تحقيق ۽ تحرير؛ سچل ماڇي حيدرآباد گنجي ٽڪر جي اُترين ٽڪريءَ تي واقع آهي، جيڪا ويڪرائي ڦاڪَ 25.367 (اُتر) درجا ۽ ڊگھائي ڦاڪَ 68.367 درجا (اوڀر) تي، سنڌو درياءَ جي اڀرندي ڪپَ تي واقع آهي. حيدرآباد جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا ئي ننڍا شهر آهن، جهڙوڪ 6.7 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪوٽڙي، 8.1 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڄامشورو، 5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هٽڙي، ۽ 7.5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هُسڙي. حيدرآباد سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچيءَ کان تقريباً 160 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر اوڀر ۾ سامونڊي سطح کان 13 ميٽر اوچائيءَ تي واقع آهي. حيدرآباد پهنجي بيهڪ باعث قدرتي طور تي سنڌ جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. هي شهر وچولي ۾ آهي ، مٿئين پاسي اُتر کان سرو تههيٺئين طرف ڏکڻ کان لاڙ اٿس،هڪ پاسي ڪاڇو ۽ ڪوهستان ته ٻئي پاسي ٿر ۽ ڪڇ جو رڻ اٿس، ان ڪري چئني طرفن جو حقيقي سنگم نظر اچي ٿو. هي شهر جيتريقدر پهنجي فطرت ۾ توانو ۽ شاداب رهيو آهي، ايتريقدر اُٿلن پُٿلن سان منهن مقابل ٿيندو رهيو آهي، پر هر انقلاب بعد ڪجهه وقت گزرڻ کان پوء ساڳيو شهر ڪرُ مٿي کڻي بيٺو رهيو آهي، تاريخي پسمنظر حيدرآباد ماضي ۾ مختلف نالن سان وجود رکندو هو. سن 827 ق.م ۾ يونان جي عظيم سپهه سالار سڪندر اعظم (Alexander Dumas) حيدرآباد تي يلغار ڪري ان جي چوڌاري گهيرو ڪيو، مگر علائقي جي ٻڌمتي حاڪم جنگ ڪرڻ بجاء ڪوٽ ٻاهران نڪري سڪندر اعظم جو استقبال ڪيو۽ سڪندر اعظم جنگ ڪرڻ بنا واپس روانو ٿي ويو، ان زماني ۾ حيدرآباد جو نالو ”پٽالا يا پٽيالا بندر “ هو. 6 صدي ۾ به حيدرآباد جو شهر ٻڌل آهي، جنهن علائقي کي تاريخ ۾ نيرون ڪوٽ سڏيو ويندو هو، راجه ڏاهر طرفان نيرون ڪوٽ جو حاڪم سُندر شِمني ٻُڌ بخش هو، شهر جي خوبصورتي باعث راجا ڏاهر جو پٽ جئه سنا اتي اچي آرام ڪندو هو، سن 712ع ۾ عربي لشڪر محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ سنڌ فتح ڪئي، ان وقت به اڪثريت عوام ٻُڌ مذهب سان تعلق رکندو هو. تاريخ جي ڪتابن ۾ آيل آهي ته اهو پٽالا شهر ان جاء تي هو، جتي سنڌو درياء جو ڇوڙ واري ٽڪنڊي جي شروعات هئي ، جڏهن ته هتان ڦليلي جو وهڪرو به موجود هو،.غلام شاهه ڪلهوڙي کي ان ڦليلي جي هجڻ ڪري هتي قلعو اڏڻ جو خيال آيو. ان کان اڳ ۾ هن 1760- 1762ع ۾ شاهپور جو بنياد رکيو هو، کيس اهو خيال هوندو هو ته راڄڌاني اُتي قائم ڪئي وڃي جتي درياهه جي ٻوڏ جا ڪارڻ گهٽ هجن. سندس ڀاءُ مرادياب خان ، مراد آباد نالي هڪ راڄڌاني جو بنياد رکيو هو، پر درياهه ان کي ٻوڙي کڻي ويو هو، سو کيس ان ڪري ڊپ ٿي پيو هو، هن سوچيو ته راڄڌاني ڪنهن محفوظ جاءِ تي هجڻ گهرجي. خير حقيقت ڇا به هجي پر کيس لاءِ ڪوبه اهڙو موزون علائقو نه هو جتي ڪو شهر اڏجي ۽ ٻوڏ جي تباهين کان به محفوظ هجي، جڏهن ته ٻئي پاسي گنجي ٽڪر وارو علائقو هوجيڪوٻوڏ کان محفوظ هو ۽ ڀرسان ئي ڦليلي به تازو وهڻ شروع ڪيو هو، (هن وقت حيدرآباد شهر جي لطيف آباد واري حصي سان لڳ گنجو ٽڪر ۡڪَر کنيو بيٺو آهي. جو سنياسين، سيارن ۽ الله وارن جو مقام هو. شاھ ڀٽائي رحه به هن کي سر کاهوڙيءَ ۾ ڏاڍو ساراهيو آهي.) هتي جڏهن راڄڌاني تعمير ڪئي پئي وئي ته سڀ سهولتون ۽ گهرجون پوريون پئي ٿيون ،انهي ڪري ميان غلام شاه ڪلهوڙي نيرون جي نرڙ تي راڄڌاني اڏڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن کي نيرون ڪافري به سڏيو ويندو هو، نيرون وارو پراڻو قلعو ناس ٿي چڪو هو، ڀتيون ڊهي پٿرن جا ڍير بڻجي ويون هيون، ڀر وارو پوٺو به پيرن وارو قبرستان بڻجي ويو هو، مسلمانن جي عقيدي مطابق اهو ماڳ ڇوٽڪاري ۽ رحمتون نازل ڪندڙ ماڳ بڻجي ويو هو. غلام شاه ڪلهوڙي هر شي کي ٻُهارائي صاف ڪرايو، نيرون جي ياد سان وابسته ڪو به نشان نه ڇڏيائين، ۽ ان جڳهه تي بلڪل نئين سر حيدرآباد جو قلعو جوڙايائين، قلعي جي تعمير 1768ع ۾ شروع ٿي، هي ڪلهوڙن جي دور حڪومت جي سڀ کان وڏي تعمير هئي،غلام شاه ڪلهوڙي 1770ع کان قلعي ۾ رهائش پذير ٿيو، جڏهن ته سندس موت 1772ع ۾ اڌ رنگي سبب ٿيو۔ 1789ع ۾ مير فتح علي خان ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت قائم ڪئي جنهن به حيدرآباد کي دارالخلافه بڻايو سندس عدالت به پڪي قلعي ۾ ئي هلندي هئي. مير فتح علي خان ٽالپر ۽ سندس ٽي ڀائر، المعروف چار يار، حيدرآباد جي معاملات کي سنڀاليندا هئا. سندن دور حڪومت گھڻو ڊگھو نه هليو. جلد ئي 1843ع ۾ 24 مارچ تي برطانوي قوتن کان جنگ هارائڻ بعد حيدرآباد جو شهر انگريزن جي قبضي هيٺ اچي ويو ۽ ميرن جي صاحبي اختتام تي پهتي. جيتوڻيڪ برطانوي فتح بعد سنڌ جي گاديءَ جو هند ڪراچيءَ منتقل ٿي ويو، پر حيدرآباد جون اڪثر پڪييون ۽ خوبصورت عمارتون برطانوي دور ۾ جڙيون. حيدرآباد جي ويجھو خوبصورت ۽ شاهڪار ڪوٽڙي بيراج پڻ انگريزن جي دور ۾ جڙيو. ان کان سواءِ حيدرآباد ۾ ثقافتي ۽ تعليمي سرگرمين اڃا وڌيڪ زور ورتو. 1947ع ۾ پاڪستاني بيٺڪ قائم ٿيڻ شرط ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ جو هنڌ بڻائي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو ۽ سنڌ جي گاديءَ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت ڪجھه سالَن لاءِ حيدرآباد هڪ ڀيرو وري سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ بڻيو هو. 1947ع کان 1960ع تائين لڳاتار اُتر کان ريل گاڏيون ۽ اولهه کان هوائي جهاز ڀرجي بندرگاهه تي اچي پهتا، حيدرآباد جا سمورا اسڪول پناهگير ڪئمپ بڻجي چُڪا هئا، هندستان مان آيل مسلمان پناهگيرن کي اڳ ۾ خالي ٿيل هندن جي گهرن ۽ جاين ۾ رهايو ويو شهر جا گهر ۽ ڇڏيل ڪاروبار، امانت باسلامت طور پناهگيرن کي ڏنا ويا يا سرڪاري قانونن قائدن موجب ڪنهن به سنڌي کي شهر ۾ ڪا ملڪيت يا جاءِ ، بنگلو خريد ڪرڻ جي اجازت نه هئي، اُهي ملڪيتون اڳ ئي پهنجن نون مالڪن جي اوسيئڙي منجهه بند هيون. شهر جا سمورا پاڙا جتي هندن جي اڪثريت هئي ، اُتي هندن کان به ٻيڻ ٽيڻ تي مسلمان اچي پهتا هئا. وڏا توڙي ننڍا گهر پناهگيرن کي الاٽ ڪيا ويا. 1954/1955ع ڌاري شهر جي آبادي تمام وڌي چڪي هئي ان ڪري حيدرآباد جي اولهه ڏکڻ ۾ شاهه لطيف آباد شهر جوڙيو ويو جنهن لاٰءِ ٽالپر حاڪم گهراڻي جي هڪ فرد پهنجي هزارين ايڪڙ زمين اُنهي نيڪ مقصد لاءِ حڪومت کي سوکڙي طور ڏني. 1960ع ڌاري تائين شهر جي ڳچ حصن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي وڃي بچيا، اسڪولن، سرڪاري عمارتن، عام جاين توڙي چونڪن ۽ بورڊن تي سنڌي ۾ لکيل قول هٽايا ويا يا نئين رائج ٿيل ٻولي ۾ تبديل ڪيا ويا. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي اردو ۾ پروگرام نشر ٿيڻ لڳا ۽ اسڪولن ۾ اردو ٻولي لازمي سبجيڪٽ طور پڙهائجڻ لڳي،هندستان مان آيل مسلمان پڙهيل لکيل هجڻ ڪري آفيسر شاهي تي منصوب ڪيا ويا انهن جي ٻولي اردو يا انگريزي هئي ، انهئ ڪري سڄي ملڪ ۾ اردو ٻولي کي قومي ٻولي طور رائج ڪيو ويو. هوڏاهن قاسم آباد ، حيدرآباد شهر جي آُتر_ اولهه ڪنڊ تي ديهه ڄامشوري، ديهه سري، ۽ درياهه جي بند سان لڳ هڪ بستي قائم ڪيل آهي، سنڌي ماڻهن گُهٽ ۽ ٻوساٽ سبب اُتي کليل فضا ۾ پهنجا گهر آباد ڪرڻ لڳا . 1988ع جي لساني فسادن کان پوء سنڌي ماڻهو قاسم آباد ڏانهن جڏهن ته مهاجر لطيف آباد ڏانهن پهنجي پهنجي اڪثريتي آبادي ڏي رهڻ لڳا ۽ ايئن شهر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. حيدرآباد جا قديم آثار حيدرآباد جي قديم آثارن ۾ پڪو قلعو، ڪچو قلعو، غلام شاهه جو مقبرو، ميان عبدالنبي جو مقبرو، ميان سرفراز جو مقبرو ۽ ميرن جون قبرون ڄاڻائي سگهجن ٿا. انهن سڀني مان غلام شاه جو مقبرو سڀني کان پوء وارين مغل تعميرات جو حصو آهي. اها چورس ۾ ٺهيل اڏاوت هڪڙي وڏي ٿلهي تي بيٺل آهي، جنهن ۾ اڀرندي پاسي کان داخلي رستو آهي، ٻاهريون ڀتيون ڪاشي جي سِرن سان ڍڪيل هيون جيڪي بُري طرح تباهه ٿي چُڪيون آهن، مقبري جي اندر ڪاشي جا چوڪا لڳل آهن جن تي فارسي ۾ شاعري اُڪريل آهي. غلام شاه جي مقبري جي ٿوري ئي مفاصلي تي ميان عبدالنبي جو مقبرو آهي، جنهن سرفراز کان پوء تخت والاريو هو، اهو مقبرو به غلام شاه جي مقبري جهڙو ئي ٺهيو آهي پر اهو به هن وقت زُبون حالت ۾ آهي. ميان سرفراز جو مقبرو، ميان عبدالنبي جي مقبري کان اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. ٽالپرن جي مقبرن ۾ مير ڪرم علي، مراد علي، نور محمد، نصير خان، شهداد خان ۽ غلام شاه خان ۽ سندن گهروارين توڙي مائٽن جون مزارون آهن. پراڻي ڪوٽ جي نئين سِر اڏاوت غلام شاهه ڪلهوڙي ڪرائيِ ، ۽ ان کي پڪي قلعي جو روُپ ڏنو. پڪو قلعو سطح سمنڊ کان 80 فوٽ جي بلندي تي موجود آهي، اٽڪل 1 ڪلوميٽر ويڪرو آهي. قلعي جي ديوارن تي مورچا ۽ ڳڙکيون به ٺاهيون ويون. قلعي جي تعمير 1762ع ۾ ٿي، قلعي جي شاهي دروازي مٿان” رباٰٰٰٰجل هذا بلد آمنا“ يعني ”اي الله هن شهر کي امن وارو گهوارو بڻاء“ لکرايو ويو. ميرن جي دور حڪومت ۾ حيدرآباد ۾ وڏي تبديلي آئي، انهن قلعي جي توسيع سان گڏ سونهن ۽ نزاڪت ۾ اضافا آندا. چون ٿا ته قلعي جي اندر بادشاهي محل ”ديوان خاص “ ۽ ”ديوان عام“ جوڙيل هو. واضع رهي ته قلعي جي ٻاهران مضبوط ٺُل “Watch Tower” به ٺهرايل هو، جيڪو ميرن جي دور ۾ نڪتل تصوير ۾ نظر اچي رهيو آهي، پر انگريزن واري جنگ جي دوران قلعي جون اندريون جايون توڙي اهو ٺُل به مسمار ٿي ويو. ڪچو قلعو به يادگار اڏاوتن مان هڪ آهي، هي پڪي قلعو کان اولهه طرف آهي. سطح سمنڊ کان اٽڪل 22 فوٽ اوچي ٽڪري تي ٺهيل آهي،. قلعي جي اندر هڪ اولياء جو مقبرو موجود آهي جيڪو ”جيئي شاهه يا مڪي شاهه“ جي نالي سان مشهور آهي. قلعي ۾ موجود مقبري مان اهو اندازولڳائي سگهجي ٿو ته قلعو 1082هـ کان به اڳ جوڙايو ويو هو. قلعي جون ڀتيون مٽيِ ۽ ڪچن سِرن ۽ بلاڪن سان ٺهيل آهن، قلعي جي اندر مقبري جي ديوارن تي ٽالپرن جا نقش به چٽيل آهن. قلعي کي 250_300 سال گزري چڪا آهن پر اڄ به اُن جون ديوارون ڪرُ مٿي کڻي بيٺل آهن. جديد حيدرآباد آدمشماري Population جي لحاظ کان حيدرآباد سنڌ جو ٻيون، اڄوڪي پاڪستاني بيٺڪ ۾ ڇهون ۽ دنيا ۾ ٻه سَو نائون (209) وڏي ۾ وڏو شهر آهي. هن وقت ان جي آدمشماري لڳ ڀڳ تيرهن لک اٺيتاليهه هزار ٻه سَو اٺاسي 1,348,288 آهي. حيدرآباد جي آباديءَ جي اڪثريت مهاجر قوم تي مشتمل آهي. انتظامي اعتبار سان اڄوڪو حيدرآباد شهر ۽ ضلعو چئن تعلقن، حيدرآباد شهر، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ حيدرآباد ٻهراڙي ۾ ورهايل آهي. انهن مان ٻن تعلقن، يعني ٻهراڙي ۽ قاسم آباد ۾ اڪثريت سنڌي آباديءَ جي آهي ته باقي ٻن وڏن تعلقن ۾ اڪثريت مهاجرن جي آهي. آباديءَ جي اڪثريت جيئان، حيدرآباد جي ڪاروبار تي به مهاجر قوم ڇانيل آهي. هر ننڍو وڏو ڪاروبار يا ته ڪو مهاجر هلائي رهيو آهي يا وري ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ گجراتي. هاڻي ته حيدرآباد جي شهر ۾ افغاني پناهگير به ڪاروبار ڪري رهيا آهن. حيدرآباد چوڙين جي شهر جي نالي سان به مشهور آهي موجوده وقت ۾ هي شهر دنيا جو وڏي ۾ وڏو چوڙين جي صنعتي مرڪز آهي. ان کان سواءِ هن وقت حيدرآباد ۾ سمينٽ، صابڻ، شيشي جا ڪارخانا پڻ آهن. تنهن کان سواءِ سون ۽ دستڪاريءَ جا هنرمند پڻ نمايان آهن. ڀرپاسي جي ٻهراڙيءَ ۾ اپايل ميوي، ڪڻڪ، چانور، ۽ ڪپهه جي وڪري جو مرڪز پڻ حيدرآباد آهي. آبهوا حيدرآباد منجھند جو تمام گرم ٿيندو آهي. سيارو اڪثر تمام گھٽ ٿڌو ٿيندو آهي. جڏهن ته اونهاري ۾ منجھند جو گرمي پد 48 درجا سينٽيدريڊ به ٿي ويندو آهي. اونهاري ۾ رات جو تمام سٺو ٺار ٿيندو آهي جڏهن ته سياري جون راتيون تمام ٿڌيون ٿي وينديون آهن ، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۾ اڪثر تيز هوائون لڳنديون آهن. تنهنڪري سياري جون راتين ۾ هوائون تمام گڻيون ٿڌيون ٿينديون آهن ته اونهاري ۾ منجھند جو لُڪَ لڳندي آهي. تنهنڪري حيدرآباد جا ماڻهو اونهاري ۾ منجھند جو ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن. اعليٰ تعليمي ادارا سنڌ يونيورسٽيءَ جو پراڻو ڪيمپس تعليم اسرا يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو صحت ۽ طبي سائنس جي لياقت يونيورسٽي ڄامشورو ذريعات حيدرآباد مان ڪيتريون ئي سنڌي توڙي غير سنڌي اخبارون نڪرن ٿيون. ڪجھه مقبول اخبارون ، روزانه ڪاوش، روزانه عبرت، روزانه شام، سنڌ ايڪسپريس، تنهن کان سواءِ حيدرآباد مان ڪيترا رسالا پڻ شايع ٿين ٿا. حيدرآباد ۾ هڪ سنڌي خانگي ٽي وي چينل مهراڻ ٽيلي وزن پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻين سنڌي چينلن جون بيورو آفيسون حيدرآباد ۾ موجود آهن جن ۾ ڪي ٽي اين نيوز، سنڌ ٽي وي نيور، آواز ٽي وي، ۽ ڌرتي ٽي وي شامل آهن. ريفرنس؛ ”حيدرآباد جي تاريخ“ ليکڪ ”حُسين بادشاهه“ مضمون ”نيرون ڪوٽ (حيدر آباد)“ ليکڪ پروفيسر محبوب علي چنا دستاويزي فلم”حيدرآباد جي تاريخ“پيشڪش ”اوسر پيڙهڪا امانتاڻي“ http://en.wikipedia.org/wiki/Hyderabad,_Sindh http://homepage.ntlworld.com/myjamro/sindh/historicalplaces.htm#Hyderabad%20fort%20%28Pakko%20Qilo%20or%20Meeran-jo-Qilo%29 http://en.wikipedia.org/wiki/History_of_Hyderabad,_Pakistan http://sd.wikipedia.org/wiki/حيدرآباد_سنڌ (دوستن ۽ ڀائرن کي التجا ٿي ڪجي ته اگر هن موضوع تان ڪنهن سلسلي ۾ مدد ورتي وڃي يا هن موضوع کي شيئر ڪريو ته مهرباني ڪري مون کي ياد ڪندا، توهان کي مضمون شيئر ڪرڻ جي اجازت آهي، اميد ته توهان جتي به شيئر ڪندو ته مهنجو نالو ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ضرور لکندئو)
السلام عليڪم دوست سچل ماڇي صاحب تمام خوبصورت ، تاريخي ۽ تفصيلي موضوع موڪلڻ لا اوهانکي واڌايون هجن ، توهانجي هي تحرير واقعي ايوارڊ جي حقدار آهي ! مهرباني ادا
ادا سچل....حيدرآباد جي تاريخ ايتري آسان فهم ۽ دلچسپ انداز ۾ لکي توهان واقعي هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي..اميد ته اڳتي به پنهنجي تحريرن سان سنڌ سلامت جي محفل مچائيندا رهندا..
تمام سٺي تحقيق ۽ بهترين ليک ۔۔۔ سچ ته اوهان دلچسپ ۽ معلوماتي ڄاڻ فراهم ڪري رهيا آهيو۔ ٿورڙيون ترميمون ڪجو جو ڪجهه جاين تي اسپيس نه ڏيڻ سبب ڪجهه لفظ گڏجي ويا آهن۔
سائين بلڪل صحيح پيا چئو۔۔۔۔ ڪجهه غلطيون نظر آيون آهن، جن جي ترميم ڪئي اٿم۔ نوان لکندڙ آهيون غلطيون ته ٿينديون ، پر هيء به حقيقت آهي ته انسان غلطين مان ئي سِکندو آهي۔ سائين بس اوهان رهنمائي ڪندا رهو، ته جلد ئي ايڪسپرٽ ٿي وينداسين۔
ادا اوهان ايئن ئي حوصلا افزائي ڪندا رهندئو ته بلڪل پهنجو ساٿ هلندو رهندو۔ اوهان جا به ٿورائتا ٿياسين۔۔۔۔۔
ادا سچل صاحب اوهان جو مضمون معلوماتي آهي پر هن ۾ اوهان حيدرآباد ۾ اردو زبان رکندڙن کي مهاجر جو لقب ڏنو آهي، جيڪو شايد ٺيڪ ناهي۔
ادا دراصل ڳاله هي آهي ته منهنجو مضمون تاريخي حوالي سان لکيل آهي، ۽ جنهن وقت اهي ادرو ڳالهائيندڙ آيا هئا ته عام فهم مطابق اهي مهاجر ئي هئا ۽ هينئر به ايئن هلندو اچي پيو۔
محترم سائين بهترين ليک بهترين ونڊ ،اوهان جا قرب جو اسان کي اهم معلومات مهيا ڪئي سچ ته حيدرآباد سان ناتو هوندي به تفصيلي خبر ڪو نه هئي ،لک لائق اوهان جا ۔