دوستو اڄ مان پهنجي پيناسونڪ ليپ ٽاپ تي ونڊوز 8 انسٽال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ونڊوز جي سي ڊي ته مارڪيٽ مان ورتي هئي، c ڊرائيو فارميٽ ڪرڻ کانپوء سيٽ اپ اڳتي هليو، پوء وري پي سي ري اسٽارٽ ٿيو، پر ونڊوز صحيح ڪم نه ڪيو۔ ان ڪري مون وري ساڳيو ونڊوز سيون انسٽال ڪئي۔ سيٽ اپ مڪمل ٿيڻ کانپوء هاڻي مهنجي ليپٽاپ جو ايف f ڊرائيو غائب ٿي ويو آهي۔ سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو ڊرائيو ڪٿي گم ٿيو۔ اُن ۾ مهنجي ڪافي ضروري ڊيٽا به هئي۔ توهان ڪجهه صلاح ڏيو، ٍِ مان f ڊرائيو کي ريڪور ڪري سگهان۔
ادا ان جو حل اوهان کي ادو رشيد يا وري پاڻ وارو مست ئي ٻڌائي سگهي ٿو پر مست کي ڳولهڻ لا ڦقير ڦلپوٽي کي عرض ڪر ادا۔
ادا فقير به پاڻ واري ٽولي ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه لکندو يا پڙهندو ويٺو هوندو گوگل ۾ سرچ ڪيوس ته جهٽ ۾ ملي ويندو۔
اوهان غلطيءَ ۾ ونڊوز 7 ايف ڊرائيوَ ۾ ته نه ڪئي آهي۔ نه ته ڳالهه زور آهي ذيشان رشيد اچي اوهان کي حل ٻڌائي سگهي ٿو۔۔
نه ادا ايف ڊرائيو ته نه ڪئي آهي۔ پر هڪ ڳالهه هي به آهي ته ونڊوز 8 واري سي ڊي ۾ پارٽيشن ميجڪ جو به سيٽ اپ موجود هيو۔ شاين اُن جي ڪري ٿيو ڪُجي۔
ادا ونڊوز8 انسٽاليشن دوران جيڪڏهن توهان ڪا غلطي نه ڪئي آهي ته اهو پارٽيشن ممڪن آ موجود هجي۔۔ توهان ماءِ ڪمپيوٽر تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري ڊسڪ مينيجمينٽ کوليو۔۔ جيڪڏهن توهان جو گم ٿيل پارٽيشن ”را“ طور موجود آهي ته ان تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري ڪو ليٽر (اکر) اسائين ڪريو۔۔۔ پر جيڪڏهن ڊسڪ مينيجمينٽ ڏسي ٿي ته توهان جي هارڊ ڊسڪ جي سموري سائيز توهان جي موجوده پارٽيشنس ۾ ورهايل آهي ۽ ڪو ٻيو پارٽيشن ٺاهڻ لاءِ موجود ناهي ته پوءِ توهان جي غلطي جي توهان کي سزا پڪ سمجهو ته ملي چڪي آهي۔۔۔
ادا ڊسڪ مينيجمينٽ ۾ را طور ڊيٽا خالي شو ٿئي ٿي، ان کي ليٽر به اسائين ڪيو آهي ، پر هاڻي ڏک ان ڳالهه جو آهي ته ڊيٽا واپس نه ٿي آهي، ايف ڊرائيو به ٺهيو آهي پر بلڪل خالي آهي۔۔۔۔
ادا ديٽا رڪوري لاِ سائين ابو واصف جن جو ٿريڊ فورم تي موجود آهي ان کي تلاش ڪري پڙهي وٺو شايد ڪو فائدو ٿي پوي۔