي رتوڇاڻ واري موج ۾ اچي رهيو آهي، سنڌ جي اصلي وارثن ۽ ڌرتيءَ ڌڻين هندو ڀائرن سان زيادتيون زور وٺي ويون آهن. سنڌ جي قومي آجپي لاءِ جدوجهد ڪندڙ قومي ڪارڪنن الاهي بخش مرکنڊ، اسد عرف لبيڪ چانڊيو، صدر الدين ڪولاچي ۽ ڏاڏو ڪولاچيءَ کي گم ۽ گرفتار ڪري سالن جا سال جيلن ۽ ٽارچر سيلن جون اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون سنڌ جي ناميارن قومپرستن اڳواڻن سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي، نور الله تنيي، مظفر ڀٽي، بشير قريشي، ممتاز ڀٽي، سميع الله ڪلهوڙي، اعجاز علي، بلند سولنگي ۽ غزاله بتول صديقيءَ جي بي رحماڻي قتل عام تي سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ انتقام ۽ غصي جي باهه کوري وانگر دُکي رهي آهي پر اڄ سنڌ جو اديب ۽ دانشورن ان ڏکندڙ درد تي نجات جا پها رکڻ بجاءِ خودپرستيءَ جي خول ۾ قومپرستيءَ جي عظيم مقصد کي وساري ويٺو آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ اهڙن هاڃن ۽ انيائن تي اڄ جيڪڏهن ڪو اديب يا دونمبري دانشور خوشامد ۾ کڄي وڃي ٿو ۽ درٻاريت جو مظاهرو ڪندي ڀٽائيءَ جو بيت، اياز جو نظم يا بخاريءَ جو ڏوهڙو ڪنهن ديش دروهيءَ پاغدار کي ارپنا ڪري ٿو ته انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي نالائقي ۽ نااهلي چئجي؟ ائين به ناهي ته اسان وٽ ڪا اديبن ۽ دانشورن جي ڪمي آهي سنڌ جي درد جي تان کي ملهار جي سُرَ ۾ تبديل ڪرڻ جي هام هڻندڙن جي سنڌ ۾ ڪڏهن به کوٽ ناهي رهي. سنڌ جي ماڻهن نه ڪنهن اديب ۽ دانشور کي داد ۽ پذيرائيءَ کان محروم رکيو آهي نه ئي وري انهن ڪنهن سياسي اڳواڻ کي سياسي ٻاڙائيءَ جو شڪار ٿيڻ ڏنو آهي پر باوجود ان جي پلاٽي سياست ۽ ڌنڌوڙي ادب سنڌي قوم کي ڪنهن ڪنڌيءَ لاهي نه سگهيا آهن. ان ڪري هاڻي ڪرسين تي قطارن ۾ ويهاري سنڌي ماڻهن کي مکڻ جون ماڙيون ڏيکاريندڙ سياستڪارن کي ۽ بي مقصد موضوعن تي اٺ جي آني جيڏا ڊگها ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکندڙ اديبن ۽ دانشورن کي نهايت ئي ادب وچان وينتي ڪجي ٿي ته اهي پنهنجي سرگرمين جو جائزو وٺن ته ڪٿي سندن ڏسيل حڪمت ۾ ڪا کوٽ ته نه رهجي وئي آهي؟ جيڪڏهن آجپي جي مزاحمت جو بنڊ هنن جي کڻڻ کان ڳرو آهي ته پوءِ ان جي فوري تقاضا اها آهي ته اهڙن اديبن، دانشورن ۽ سياستڪارن جي دڪانداري هاڻي بند ٿيڻ گهرجي يا انهن کي مڌر انڊيا فلم ضرور ڏسڻ کپي جنهن ۾ اهي نرگس جي مڙس جي ڪردار کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا جيڪو پنهنجي خاندان جي جياپي جو بچاءُ ڪندي ٻنهي ٻانهن کان محروم ٿي وڃي ٿو ڪپيل هٿن سان اهو شخص پنهنجي معصوم ٻارڙن لاءِ ڪمائي نه ٿو سگهي ته رات پيٽ ۾ جهنگ ڏانهن مُنهن ڪري ٿو. اسان جي هاڻوڪن اديبن ۽ دانشورن کي ان کان بهتر ٻيو ڪهڙو مشورو ڏئي سگهجي ٿو. هاڻي سنڌ جي درد جي درمان لاءِ ٺلهيون ۽ سنڍ ڳالهيون، ڪج بحثي، شرا، خالي تقريرون، شعلا بيانيون، اٽڪيون ٻٽڪيون ۽ کوکلا اعلان بند ٿيڻ گهرجن. هاڻي ڳالهه ”ردالي“ کان اڳتي وڌڻ لڳي آهي ان ڪري سنڌ جو نوجوان طبقو جيڪو ثابت قدمي، اتساهه، ولولي، قومي جذبي ۽ بهادريءَ سان قومي جدوجهد ۾ جيلن ۽ ٽارچر سيلن آڏو نه ٿو جهڪي ۽ شهادتن کي پنهنجي منزل ٿو سمجهي ان نوجوان طبقي جو الٽرنيٽ قومي مزاحمت آهي ۽ قومي ڪارڪنن جو ان تي اٽل ٿي بيهڻ اڄوڪي قومي تحريڪ جي سڀ کان وڏي حاصلات آهي باوجود ان جي ڇا سنڌ جي ادب جو اتهاس ويڳاڻپ جو شڪار بڻجي ويو آهي جو انهن قومي ڪارڪنن تي نه ٿو لکيو وڃي؟
محترم سائين عابد بلوچ صاحب اوهان جس لهڻو جو هن راڪاسن جي رات کي چٽو ڪيو اٿو،بلڪل حقيقت بيان ڪئي آهي ،اوهان جا لفظ هر درد رکندڙ جا لفظ آهن،دل جي پڪار آهي ،پر جيئن ته هنن شايد پاڻي ڪڇي ڇڏيو آهي ان ڪري هن قوم کي ڇڏي ۽ ڌارين جي دلالي کي اوليت ڏني آهي ،فقط منفي پاسا ڳولي ۽ بنياد بنائي پنهجي خواهشن جي پوراء لاء ڳاڙهن بنگلن جي دلالي ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو آهي،هو سخت خوفزده آهن ته جيڪر هن قوم جي بابت ڪجه ڳالهائينداسين ته هي سڀ ڪجه کسجي ويندو ۽ اهي سکن جا طالب پوري قوم کي ڏکن جي ور چاڙهڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن، جڏهن ته هي قوم امن سان پنهجي حقن جي ڳاله ڪندي رهي آهي پر ڪنهن به هنن جي سٻاجهڙائپ ۽ معصوميت کي اهميت ڪو نه ڏني رهندو ئي هنن جي ان صنف مان فائدو وٺندي هر پاسي کان جهالت ڏانهن ڌڪيندا رهيا ،۽ ڳجه ڳوه ۾ جبر ۽ عسڪري زور سان گڏ مالي بدحالي ڏئي جدوجهد ڪندڙ اڪثريت کي پنهجو غلام بڻائي آسائشن جي چادر پارائي ڇڏي،قومي غداري کي پنهجي ٻچن جو پيٽ گزر چون ٿا ۽ پنهجي ڌرتي جي سودي کي پنهجي فرضن جص ادائگي ڪوٺين ٿا، پر وري به نا اميد ناهيون،جو اڃا دونهي دکيل آهي ،ڪڏهن ڪڏهن سڙي رک ٿيل به ساڙي رکندي آهي، هر ڪنهن پنهجي تاريخ مرتڪب ڪئي آهي ،اڃآ به پاڻ کي ظاهر ڪندا ٿا هلن ، شايد اڃان به گهڻن جا چولا لهن ۽ وائکا ٿي بيهن،،پوء ئي شايد حق وارا گڏ ٿين،هن دڳ تي ڪُٽي کائڻ وارا مجنون هلي به ڪو نه سگهندا۔ اهيو به بهتر آ ته سويل ئي سڃاڻي ڇڏجن، وڌيڪ ڌڻي کي پارت آ،
سيد سن ۽ سنڌ ٽيئي نعرا نينهن جا۔۔ ادا بلوچ صاحب ايوب کوسو چيو آهي ته ليڊر ڪجهه ويڪائو هوندا قوم سڄي ويڪائو ناهي۔۔۔۔۔ سو اڃان به آهن جوڳيئڙا جهان ۾۔۔
سڀني پرين پيارن جا لک قرب جو اوهان حوصلا افزائي ڪئي۔ ب پرين اسان ناچيز آهيون اسان کي ڪهڙي خبر مڙئي ابتو سبتو لکون ٿا پيا ۔