نثارابڙو
نائب منتظم
بشير قريشي
هڪ نالو هڪ اڳواڻ هڪ تنظيم
مـــــــــــون ســــــــــــي ڏٺا مـــــــــاءِ!، جن ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
بشير قريشي؛ سنڌ جو هڪ اهڙو نالو آهي جنهن کي جديد دور جو دولهه دريا خان چئجي، جنهن ڪڏهن به ڏاڍ ۽ ڏمر جي آڏو اک نه جهڪائي ... سندس جسم جو هر حصو رياستي تشدد جي گواهي ڏيندو هو. پر پوءِ به سندس ازم ۽ جذبو هماليه جيئن اورچو رهندو هو.
بشير قريشي؛ محترم سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کانپوءِ سنڌ جي عشق ۽ جي ايم سيد جي فڪر کي کڻي هلڻ جو جيڪو سهرو پنهنجي سر کنيون تنهن کي هو مرندي گهڙيءَ تائين نڀائيندو رهيو.
بشير قريشي؛ سنڌ جي قبائلي جهيڙن کي نبيرڻ لاءِ، ڏينهن رات سرگردان رهندو هو، ڇاڪاڻ سندس ايمان هو ته سنڌ ايڪي ۽ اتحاد سان ئي ترقي ڪري سگهي ٿي، انڪري ڪهڙي به ذات، ڪهڙي به قبيلي يا ڪهڙي به فرقي جو جهيڙو ٿيندو هو ته هي ان جي نبيري لاءِ تڙپي اٿندو هو.
بشير قريشي؛ سنڌ جي جهر جهنگ، وستي واهڻ ۽ شهر شهر جي خاڪ ائين ڇاڻيندو هو جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوبه جا سڀ عضوا جاچي ڏسندو هجي
بشير قريشي؛ سنڌ جي سياست جي مسئلن تي گهري نظر رکندو هو ۽ سنڌ دشمن منصوبن لاءِ باه ۽ بارود ٿي پوندو هو ، پيرن ۾ جتي نه به هوندي هيس ته به رستن تي نڪري ايندو هو ۽ پيرن جي ڦلوڪڻن جي پرواهه نه ڪندي ڪوهن جا ڪوهه جهاڳيندو هو ... بلڪل سسئيءَ جي ڪردار جي جيئري جاڳندي تصوير ٿي پوندو هو.
بشير قريشيءَ تائين ڪنهن سنڌيءَ جي دانهن پهچندي هي ته سنڌ جي سردار ڄام ابڙي جو روپ ڌاري وٺندو هو، جنهن پنهنجو سر ته ڪٽايو پر سومرن جون سامون ڌارين جي حوالي نه ڪيون. هو سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جي دانهن ورنائڻ ۾ دير نه ڪندو هو ۽ پنهنجي سموري سگهه ان دانهن جي داد لئه استعمال ڪندو هو.
بشير قريشي؛ سنڌ جي جوانن، پوڙهن، نياڻين يا عورتن، ٻارڙن سان پيار ائين ڪندو هو جيئن هو سندس گهر جا ڀاتي هجن ۽ انهن جي ڏکن سکن تي سندس اکيون ڀرجي اينديون هيون.
بشير قريشي هڪ محبتي انسان، قربائتو دوست، حال پريان نال وارو مهمان نواز، عزت ڏيڻ وارو، مان ڏيڻ وارو، محبت ۽ خلوص جا کوڙ کڻي هلندو هو، حجت ڪري ڄاڻندو هو ۽ سنڌ جي نوجوانن کي متحرڪ ڪرڻ جو اهڙو فن ايندو هيس جو پاڪستان جي ايسٽبلشمنٽ کائنس سدائين خوفزده رهندي هئي.
بشير قريشي؛ هڪ ديش ڀڳت، هڪ صوفي ۽ هڪ سالڪ هيو، جيڪو هر مذهب هر فرقي ۽ هر انساني نظرئي جو احترام ڪندو هو ... سنڌ سان گڏ سموري انسانيت سندس ايمان ۾ شامل هئي.
اي سنڌ توکي ڀيٽ ڏنا ، ڪنهن ماڪ ڦڙا ڪنهن لڙڪ ڦڙا،
جن توکي پنهنجو رت ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا.
سلام بشير قريشيءَ جي حب الوطنيءَ کي ...
رب العالمين کيس جنت ۾ جايون عطا ڪري ۽ سنڌ کي بشير قريشيءَ جهڙا هزارين اڳواڻ عطا ڪري ته جيئن سنڌ جي ڇوٽڪاري جي راهه هموار ٿي وڃي ... آمين