سنڌ جي هن شخصيت جي باري ۾ تاريخدانن عجيب روش اختيار ڪئي آهي،سڀ تاريخ لکندڙ سندس نالو سرسري نموني وٺندا اڳتي وڌندا ويا آهن،هن جو ڏوهه رڳو هيء هو ته هن ڄام نظام الدين جي وفات کان پوء ٺٽي جي تخت لئه دعوي ڪندي ڄام فيروز تي لشڪر ڪشي ڪئي هئي۔۔ ۽ نيٺ دولهه درياء خان جي سياست ۽ تدبر جو شڪار ٿي ويو هو،ايتري حد تائين جو سنڌ جو مشهور مورخ مولائي شيدائي هن جي پيء جي نالي جي به وضاحت ڪونه ٿو ڪري،البت تاريخدانن ايترو لکيو آهي ته هو ڄام سنجر جو پوٽو هو۔ ڄام سنجر سنڌ جو انتهائي خوبصورت ۽ ذهين بادشاهه هو،چون ٿا ته سندس حسن تي هڪ الله لوڪ فقير عاشق هو،جنهن جي دعا سان هو بادشاهه ٿيو هو،هن گجرات جي سلطان محمود بيگڙي سان سڱاوتي ڪئي هئي،هو انتهائي ڏاهو،محب وطن ۽ عوام دوست حڪمران هو،هن سنڌ مان رُشوت جي پاڙ پٽڻ لاء سرڪاري عملدارن جا پگهار وڌائي سندن سخت نظرداري جو حڪم ڏنو هو،هن سنڌ تي ڪل اٺ 08 ورهيه آزاديء ۽ خودمختياري سان حڪومت ڪئي، ڄام سنجر جو دور امن ۽ اطمينان جي ڪري سنڌ ۾ مثالي دور ليکيو ويندو هو،۔۔ سندس دور حڪومت جو دائرو ملتان تائين هو ۽ سندس خوشحال دور جي باري ۾ ملتان ۾ ڪيترائي لوڪ گيت چيل آهن،ڄام صلاح الدين اهڙين وصفن واري حاڪم جو پوٽو هو،ڄام نندي جي وفات کان پوء جڏهن هن ڄام فيروز جي مقابلي ۾ ٺٽي جي تخت لاء دعوي ڪئي،تڏهن دولهه درياء خان ۽ ٻين وزيرن ڄام نظام الدين جي احساسن سبب ڄام صلاح الدين کي بي دخل ڪري ڄام نندي جي پٽ ڄام فيروز کي تخت تي ويهاريو،۽ ڄام صلاح الدين پنهنجي ڀيڻ وٽ گجرات هليو ويو،اڳتي هلي ڄام فيروز تخت تي ويهڻ شرط درياء خان کي پنهنجو بدخواهه سمجهي کيس درٻار مان ڪڍي مغلن سان دوستي وڌائڻ لڳو،اهي مغل ڌارين حڪومتن جا جاسوس هئا،جن مان خاص ڪري مير قاسم ڪيبڪي،درٻار جيون سموريون ڳجهيون خبرون شاهه بيگ ارغون کي پهچائڻ لڳو جنهن کي ڄام نندي جي زندگيء ۾ دولهه درياء خان ذلت آميز شڪست ڏئي ڇڪو هو،ڄام فيروز سارو ڏينهن محل ۾ گذاريندو هو،۽ ڪڏهن ورلي ٻاهر نڪرندو هو،جڏهن ٻاهر ايندو هو ته خوبصورت ڇوڪرن جي ناچ ۽ مسخرن جي مسخري ڏسڻ ۾ مصروف رهندو هو۔۔ ڄام فيروز جيون اهڙي قسم جيون لاغرضايون ۽ عياشيون سنڌ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيون هيون،درياء خان ٺٽو ڇڏي وڃي ڳاهن ۾ پنهنجيون زمينون آباد ڪرڻ لڳو،اهي خبرون جڏهن ڄام صلاح الدين کي پهتيون تڏهن هن مظفر گجراتي جي مدد سان وڏو لشڪر تيار ڪري سنڌ جي دارالحڪومت تي حملو ڪيو،ڄام فيروز بنا ڪنهن جنگ ڪرڻ جي ٺٽو ڇڏي ڀڄي ويو،سنڌ جي گاديء واري شهر تي ڄام صلاح الدين جو قبضو ٿي ويو،ڄام فيروز جي ماء مرينا ماڇياڻي پنهنجي نااهل ۽ نالائق پٽ کي لڪائي وڃي درياء خان جي در تي پهتي،ڄام نندي جي شخصيت جا واسطا ڏئي پٽينس جي نالائقين جي معافي وٺي درياء خان کي پرچائي وري سنڌ جي سياسيت ۾ گهلي آئي۔۔ سنڌ جي سدوري،سلڇڻي ۽ عظيم محب وطن پٽ هن خاندان جيون مهربانيون ياد ڪري بنا وقت وڃائڻ جي للشڪر گڏ ڪرڻ لڳو،بکر ۽ سيوهڻ جا سماٽ ۽ بلوچ قبيلا درياء خان جي جهنڊي هيٺ اچي گڏ ٿيا،جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ سنڌ جي ٻڻهي محب وطنن درياء خان ۽ ڄام صلاح الدين پاڻ ۾ ملاقات ڪئي،۽ سنڌي عوام جي خونريزي کان بچڻ جي اپائن تي ويچاريو،ٻئي ڄڻا سنڌ جي مفاد خاطر ٺهي ويا،پر بدقستي سان ڄام صلاح الدين جي مک صلاحڪار حاجي انهي صلح جي سخت مخالفت ڪئي،جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ سخت جنگ لڳي،جيئن ته ماڻهن جي اڪثريت ڄام فيروز کان بيزار هئي،ان ڪري ميدان جنگ ۾ درياء خان جو لشڪر بيهي نه سگهيو،۽ شڪست کاڌائين،درياء خان ان شڪست کي فتح ۾ تبديل ڪرڻ لاء پنهنجي رويتي دانائي کان ڪم ورتو،ٿيو هينئن جو ڄام صلاح الدين جي فوج جي سپهه سالار حاجيء درياء خان جي فوج جي شڪست جي پوري خبر هڪ قاصد هٿان ڄام صلاح الدين کي ڏياري موڪلي اتفاق سان اهو قاصد درياء خان جي ور چڙهي ويودرياء خان ڇا ڪيو جو حاجيء وارو خط لڪائي ان جي بدران ٻيو جڙتو خط حاجيء پاران ڄام صلاح الدين کي لکيو،جنهن ۾ ڄاڻايل هو درياء خان جي لشڪر پنهنجي فوج کي شڪست ڏني آهي،سهڻي صلاح هي آهي ته تون پنهنجي عيال سميت ٺٽو ڇڏي وڃ۔۔۔خط پهچڻ شرط ڄام صلاح الدين بنا ڪنهن سوچڻ جي ٻار ٻچا وٺي،09 رمضان تي ٺٽي مان نڪري ويو،حاجيء کي جڏهن ڄام صلاح الدين جي انهي قدم جي خبر پئي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو،پر هاڻي وقت هٿن مان نڪري چڪو هو تنهن ڪري ٻئي گجرات هليا ويا۔۔۔ انهي واقعي کان پوء ڄام فيروز سوچيو ته هاڻ مون کي درياء خان مان خطرو آهي،ان ڪري هن پنهنجي آندل مغلن جي چرچ تي هڪ دفعو وري درياء خان سان اڍنگي روش اختيار ڪئي،اهي مغل ڄام فيروز قنڌار مان گهرائي هڪ خاص محلي مغل واڙي ۾ رهايا هئا۔۔۔ انهن مغلن تي اهو ڪم رکيو ويو هو ته اهي ڄام فيروز کي درياء خان سان بدظن ڪري ان کي سنڌ جي سياست مان بيدخل ڪرائين،مغل درياء خان کي درٻار مان ڪڍرائي ارغون کي خط لکي سنڌ تي حملي لاء گهرايو،۔ ارغونن جي حملي جو ٻڌي هي محب وطن هڪ دفعو وري ٺٽي جي چپن تي مرڪ برقرار رکڻ لاء ميدان جنگ ۾ ڪاهي آيو۽ وڙهندي شهيد ٿي ويو۔سنڌ ڄام فيروز جي نالائقين جي ڪري ارغونن جي غلاميء ۾ ڦاسي پئي،اهي خبرون جڏهن ڄام صلاح الدين کي پهتيون تڏهن هو سنڌ تان ارغونن جو تسلط ختم ڪرائن ۽ سنڌ کي وري آزاد ڪرائڻ لاء 10 هزار سوڍن ۽ جاڙيجن جو لشڪر وٺي ارغونن تي حملي آور ٿيو،جهالار جي ميدان ۾ 1520 ع ڌاري خونخوار جنگ لڳي جنهن ۾ سنڌ جو هي لافاني محب وطن پنهنجي پٽ ۽ ساٿين سميت شهيد ٿي ويو۔۔ڄام صلاح الدين آخر وقت تائين سنڌ لاء زنده رهيو ۽ سنڌ تي ئي قربان ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔