هوء ٽرين ۾ اڪيلي هئي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2009۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    هي ڪهاڻي سچي آهي ۽ مهنجي سامهون پيش آئي ادي ابوز ين جي شيئر ڪيل ڪهاڻي هو شادي شده هئي پڙهڻ کان بعد سوچيم ما ن به اوهان سان شيئر ڪيان ۔

    دوستو انسان جي زندگي به هڪ گاڏي آهي جنهن ۾ انسان مسافر آهي پر ڪڏنهن ڪڏنهن انسان سان ڪجه اهڙا واقعا پيش ايندا آهين جيڪي اوهان جي ذهن ۾ ڪافي سوال ڇڏي ويندا آهين هي واقعو به مون سان پيش آيو اوهان سان شييئر ڪري رهيو آهيان اميد ته ان مان سبق ضرور پرائيندا ۔

    ڇه مهينا کن ٿيندو مهنجو ذاتي ڪم سان لاهور وڃڻ ٿيو ڪم ڪار گذرڻ ڪان بعد ۾ مان پهنجي گهر لاء روانو ٿيڻ لاء لاء لاهور اسٽيشن تي پهتس مون کي روانو ڪرڻ لاء مون سان گڏ مهنجو دوست به هو مون کي به اتفاق سان نايٽ ڪوچ جي ٽڪيٽ ملي مهنجي خيال ۾ 1600سو رپين ۾ مون ٽڪيٽ ورتي گاڏي پهريان ئي پليٽ فارم تي بيٺل هئي مون سامان پهنجي ڪمپاٽمينٽ ۾ رکيو ۽ ٽرين مان لهي
    اچي پليٽ فارم تي مان ئي مهنجو دوست بيهي الودائي ڳالهيون ڪرڻ لڳاسي ايتري ۾ مون هيڏي هوڏي نظر فيرائي ته اسان کا اڳئين دروازي تي هڪ جوڙو نظر ايو جنهن ۾ عورت ٽرين جي دروازي تي بيٺل هئي ۽ مرد ان جي ڀر ۾ هيٺ بيٺل هو
    عورت تمام خوبصورت هئي ۽ ان جي وار تمام ڪارا ۽ وڏا هئا ان جي عمر لڳ ڀڳ 26 سال هئي ۽ مرد جي عمر جو اندازو ڪرڻ مشڪل هو پر هن جي اکين تي چشمو لڳل هو جينهن ۾ هو سمارٽ بڻجڻ جو ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيندي نظر ٿي آيو پر پوء به ان جي عمر 50 سال جي لڳ ڀڳ هئي ۽ هو ٻئي
    ڪافي گهرائي سان ۽ راز واري انداز ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ مست هوا جي جهونڪن تي ان عورت جا وار ڪيڏي ڪيڏي مهل ان مرد جي چهري کي ٿي لڳا ۽ ان تي مرد جي چهري ته به خوشي ۽ اکين ۾ چمڪ وڌي ٿي وئي مون کي ڪافي تعجب ٿيو ۽ مون پهجي دوست کي ٺونٺ هئي ۽ ان کي چيڙائيندي چيم ته پٺان کي بچي يه ڪيا گيم هي؟ جڏنهن هو به متوجه ٿيو ته هن کي به ڪافي تعجب ٿيو ۽ جڏنهن اسان ٻين ماڻهين ڏانهن نهاريو سين ته انهن جي به حالت اسان کان مختلف نه هئي بس ائين سمجهو ته هڪ فلم جو ڪو پارٽ هو جيڪو اسڪرين تي هلي رهيو هو جنهن کي هر ڪوئي سڌي اڻ سڌي طرح سان انجوائي ڪري رهيو هو مون کي دوست مزاق واري انداز ۾ چيو ته يار آپ ڪا سفر تو اچها هي گذريگا مين بهي آپ ڪي ساته چلون؟ مون ان کي چيو ڇڏ مزاق پر اهو ڏس ته هي ڇا ٿين پاڻ ۾؟” تهنجو ڇا خيال آهي
    اسان قياس آرائون شروع ڪري ڏنيون۔ هن چيو ته ان جي ڌي يا ننهن هوندي يا ڪا مائٽياڻي مان جوب ڏنومانس ته يار اهڙي رشتو انهن جي انداز مان ته نٿو لڳي هن جون ڏنو ته يار شهرن جا ماڻهون ائين ئي هوندا آهين پنجاب ۾ ائين هلندو آهي مون ان جي ڳاله کي رد ڪندي چيو يار مون کي ائين نٿو لڳي ڳاله اسان جي سمجه کان ڳوري هئي ۽ ٽرين به هارن ڏيڻ شروع ڪيا ايتري ۾ هن مرد ڪجه کائڻ جو سامان وٺي اچي ان کي هٿ ۾ ڏنو ۽ هو به ان کان موڪلائڻ لڳو مون کي اڃا به تعجب ٿيو ته هن کي اڪيلو سفر ڪرڻو هو ۽ مرد ان سان گڏ نه هو بحرحال ،مان به ٽرين ۾ اچي چڙهي ويٺس ۽ ٽرين هلڻ لڳي مون پهنجي ڪمپاٽمينٽ ۾ نظر فيرائي ته مون کي هڪ سنڌي نظر آيو باقي سڀ اردو ڳالهائن وارا هئا ان سان ٿورو ڪچهري ڪرڻ کان پوء مان پهنجي ڊائري لکڻ شروع ڪئي ۽ جڏنهن بور ٿيم ته پهنجي ڪمپارٽمينٽ مان ٻاهر آيس ڏسان ته ٻاهرين سيٽ تي اها ساڳي ئي خوبصورت پري ويٺي آهي ۽ ان جي ٻاهران ڪيئي شهزادا چڪر هڻي رهيا هئا شايد ان کي به پهنجي ڪمپاٽمينٽ ۾ مزو نه آيو ان ڪري هو به مهنجي پٺين پاسي واري سيٽ تي اچي ويهي رهي مهنجي سامهون واري سيٽ تي هڪ اڌڙوڪ عمر جو شخص ويٺل هو ان سان مون ڪجه گهڙيون وات ويڙهايو ۽ اسان گڏجي چانه پيتي مون ان کي چيو ته اوهان ماني نه کائجو ماني گڏجي کائندا سي چو ته مون مهنجي ساهيوال جي
    ڪجه دوستن لاهور مان ڇڙهندي ئي فون ڪري چئي ڇڏيو هو ته علي بهائي رستي ۾ ماني نه کائجو اسان اوهان جي لاء ماني ٺاهي آهي اسٽيشن تي اوهان کي ڏئي ويندا سي ان تي ان تي شخص مون کي چيو ته اوهان کي يقينا رات 9 بجي تائين ۽ ساهيوال اچڻ تائين سمهڻو ناهي ان ڪر ي بهتر آهي ته اسان ڪو گيم 'کيڏون مون کي ان جي راء پسند آئي ڪجه ئي دير ۾ لڊو کپائڻ وارو به پهچي ويو اسان ان کان لڊو ورتو سين ۽ راند کيڏڻ ۾ لڳي ويا سين ڪجه ئي دير ۾ پهنجي پوئين سيٽ تي ان عورت جي ڳالهائڻ جو آواز ڪنن تي پيو جيڪا ڪافي وڏي آواز ۾ ڪنهن سان ڪچهري ڪري رهي هئي مون ان جي سامهون واري سيٽ تي جيڪا ڪافي دير کان خاموش پئي هئي تي نظر ڪئي ته مون کي انهن شهزادن مان هڪ شهزادو ويٺل نظر آيو جيڪي ڪافي دير کان لفٽ وٺڻ جي چڪر ۾ پرواني وانگر چڪر لڳائي رهيا هئا انهن جي ڳالهين تي آهيسته آهيسته مون به ڌيان ڏنو خبر پئي ته هو شادي شده هئي ۽ الوداع ڪرڻ وارو ان جو مڙس هو ۽ پوء انهن جي شادي ڪيئن ٿي اها اسٽوري هوء ان کي ٻڌائي رهي هئي جنهن ۾ هوء پهنجي مڙس جي اڳ ڄائي پٽ جي ڪهاڻي فخر مان ٻڌائي رهي هئي ته ان جو پٽ ان کا ماء نه پر آنٽي ڪري چوندو آهي ۽ ان کان جڏنهن ان جو پي پڇندو آهي ته تو ڪنهن سان شادي ڪندي ته هو جواب ڏيندو آهي ته مان آنٽي سان شادي ڪندس ۽ زور زور سان کلي رهي هئي ان جو اهڙيون مزيدار ڳالهيون ٻڍي ڪري اسا ن جي راند به بي مزه ٿي چڪي هئي ۽ توجه به هٽي ڪري ان طرف ٿي وئي هئي ان جي ڳالهين مان محسيوس ٿي رهيو هو ته هو آزاد قسم جي عورت هئي ۽ ڪافي ڏينهن کان بعد ڪراچي پهنجي مائٽن سان ملڻ وڃي رهي هئي ۽
    گهڻن ڏينهن کان پوء هن کي آزادي ملي هئي ۽ آزاد ٿيڻ جي خوشي ۾ هو پهجا پر فڙ فڙائي رهي هئي پر ان کي اها خبر نه هئي ته شايد ان جي آزادي جي خوشي نا جي لاء ڪهڙي بدنامي کڻي ايندي بحرحال انهن جي بلند آواز واري ڪچهري آهسته آهسته رازداري ۾ بدلجڻ لڳي مهنجو ساهيوال به اچڻ وارو هو مان پهنجي سيٽ تان اٿيم ۽ دروازي تي بيهڻ جي لاء وڃڻ لڳم مهنجي نظر ان نو جوان تي پئي ته ان جو تنگون سامهون واري ڪرسي تي هون جنهن تي اها عورت ويٺل هئي مون کي ڪافي شرم آيو مان انهن جي ڀر مان گذري اچي دروازي تي بيٺس ۽ ٿڌي هو جي جهونڪن جو مزو وٺڻ لڳس بحرحال ساهيول اسٽيشن آيو مان لهي ڪري پهنجي دوستن سان مليس وري ٽرين هلي ته مون انهن ڏانهن نظر فيرائي قول ۽ اقرار ٿي رهيا هئا ۽ انهن جي حرڪتن ۾ اضافو ٿي چڪو هو شايد رات جي خاموشي ۽ سناٽي انهن کي مجبور ڪيو هو يا وري آزادي جو اثر هو جو انهن کي اتا گذرڻ وارن جو به ڪو ڌيان نه رهيو هو اها ڳاله مون بلوچ کان علاوه ٻين ماڻهن به محسوس کئي هئي پر الاء ڇو سڀ خاموش هئا
    اسان ٻنهن گڏجي ماني کاڌي ۽ مون کا ن ان ان شخص پڇيو ته ڇا ماجرو آهي مون ان کي مختصر جواب ڏنو ته پٽيگا ۽ مان وڃي پهنجي ڪمپاٽمينٽ ۾ سمهي پيس پاڪستان جي ٽرين جو حال اهڙو جو اتي به کٽملن جند نه ڇڏي سو مان ٻه اڍائي ڪلاڪن جي ننڊ کان پوء ٻاهر آيس ته حراسان ماحول نظر آيو اها عورت به اتي موجود نه هئي ۽ ٻاهر ٻيو ڪوبه اضافي ماڻهون موجود به هو ۽ ٻاهرين سيٽ تي اهو شخص جاڳي رهيو هو ا ن کان معلوم ڪيم ته ڇا ٿيو آهي هي سناٽو ۽ هي خوف ڇا جو آهي ان تي ان جواب ڏنو ته آپ ني ٺيڪ ڪها ٿها اس کي پٽائي هوئي هي۔ ان تفصيل ٻڌائيندي اهو ئي ٻڌايو ته آپ ڪي جاني کي ڪچه دير بعد ڪسي ني پوليس کو شڪايت ڪي ۽ پوليس وارو به ڪو پٽاڻ هو جنهن ان مائي سان تمام گهڻِ جٺ ڪئي ۽ ان کي چيو ته جي ڪراچي کان پهريان مان توکي پهنجي ڪمپاٽمينٽ مان ٻاهر ايندي ڏٺو ته شوٽ ڪندو مانء ۽ ان نوجوان کي ڪافي موچڙا هنياون هاڻي سڪون آهي هر ڪو آرام جي ننڊ سمهي رهيو آهي مان مسڪرائيندو وري وڃِ سمهي رهيم صبح جو روهڙي اسٽيشن اچڻ وارو هو مان پهنجي بيگ کڻي ٻاهر آيس ۽ روهڙي اسٽيشن تي لٿي لهڻ وقت مهنجي ذهن ۾ ڪيئي سوال هئا
    ته ڇا عورت کي اڪيلو سفر ڪرڻ ڏجي يا نه يا پاڻ کان وڏي عمر واري سان شادي ڪرڻ جا اهڙا نتيجا نڪرندا آهين ؟ڇا آزادي جي به ڪا حد آهي يا ان کي به آزادي جو نالو ڏئي سگهجي ٿو ؟ان ۾ قصور ڪنهن جو هو ان عورت جو جيڪا اڪيلي سفر ڪري رهي هئي يا ان مرد جو جنهن ان کي اڪيلو موڪليو هو ؟ ان عورت کي ڪهڙي شي مجبور ڪيو جو هن پهنجي ڀر ۾ ان نوجوان کي جڳه ڏني ؟ اهي سڀ اهڙا سوال هئا جن جا جواب اسٽيشن تي ماڻهن ۽ ٽرينن جي آوازن ۾ ئي گم ٿيندي نظر آيا ۽ مان پهنجي ڳوٺ جي گاڏي ۾ اچي ويٺس ۔​
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هوء ٽرين ۾ اڪيلي هئي

    سائين بلڪل ۔۔۔۔ آزاديءَ جي حد هوندي آهي۔۔۔۔۔ حد کان وڌيڪ آزادي ملي وڃي ته اها عورت لاءِ بدناميءَ جو سبب ٿي وڃي ٿي۔۔۔۔ پر علي ڀاءُ توهان پوليس وارن کي اها شڪايت ڇو نه ڪئي۔۔۔؟ شڪايت ڪرڻ ته توهان کي کپي ها جو توهان ماشاءَ الله انشاءَ الله لڳا پيا آهيو۔۔۔
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: هوء ٽرين ۾ اڪيلي هئي

    سائين ادو علي وڏو سياڻو اٿوَ اهو سڀ ڪجهه ڏسي ڪري پوءِ سائين کان برداشت ڪونه ٿيو هوندو ۽ سائين کي ٻيو ڪو حل نه مليو هوندو وڃين چوري ڇُپي پوليسن وارن کي ٻڌائي اچي پنهنجي سيٽ تي آرامي ٿيو هوندو۔۔۔ اوهان ڪڏهن ٽريڪٽر ٽرالي جي پٺيان هي لفظ لکيل پڙهيا هوندا۔۔۔۔ hall charihatt-pare

    پاس ڪرو يا برداشت ڪرو​
    khil sahisuhnan saan

    سو ادو نه پاس ڪري سگهيو نه برداشت وڃي پوليس وارن کي آگاهه ڪيائين۔۔۔۔

    بحرال ڪم ڀلو ڪيئين۔۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هوء ٽرين ۾ اڪيلي هئي

    اصل ڪم ڏاڍو ڀلو ڪيئين۔۔۔۔ اسان مسلمانن کي چندو ڪري هر ٽرين جي هر بوگيءَ ۾ اهڙا فقير سائين سوار ڪرائڻ گهرجن۔۔۔۔asul mattasul mattasul mattasul matt
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو