تمام بهترين صلاح آهي ۔۔۔ توهان جي مشوري تي عمل ڪندي ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ايڊيٽر جي ٽول بار ۾ اهڙو عربي فونٽ رکيو ويو آهي جيڪو تقريبن هر ڪمپيوٽر ۾ موجود ٿي سگهي ٿو۔۔۔ بس ڪابه قرآني آيت لکو ۽ ان کي سليڪٽ ڪري فونٽ ٽول بار مان Traditional Arabic فونٽ سليڪٽ ڪريو۔۔۔
باقي اردو جي لاءِ في الحال Tahoma فونٽ سليڪٽ ڪريو۔۔۔۔
دوستن کي وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته سنڌي لکائي لاءِ ڊيفالٽ طور MB Sindhi Web فونٽ رکيل آهي پر جيڪڏهن ڪير چاهي تي فونٽ ٽولبار استعمال ڪندي MB Lateefi فونٽ پڻ استعمال ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔
![]()
سائين عبدالرشيد جن کي ؓگذارش آهي ته اهو عربڪ فونٽ به بهتر آهي ليڪن المصحف فونٽ به اپلاء جي سهولت مهيا ڪيو جو اهو سڌو سئون عربڪ ڪاپي پيسٽ کي سپورٽ ڪري ٿو۔
المصحف ۽ سليم پي ڊي ايف قرآن فونٽ به تمام سٺا آهن. پر ”المصحف“ ۾ ڪي خاميون آهن، بلڪ جيڪڏهن قرآني آيتن لاءِ ”محمدي قرآن“ کي ڊيفالٽ بنايو وڃي ته وڌيڪ بهتر رهندو. باقي عربيءَ جي ٻين عبارتن لاءِ ”المصحف“ يا ”سليم قرآن“ کي ڊيفالٽ بنايو وڃي.