نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ: اڪثر اميدوارن کي سنڌ جا ضلعا به ياد نه

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    خالد لنڊ جو نامزدگي فارم ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ جمع نه ڪرائڻ سبب روڪيو ويو
    نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ: اڪثر اميدوارن کي سنڌ جا ضلعا به ياد نه
    اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ نوڙي جاچ پڙتال جاري
    گل محمد جکراڻي، ميان عبدالحق ڀرچونڊي، احسان مزاري، غالب ڊومڪي ۽ ٻين جا فارم بحال
    سنڌ ۾ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ۽ جاچ پڙتال وارو مرحلو هلندڙ آهي، پ پ ن ليگ ۽ فنڪشنل ليگ سميت ڪيترن ئي آزاد اميدوارن جا فارم بحال ۽ رد ڪيا ويا جڏهن ته ڪيترن ئي اميردوارن جا ڪاغذ روڪيا ويا رپورٽن موجب اوٻاوڙي ڪورٽ اين اي 200 گهوٽڪي جي پ پ اميدوار سردار خالد لنڊ جو نامزدگي فارم ڪلريئنس سرٽيفڪيٽ جمع نه ڪرائڻ تي روڪي ڇڏيو ۽ ٻن ڏينهن اندر سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ اين پي پي پي ايس 5 جي اميدوار شهريارخان شر اعتراض داخل ڪرايا جنهن تي ڪورٽ اعتراضن جو جواب 6 تاريخ تائين جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ پ ايس 7 ڏهرڪي جي پ پ پ اميدوار سردار احمد علي خان پتافي جو فارم بحال ٿي ويو ۽ باقي اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال جاري آهي. هوڏانهن ڪنڌڪوٽ اين اي 210 تي پ پ جي گل محمد جکراڻي فنڪشل ليگ جي ميان عبدالخالق ڀرچونڊي سميت 31 ڄڻن جا فارم بحال ٿي ويا. جن ۾ احسان مري، غالب ڊومڪي، ڊاڪٽر اقرار جکراڻي، اول جان مزاري، الاهي بخش ملڪ، صاحب علي ملڪ، غلام اصغر چاچڙ، عمران بجاراڻي، فاروق ڊومڪي، غلام راشد سندراڻي، عرفان بجاراڻي، اصغر بجاراڻي، محمد خان کوسو، مير حاڪم علي سندراڻي، مير اقبال سندراڻي، ذوالفقار علي عرف نعيم اقبال قاضي، مير شاهه علي ڊومڪي ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن رٽرننگ آفيسر گمبٽ جي آفيس ۾ پي ايس 34 تي 30 اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي وئي. جن اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا، انهن ۾ غلام ڪبير شيخ ايس يو پي مولانا مير محمد هنجراهه جي يو آءِ (ف) جو مولانا نعمت الله شيخ جي يو آءِ (ف) سيد عمر مصطفيٰ شاهه راشدي (ف) ليگ سيد محرم علي شاهه ف ليگ خالد حسين شيخ ف ليگ ۽ ٻيو فارم آزاد، نعيم احمد کرل پ پ جو سيد نور الهديى شاهه پ پ ۽ ٻيو فارم آزاد. غلام شبير چنو، پ پ ش ڀ الطاف حسين بلوچ پ ايم ايل پ سرمد شاهه آزاد شاهنواز ڄامڙو آزاد، اعجاز جتوئي آزاد، حاڪم علي دايو آزاد، امتياز احمد، حاجي احمد آزاد، غيور احمد چنا، ايم ڪيو ايم محمد اڪرم پنهور ايم ڪيو ايم سيد شفقت حسين شاهه آزاد امداد علي اڄڻ آزاد، رضا عباسي (آزاد) شامل آهن جڏهن ته علي داد ناري جي ناصر دين فاروقي جي فارم رد ڪيا ويا. موري جي رٽرننگ آفيسر وٽ اين اي 211 ۽ پي ايس 19 تي ايس ٽي پي جي اميدوار قطب بليدي جا فارم جمع ٿي ويا، جڏهن ته اين اي 211 تي عاشق شاهه پي ايس 23 تي صغر شاهه پي ايس 19 تي حنيف عالماڻي، شمشير ميمڻ جا فارم رد ڪيا ويا شهيد ڀٽو جي علي گوهر ڪلهوڙي جا اين اي 211 ۽ غلام سرور مري جا پي ايس 22 تي فارم بحال ڪيا ويا. نوشهري فيروز جي اين اي 212 تي پ پ جي اصغر شاهه ۽ پاڪستان الفلاح پارٽي جي اڪرام الله ڀٽو جا فارم بحال ڪيا ويا. جڏهن ته پي ايس 21 تي سرفراز شاهه، پي ايس 12 تي فرحين مغل جا فارم بحال ٿيا. ڪنڊياري جي رٽرننگ آفيسر پي ايس 20 تي ايم ڪيو ايم جي وقار فراز پي ايس 21 تي مشتاق هاليپوٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي فياض لاکي جا ڪاغذ جاچ دوران دعاءِ قنوت، ڪلمو ۽ نماز جي طريقي سميت ٻين سوالن جا جواب نه ڏيڻ تي رد ڪري ڇڏيا. پي ايس 27 سڪرنڊ تي ڪريم بخش تصديق ڪندڙ ٻئي حلقي جو هئڻ ڪري روڪيو ويو جڏهن ته قومي صوبائي اسيمبلي جي 40 کان اميدوارن جا فارم درست قرار ڏنا ويا. ان موقعي تي رٽرننگ آفيسر انعام ڪلهوڙي اميدوارن کان سوال پڇيا جن جا اميدوارن ڏاڍا دلچسپ جواب ڏنا. هڪ اميدوار قائداعظم جي ڄم جي تاريخ 23 مارچ ٻڌائي. جڏهن ته قومي تراني جو خالق علامه اقبال کي ٻڌايو ويو ڪن اميدوارن کي سنڌ جي ضلعن جو تعداد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نالي ضلعي جي ڊي سي، ايس ايس پي جي نالي جي خبر ئي ڪونه هئي. اڪثر اميدوارن کي نه ڪلمو ياد هو ۽ نه ٻيون قرآني آيتون.ياد هيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جن اميدوارن کي ڪلمو به ياد نه آهي اهي حڪومت ۾ اچي اسان جي قسمت سڌرايندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو