جواب: ڪراچي يوم عاشوره تي ڌماڪي بعد پريس ڪانفرنس حصو ٻيون: http://www.youtube.com/watch?v=lzbVVCOzVxU
جواب: ڪراچي يوم عاشوره تي ڌماڪي بعد پريس ڪانفرنس حصو ٽيون: http://www.youtube.com/watch?v=JwgHQnOiPT8
جواب: ڪراچي يوم عاشوره تي ڌماڪي بعد پريس ڪانفرنس ادا هي خود ڪش حملو صرف شيعه فرق تي نه هو بلڪه تمام مسلمان تي هو ۔ ڇو ته امام حسين عليه السلام جو ماتم صرف شيعه ئي ناهن ڪندا بلڪه اهل سنت به ڪندا آهين جيئن ته اوهان ٻڌو ته ست اهل سنت جا ماڻهون به شهيد ٿيا آهين ۔ ڇو ته امام حسين صرف شيعن جو نه سڀنن جو آهي ۽ ان جو غم به هر غيرت مند ملهائيندو آهي ادا الله انهن شهيدن تي پهنجي رحمت نازل فرمائي آمين
جواب: ڪراچي يوم عاشوره تي ڌماڪي بعد پريس ڪانفرنس ادا الله ظالمن کي ڪڏنهن به نه بخشيدو جيڪو لا اله الا الله به پڙهي ٿو ۽ لا اله الا الله پڙهڻ وارن کي قتل به ڪري ٿو ۽ خود کي شهيد ٿو سڏرائي ۔ الله لعنة الله علي القوم الظالمين و سيعلم الذين ظلمو اي منقلب ينقلبون
جواب: ڪراچي يوم عاشوره تي ڌماڪي بعد پريس ڪانفرنس ادا ظفر ڳالهه ته سنئين سڌي آهي۔۔۔ اسان جي پياري رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن پهرين ئي فرمايو آهي ته هڪ انسان کي قتل ڪرڻ وارو پوري انسانيت جو قاتل آهي۔۔۔ ته ان ۾ حد ختم ٿي وئي يعني نه ڪنهن مسلڪ تي لاڳو ٿئي ٿي نه وري ڪنهن فرقي جو نالو آهي، جيڪو به ڪنهن بيگناهه کي قتل ڪري ٿو اهو ڀلي مسلمان هجي يا غير مسلم، انسانيت جي اڳيان گناهه گار آهي۔۔
جواب: ڪراچي يوم عاشوره تي ڌماڪي بعد پريس ڪانفرنس جي ادا اوهان بالڪل سچ ٿا چئو پر يار ڪو به مذهب انسان جو خون جي اجازت نٿو ڏئي ث خا ص ڪري اسلام مون کي ان ڳاله تي تمام تعجب ٿيندو آهي ته هڪ ملسمان اهو به جنت ۾ وڄڻ لا هڪ مسلمان کي نه پر سوين مسلمانن کي قتل ڪرڻ کان بعد ۾ جنت ۾ وڃڻ جي تمنا ڪيئن ٿو رکي ؟الله تعالي کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندو ؟ ڇا اهو ڇوندو ته اي الله مان تهنجي نبي جو ڪلمو پڙهڻ وارن کي خودڪش حملي جي زريعي قتل ڪري آيو آهيان مون کي جنت ۾ موڪل ۔ اوهان کي خبر هوندي ته ڪافر ذمي جيڪو ڪافر آهي پر هو مسلمانن جي عزت مال جو احترام ڪري ٿو ته اهو به محترم آهي ان کي قتل ڪرڻ جائز نه آهي جين الله جي رسول جي دور ۾ ڪافر ذمي جي ناموس ۽ عزت محفوظ هوندي هئي فقط ڪافر حربي ئي هو جنهن سا ن جنگ ڪري ٿي سگهبي جڏنهن هڪ ڪافر کي نقصان پهچائڻ منع آهي ته پوء لا اله الله واري جي اولاد کي يتيم ڪرڻ ان جي گهر وارين کي بيواه ڪرڻ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ وارو ڪهڙي دين جو پيروڪار آهي ؟
جواب: ڪراچي يوم عاشوره تي ڌماڪي بعد پريس ڪانفرنس ادا اهو سڄو ڪمال برين واش جو آهي۔۔۔ توهان هڪ ڳالهه نوٽ ڪندا آهيو ته جيڪو ماڻهو گناهه ڪندو آهي ته پوءِ ان جي زندگي بي سڪون ٿي ويندي آهي ۽ پنهنجي روح جي سڪون لاءِ هو نيڪ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ سڄي زندگي اسلام کان پري رهڻ جي نتيجي ۾ هو اهڙي ماڻهن جي ور چڙهي وڃي ٿو جيڪي نيڪ ڪم جو چئي جنت جو خواب ڏيکاري اهڙو بي ديني وارو ڪم ڪراين ٿا۔۔۔ ۽ ان کان علاوهه ننڍڙي عمر جي نوجوانن کي به انهيءَ ڏس ۾ استعمال ڪري پنهنجو مقصد پورو ڪن ٿا ۽ بم ڌماڪا ڪراين ٿا۔۔ ان کان علاوهه هڪ وڏو عنصر جيڪو اڄ ڪلهه جي دور ۾ ان سلسلي ۾ شامل ٿي ويو آهي اهو اهو آهي ته غريب ماڻهو جيڪي اڄ ڪلهه مانيءَ ٽڪر لاءِ پريشان ٿي ويا آهن، انهن کي اهڙا ماڻهو پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪندي کين سندن پويان فيمليءَ جي سار سنڀال جو آسرو ڏئي انهيءَ خودڪش فدائي حملن تي راضي ڪن ٿا۔۔