دوستو مون وٽ سامسنگ گليڪسي وائي ڊيوز (Samsung Galaxy Y Duos) سيٽ آهي۔۔ اڄ ڪلهه موڪل تي ڳوٺ ۾ آيل آهيان ۽ سيٽ منفرد ڏسي ڪافي هجائتا دوست ۽ عزيز سيٽ سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندا رهندا آهن۔۔ انهي ڇيڙ ڇاڙ ۾ مون طرفان لڳايل پيٽرن لاڪ سيٽ کي مسلسل غلط ان لاڪ ڪرڻ جي ڪوشش دوران بلاڪ ڪري ڇڏيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ سڪرين ڪجهه هن طرح جي ميل جي کاتي ۽ ان جي پاسورڊ کي گهرندي نظر پئي آئي۔۔۔ هاڻي اي ميل ۽ پاسورڊ سيٽ ان ڪري به تسليم نه ڪري رهيو هيو جو سيٽ بلاڪ ٿيڻ کان اڳ ان جو وائي فائي ۽ ڊيٽا ڪميونيڪيشن آن ٿيل به نه هو۔۔۔ ان ڪري مسلسل ڪوششون ناڪام ٿي رهيون آهن۔۔ پر مون کي يقين آهي ته سيٽ کي بغير نيٽ هجڻ جي ريسٽور ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ۽ يقينن سنڌ سلامت تي اهڙا دوست موجود آهن جن وٽ اڄ جي جديد دور ۾ اهڙا سمارٽ فونز موجود آهن۔۔ ۽ اهي نه صرف انهن کي آپريٽ ڪرڻ ڄاڻن ٿا بلڪه انهن جي مسئلن کي پڻ سلجهائي سگهن ٿا۔۔۔ دوستن کي مسئلي سلجهائڻ لاءِ عرض رکجي ٿو۔۔ اميد ته مايوسي نه ملندي۔۔۔
وڏا ان مسئلي جو هڪ حل اهو به آهي ته فون کي kies جي ذريعي ڪنيڪٽ ڪري جڳاڙ ڪري ڏسو، منهنجي هڪ دوست سان به ساڳيو مسئلو هيو پر ان ايميل پاسورڊ لکي ڪري ڪم ڪڍي ورتو. ۽ جيڪڏهن اهو مسئلو ايئن حل نه ٿئي ته ODIN جي ذريعي ريسٽور لڳائي ڇڏيو. پر ان کان اڳ ۾KIES جي ذريعي بيڪ اپ وٺي ڇڏجو، ته جيئن اوهان جا ڪانٽيڪٽس محفوظ رهن.
ادا مون وٽ هن وقت اهو سيٽ زير استعمال ته ناهي پر انٽرنيٽ تي گردش ڪندي خبر پئي ته اگر اوهان ان ايميل ۾ پنهنجي ذاتي ايميل لکي ڇڏيو ۽ پاسورڊ جو خانو خالي ڇڏي ڏيو (يا وري ان ۾ انگريزي ۾ NULL لکي ڇڏيو) ته اوهان جو سيٽ ريسيٽ ٿي ويندو.... وڌيڪ تجربيڪار دوست اڳتي اچن
ادا هي ساڳيو مسئلو اسان سان به ٿيو سام سنگ گليڪسي ايس ۾ اسان گوگل سرچنگ ۾ وڃي ڪري لکيو هو _ هائو انلاڪ سام سنگ گليڪسي ايس 1بعد ۾ اسان اتان ڪنهن موضعو کي کوليو ان ۾ مدد ملي اسان ڪامياب ٿي وياسين جيستايئن ياد آهي ته سڀ کان پهريان واليوم اپ بٽڻ+ هوم ڪي + اسٽارٽ بٽڻ گڏو گڏ دٻيا ان کان پوريڪوَري جي بٽڻ کي بي دٻيايو هوبهرحال توهان فلحال گوگل ۾ وڃي ڪري لکو هائو انلاڪ ۽ پنهنجي فون جو ماڊل پوءَ مخطلف موضعو ڏسي وٺو .. وڌيڪ ته هون به ماشاالله قابل آهيوها ادا ڪجهه آپشن اچڻ کانپو ري اسٽور فيڪٽري سٽنگ ڪرڻ نه وسارجو
آخرڪار مون حل ڳولي ورتو۔۔۔ دوستن جي جوابن مان ادا محمد جان زريناڻي جو جواب ڪافي حوصلا افزا لڳو۔۔ مهرباني دوست جي ها دوستو مون کي ڪجهه وقت نيٽ تي ڏيڻو پئجي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ اڳ ئي حل ڪڍي ورتم۔۔ پر جواب موڪلڻ جو ٽائيم نه ٿي مليو۔۔۔ خير ۔۔۔ ٿي سگهي ٿو اهڙو مسئلو ڪنهن ٻئي دوست سان ڪڏهن پيش اچي ان ڪري مسئلي جو تفصيلي حل پيش ڪجي ٿو۔۔۔ سڀ کان پهريان پنهنجي فون کي بند ڪريو ۽ ان جي بيٽري کي ٻاهر ڪڍي ٻيهر لڳايو۔۔ 10 سيڪنڊ انتظار ڪريو ۽ سيٽ جو هوم بٽڻ + واليوم اپ بٽڻ دٻائيندي پاور آن بٽڻ دٻايو۔۔ جڏهن اسٽارٽ اپ اسڪرين سامسنگ گليڪسي جي لوگو سان ظاهر ٿئي ته سمورن بٽڻ کي دٻائڻ ڇڏي ڏيو۔۔۔ٿوري ئي دير ۾ توهان اڳيان اينڊروائيڊ سسٽم ريڪوري موڊ طور ظاهر ٿيندو۔۔۔ ۽ توهان اڳيان ڪجهه آپشنس ظاهر ٿيندا۔۔ واليوم اپ ۽ ڊائون ڪي ذريعي wipe data / factory reset آپشن چونڊيو ۽ هوم ڪي پريس ڪريو۔۔۔ نئين ايندڙ اسڪرين منجهان Yes – delete all user data کي سليڪٽ ڪريو ۽ هوم بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔ هن دفعي اوهان اڳيان سسٽم کي ري بوٽ ڪرڻ لاءِ ميسيج ظاهر ٿيندو۔۔۔ جنهن کي سليڪٽ ڪري سيٽ کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔ جنهن کان پوءِ توهان جو سيٽ ريسٽور فيڪٽري واري عمل کي مڪمل ڪندي ائين کلندو جهڙوڪ توهان پهريون دفعو آن ڪيو هجي۔۔۔ نوٽ: ياد رهي ته هن ريسٽور ڪرڻ جي عمل سان توهان طرفان انسٽال ڪيل سموريون ايپليڪيشنس ۽ فون ۾ موجود ڪانٽيڪٽس ختم ٿي ويندا ان ڪري بهتر آهي ته ريسٽور ڪرڻ کان اڳ مٿي اسان جي دوست رنجيت جي ڏسيل طريقي مطابق پهريان ڊيٽا جو بيڪ اپ ٺاهيو۔۔۔ جنهن کي بعد ۾ ريسٽور ڪري سگهبو۔۔۔
محترم دوست ذيشان رشيد صاحب اسان سان اهو مسئلو ٿيو هيو ان کي اسان ٻن دوستن مان ۽ منهنجو دوست غلام قادر ڀيو گڏجي هڪ ٻئي جي صلاح سان نيٽ کي استعمال ڪري مسئلو هل ڪري ورتو ۽ هاڻي ته اوهان بلڪل واضحي ڪري ڇڏيو آهي اسان به ايئن ڪيو هو اوهان مهرباني جو تفصيل سان سمجهايو اٿئو وڏي مهرباني .. سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سائين مون سان ب اهو ساڳو مسلو ٿيو هو جيڪوانهي طريقي سان حل ٿيو هو جيڪو طريقو محمد جان صاحب ء ذيشان صاحب ٻڌايو آهي.
اهيو ساڳيو ئي مسئلو منهنجي موبائيل ۾ به ٿيو هو. پو توهان جي مٿي ڏنل طريقو ئي ڪريو.پو موبائيل کولي وئي ۽ ان مسئلي مان جان چٽي پئي
دوستو اِهو مسئلو ته مون سان به ٿيو. بس ڏڪندي ڏڪندي محترم مُحسن سائين ذيشان رشيد جي ٻڌايل طريقي مطابق عمل ڪندو رهيس. شڪر موبائيل ته آن ٿي وئي پر . افسوس ................................... جو تمام ڪانٽيڪٽ نمبر ختم، هاڻي هڪ پرابلم اچي رهيو آهي جيڪو پنهنجي دوستن سان شيئر ڪريان ٿو هن اميد تي ته ڪا رهنمائي فرمايئندا. مسئلو هي آهي ته انسٽال ٿيل تمام ايپليڪيشنس ڪارڊ ۾ موجود آهن، جهڙي طرح هن تصوير ۾ واضع آهن پر جڏهن انهن مان ڪنهن کي انسٽال ٿو ڪريان ته هي ايرير ٿو اچي.
اهو ان ڪري جو ان نون سورس کي سليڪٽ ناهي ڪيو تڏهن اهيو ايرر ٿو اچي. تنهنڪري سيٽنگ ۾ وڃي ڪري Applications تي وڃو پو اتان ان کي سلڪيٽ ڪريو.وڌيڪ تصوير ۾ ڏسو.