ارباب رحيم، نبيل گبول، جلال شاهه جا فارم منظور، نواز شريف طلب، 650 اميدوارن جا ڪاغذ رد

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    عذرا پيچوهو ۽ مخالف جا وڪيل وڙهي پيا، ابراهيم جتوئي، سراج دراني، راجا مهر، اعجاز جکراڻي ۽ ميان سومري خلاف اعتراض دخل
    ارباب رحيم، نبيل گبول، جلال شاهه جا فارم منظور، نواز شريف طلب، 650 اميدوارن جا ڪاغذ رد
    اليڪشن ڪميشن کي 14 هزار فارم مليا، ڇنڊ ڇاڻ جاري، متحده جي خوش بخت شجاعت، سردار احمد، وسيم اختر، رئوف صديقي، اي اين پي جي بشير جان کي چونڊن لاءِ اهل قرار ڏنو ويو
    ٿر ۾ حيدر سميجو، لاڙڪاڻي ۾ اياز سومرو، سانگهڙ ۾ هاشم خاصخيلي، ملڪ اسد سڪندر به پهريون مرحلو پار ڪري ويا، شهباز شريف سڀاڻي ۽ عمران خان پرينهن اسڪروٽني لاءِ ايندا
    پي ايس 119 تي جماعت اسلامي، سانگهڙ ۾ متحده، ڄامشوري ۾ ش ڀ ۽ نواب شاهه ۾ جي يو آءِ، حيدرآباد ۾ ٽن اميدوارن جا فارم رد، ٽنڊي آدم ۾ فدا ڏيري ۽ روشن جوڻيجي جا ڪاغذ روڪيا ويا
    پير مظهر ۽ مجيب خلاف اعتراض ٻڌڻ جوڳا قرار، عابد جتوئي جي ڊگري جعلي ۽ علي نواز مهر باقيدار قرار، اعجاز جکراڻي ۽ ميان سومري هڪٻئي تي الزام هنيا، دراني خلاف عارف مصطفيٰ جتوئي دانهيو
    ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو جاري آهي، ساڍا 6 سئو کان وڌيڪ ميمبرن جا فارم رد ٿي ويا. جن مان اڪثريت ن ليگ ۽ پ پ اميدوارن جي آهي. ارباب رحيم، نبيل گبول، خوش تحت شجاعت، اياز سومري، رئوف صديقي، وسيم اختر، بشير جان، اڪبر گجر ۽ ٻين جا فارم منظور ڪيا ويا. اين پي پي جي ابراهيم ۽ عابد جتوئي پ پ جي راجا مهر، آغا سراج دراني، اعجاز جکراڻي، آزاد اميدوار محمد ميان سومرو جي فارمن تي اعتراض داخل ڪيا ويا آهن پير مظهر ۽ سندس پٽ خلاف اعتراض شنوائي جوڳا قرار ڏنا ويا آهن. مليل اطلاعن موجب 11 مئي تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشڻ وٽ 14 هزار 484 فارم داخل ٿيا آهن. جن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو جاري آهي، پنجاب جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي خاص سيٽن جي 370 قومي اسيمبلين جي 108 اميدوارن ۽ اقليتن جي 148 اميدوارن جا فارم رد ڪيا لاهور ۾ شريف ڀائرن کي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ اڄ ۽ سڀاڻي ۽ عمران خان کي پرينهن طلب ڪيو ويو آهي. ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن جي فارمن جي جانچ پڙتال جاري متحده اميدوار نبيل گبول، خوش بخت شجاعت ۽ اي اين پي جي اميدوار بشير جان جو فارم درست قرار ڏنا ويا جڏهن ته قومي اسيمبلي جي تڪ 9 4 2 تان جماعت اسلامي جي اميدوار عثمان شريف جو نامزدگي فارم روڪي ڇڏيو لياري جي تڪ ،6 4 2 ، 8 4 2 ، ۽ صوبائي تڪ 5 0 1 تان نبيل گبول جي ڀرايل فارمن جي ريٽرننگ آفيسر وٽ جانچ پڙتال ڪئي وئي نبيل گبول ڪالهه ريٽرننگ آفيسر آڏو پيش ٿيو جنهن جا فرم درست قرار ڏنا ويا نبيل گبول ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ هاڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو واري پارٽي ناهي رهي هن پ پ ڇڏي آهي پر لياري جي ماڻهن کي ناهي ڇڏيو هن وڌيڪ چيو ته لياري سندس وڏن جو تڪ آهي جنهن کي لياري جا ماڻهو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا ڪراچي ۾ بلوچ ۽ اردو ڳالهائيندڙ پاڻ ۾ ڀائر آهن هنن جو پاڻ ۾ ڪو جهيڙو ناهي. اين اي 0 5 2 تان متحده اميدوار خوشبخت شجاعت جا فارم درست قرار ڏنا ويا متحده اميدوار پي ايس 2 1 1 سيد سردار احمد، پي ايس 8 1 1 مزمل قريشي، پي ايس 2 1 1 ۽ 3 1 1 تان رئوف صديقي، پي ايس 9 1 1 تان وسيم اختر، پي ايس 4 2 1 تان عليم رحمان ۽ عامر معين پيرزادو جا فارم درست قرار ڏنا ويا عوامي نيشنل پارٽي جي اميدوار بشيرجان جا پي ايس 3 9 تان ۽ مسلم ليگ ن جي علي اڪبر گجر جا اين اي 9 3 2 ۽ پي ايس 9 1 1 تان فارم درست قرار ڏنا ويا آهن جڏهن ته جماعت اسلامي جي اميدوار عثمان شريف جا قومي اسيمبلي جي تڪ 9 4 2 تان رٽيرننگ آفيسر نامزدگي فارم روڪي ڇڏيا آهن جماعت اسلامي جي اميدوار کان پهريون، ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون ڪلمو پڙهايو جيڪو صرف پهريون ڪلمو پڙهي سگهيو جنهن ڪري ريٽرننگ آفيسر سندس فارم روڪي ورتا آهن جنهن جو فيصلو ڪيو ويندو. ٿرپارڪر ضلعي جي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي اميدوارن جي نامذدگي فارمن جي جانچ پڙتال وارو سلسلو جاري آهي ٿرپارڪر جي رٽرنيگ آفيسرن پيپلز مسلم ليگ ۽ فنڪشنل ليگ جي اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا آهن،اين اي 229 تي پيپلز مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم،اين اي 230 تي ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو،پي ايس 60 ڏيپلو تي ارباب غلام رحيم،پي ايس 61 مٺي تي ارباب نعمت الله،پي ايس 62 ننگرپارڪر تي ارباب انور ۽ پي ايس 63 ڇاڇرو تي عبد الرزاق راهمون جا فارم جانچ پڙتال کان پوءَ بحال ڪيا ويا آهن،جڏهن ته ڪورينگ اميدوارن طور ارباب خانصاب توڳاچي ۽ بين جا فارم پڻ بحال ڪيا ويا آهن،جانچ پڙتال وارو عمل جاري رهندو. سانگھڙ جي اڳوڻي ضلعي ناظم روشن جوڻيجي پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهڻ لاءِ فارم ڀرايو هو، روشن جوڻيجي ٽنڊي آدم جي قومي تڪ اين اي 236 تان چونڊ وڙهڻ لاءِ فارم ڀرايو.سندس ڊگري تي شهري شڪيل فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ دوران اعتراض ڪيو ڊگري جي تصديق نه ٿيڻ ڪري رٽرننگ آفيسر روشن جوڻيجي جو نامزدگي فارم روڪي ڇڏيو، جڏهن ته پ پ جي هڪ ٻئي اميدوار فدا حسين ڏيري تي واپڊا جا 25 لک رپيا رهتون آهن جنهن ڪري سندس فارم روڪي بل ادا ڪري اڄ ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. فنڪشنل ليگ جي اميدوار امام الدين شوقين جي فارم تي سليم جوڻيجي جا اعتراض رد ڪيا ويا ۽ فارم بحال ڪيو ويو. حيدر آباد جي ٻن تڪن تي چئن اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا رٽرننگ آفيسر مختلف سببن جي ڪري هڪ قومي ۽ ٽن صوبائي سيٽ جي اميدوارن سميت چئن اميدوارن جا فارم رد ڪري ڇڏيا، حيدر آباد جي قومي تڪ اين اي ا219 تي نامزد اميدوار محبوب شيرواڻي جو فارم رد ڪيو ويو آهي جڏهن ته پي ايس 48 تي اميدوارن شوڪت حيات، عابد حسين چانڊيو ۽ محمد اشرف جا فارم رد ڪيا ويا. نوابشاھ جي مختلف تڪن تي اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آهن. نواب شاھ جي صوبائي تڪ پي ايس 25 تي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندڙ شفيع محمد جو فارم رٽرننگ آفيسر وٽ حاضر نه ٿيڻ جي بنياد تي رد ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ پي ايس 26 تي جي يو آءِ جي اميدوار شاڪر حسين، ۽ پي ايس 27 تي به جي يو آءِ جي اميدوار ڪريم بخش رند جو فارم به رد ڪيو ويو آهي.نوابشاھ ۾ پ پ اميدوار عذره پيچوهو خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪيل اعتراضن جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار ۽ عذره پيچوهو جو وڪيل پاڻ ۾ اٽڪي پيا. رپورٽ موجب پ پ اميدوار عذره پيچوهو خلاف اعتراض جي ٻڌڻي نوابشاھ ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار ۽ عذره پيچوهو جي وڪيل ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جنهن تي ٻڌڻي روڪي وئي آهي جيڪا 3 وڳي ٻيهر ٿيندي. اليڪشن ڪميشن پ پ اڳواڻ پير مظهر الحق ۽ سندس پٽ پير مجيب خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن دادو جي رٽرننگ آفيسرپ پ اڳواڻ پير مظهر الحق ۽ سندس پٽ پير مجيب الحق خلاف داخل ڪيل اعتراض ٻڌڻي جوڳا قرار ڏنا آهن، رٽرننگ آفيسر ايس ايس پي ۽ ٻين عملدارن کي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي واضح رهي ته پير مظهر ۽ سندس پٽ تي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وقت جلوس جي صورت ۾ اچڻ ۽ هٿيارن جو نماءُ ڪرڻ جا الزام آهن شڪارپور جي ٻن شهرين ٻن اميدوارن خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ اعتراض داخل ڪري ڇڏيا آهن. شڪارپور جي شهرين محمد علي ڀيو ۽ علي محمد جکرو اليڪشن ڪميشن ۾ قومي تڪ اين اي 202 تي پيپلزپارٽي جي اميدوار ابراهيم جتوئي ۽ پي ايس 12 تي عابد جتوئي خلاف اعتراض داخل ڪرائي ڇڏيا آهن، پنهنجي اعتراضن ۾ ٻنهي شهرين موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻئي اميدوار قتل ڪيس ۾ ملوث ۽ روپوش آهن جڏهن ته ٻنهي پنهنجي نامزدگي فارمن ۾ اها ڳالھ ناهي ڄاڻائي. اعتراضن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته عابد جتوئي جي ڊگري جعلي آهي. واضح رهي ته ابراهيم جتوئي ۽ عابد جتوئي ٻئي پاڻ ۾ ڀائر آهن.لاڙڪاڻي جي پي ايس 37 تي پ پ اميدوار اياز سومرو جو فارم روڪيو ويو. وڪيل ايڊووڪيٽ اڪبر سيال پاران اياز سومري جي نامزدگي تي اعتراض داخل ڪيا ويا هئا ته اياز سومري جي زال سڏائيندڙ جميلا بيگم وٽ واپڊا جون رهتون آهن، ٻئي پاسي اياز سومري رٽرننگ آفيسر وٽ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته جميلا بيگم سندس زال ئي ناهي. بعد ۾ اياز سومري جي وضاحت کانپوءِ سندس فارم منظور ڪيو ويوگھوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 6 تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اميدوار لال بخش گھوٽو پيپلزپارٽي جي اميدوار علي نواز عرف راجا مهر تي بينڪ جو قرضي هجڻ جو اعتراض داخل ڪيو آهي. هوڏانهن نوابشاھ جي تڪ اين اي 214 تي پي پي اميدوار غلام مصطفي شاھ خلاف پڻ اعتراض داخل ڪيو ويو آهي. جي يو آءِ جي اميدوار ايڊووڪيٽ ڪريم بخش رند پاران غلام مصطفيٰ شاھ تي اعتراض داخل ڪرايو ويو آهي.پيپلزپارٽي جي حڪومت جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پ پ جي تڏهوڪن وزيرن کي سندن ڪيل ڪم ڳچي ۾ پئجي رهياآهن. رپورٽ موجب اڳوڻي صوبائي وزير آغا سراج دراني پاران نا اهلي کان بچڻ لاءِ پنهنجي وزارتي دور ۾ مڪاني ادارن واري سيڪريٽري شوڪت جوکئي تي تشدد واري ڪيس جو نامزدگي فارم ۾ ذڪر ئي نه ڪيو آهي. آغا سراج دراني جي اها چال ان وقت ناڪام ٿي جڏهن اين پي پي اڳواڻ عارف مصطفيٰ جتوئي سندس اها چُڪ پڪڙي ورتي عارف مصطفيٰ جتوئي آغا سراج دراني خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ اعتراض واري ڇڏيا آهن سندس اعتراضن بعد اليڪشن ڪميشن آغا سراج دراني جي ڪاغذن جي منظوري روڪي ڇڏي آهي ۽ معاملي جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي. عارف مصطفيٰ جتوئي موقف اختيار ڪيو آهي ته آغا سراج دراني فارم ۾ هن ڪيس جو ذڪر نه ڪيو آهي هن حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. واضح رهي ته آغا سراج دراني پنهنجي وزارت جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پنهنجي ئي کاتي جي سيڪريٽري شوڪت جوکئي کي مبينا طور جعلي فارم صحيح ڪرڻ جو چيو هو. انڪار تي مٿس سخت تشدد ڪيو ويو هو. اميدوارن جي اسڪروٽني شروع ٿيندي ئي نامزد اميدوارن هڪٻئي تي الزامن جو مينهن وسائيندي اليڪشن ڪميشن ۾ معاملا کڻي ويا آهن. جيڪب آباد جي قومي تڪ اين اي 208 تي آزاد اميدوار محمد ميان سومور، پ پ اميدوار اعجاز جکراڻي خلاف اعتراض داخل ڪرائي ڇڏيا آهن. محمد ميان سومري چيو آهي ته اعجاز جکراڻي ڪيترين ئي بينڪن کان قرض ورتو آهي ۽ هو ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهي محمد ميان سومري اهو به الزام هنيو آهي ته جکراڻي هندو اڳواڻ سڌام چند چاولا جي قتل ڪيس ۾ ملوث آهي. هوڏانهن ميان محمد سومري جي الزامن جي جواب ۾ اعجاز جکراڻي به ميان محمد سومرو تي اعتراض واري ڇڏيا آهن. هن چيو ته محمد ميان سومري وٽ ٻٽي شهريت آهي سومري وٽ آمريڪي شهريت آهي ان خلاف آواز اٿاريندس. ميرپور خاص جي اين اي 226 ٿي اميدوار سيد شفقت شاھ جيلاني جي خلاف سندس مخالف اميدوار اعتراض داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. شفقت شاھ جي مخالف اميدوار قربان شاھ سندس خلاف اعتراض واريندي موقف اختيار ڪيو آهي ته شفقت شاھ ڏانهن يوٽيلٽي بلن جي مد ۾ 10 لک رپيا رهتون آهن.ڄامشوري جي قومي تڪ تي ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاھ ۽ مالڪ اسد سڪندر جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا آهن. رٽرننگ آفيسر ڪافي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ اين اي 231 ڄامشوري واري تڪ تي ملڪ اسد سڪندر، جلال محمود شاھ جا نامزدگي فارم بحال ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ساڳئي تڪ تي پ پ شهيد ڀٽو جي سليمان ڀلائي جو فارم رد ڪيو ويو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڪرنٽ معلومات جيڪا اسان کي اۡخبارن ۾ به سڀاڻي پڙهڻ لا۽ ملندي
     
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
  4. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    ادا ونڊ ته ڪارائتي ڄاڻ سان آهي پر الله خير ڪري سهڻي منهنجي سنڌ جو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو