• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

کل ڀوڳ ۾ به ڪم جي ڳالهه

جان زريناڻي

سينيئر رڪن
ڪنهن دوست جي پروفائل ۾ مون هڪ جملو ڏٺو هو حاضر آهي اوهان دوستن جي اڳيان ...... ته جيڪو ٻار يا نوجوان 100 يا 150 جو ڪتاب وٺڻ پسند نه ڪن ۽ اُن جي ڀيٽ ۾ 500 يا 1000 جو بوٽ وٺڻ جا شوقين هُجن ته سمجهو انهن کي تعليم جي ضرورت نه آهي مگر پادرن جي ضرورت آهي (ـ_ـ)
 
سائين ٻڌو آ ته اهو علامه آء آء قاضي جو قول آ۔ وڌيڪ خدا بهتر ڄاڻي ٿو۔۔۔
ٿي سگهي ٿو مونکي وڌيڪ ته خبر نه آهي جملو ڏٺو سٺو لڳو سڀني سان ونڊ ڪيم

ڪنهن دوست کي وڌيڪ ڄاڻ هجي ته ونڊ ڪري اسان جي معلومات ۾ اضافو ٿيندو مهرباني
 
200px-Allama_I_I_Kazi_as_Vice_Chancellor_University_of_Sindh.jpg

ادا اهيا صحيح ڳالهه آهي ته اهيو قول علامه آء آء قاضي صاحب جو آهي۔علامه آء آء قاضي جو پورو نالو امداد علي امام علي قاضي آهي. پاڻ سنڌي ادب ۽ ثقافت، علم ۽ فن، تهذيب ۽ تمدن جو پارکو ۽ جليل القدر مفڪر ۽ سنڌ جو مايه ناز اديب ٿي گزريو آهي. سندس وڏا انصاري مان
اصل پاٽ شهر ضلعي دادو جا ويٺل هئا. علامه صاحب جو والد نوڪري سانگي حيدرآباد ۾ رهندو هو جتي 18 اپريل 1886 تي علامه صاحب جي ولادت ٿي.
علامه صاحب ابتدائي تعليم ميان عبدالعزيز وٽ حاصل ڪئي. سنڌي فائنل 1904 ۾ 7 مئٽرڪ 1905 ۾ پاس ڪيائون. 1907 ۾ ولايت ويو، جتي لنڊن ۾ اقتصاديات ۽ نفسيات جي تعليم حاصل ڪئي. فلاسفي ڊاڪٽر آرنلڊ وٽ پڙهيو. 1910 ۾ جرمني ويو. جتي ايلسا نالي هڪ جرمن خاتون سان سندس شادي ٿي. 1911 ۾ بئريسٽريءَ جي ڊگري وٺي واپس وطن آيو.
علامه صاحب پهريائين ٽنڊي محمد خان ۾ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. خير پور رياست ۾ ڪجه عرصو سيشن جج جي حيثيت سان پڻ رهيو. بعد ۾ حيدرآباد ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. ڪجهه عرصو انگلنڊ ۾ لنڊن اسڪول آف اورينٽل لئنگيويجز ۾ سنڌي زبان جو اعزازي استاد رهيو.
علامه صاحب 9 اپريل 1951 تي سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ٿيو.
علامه صاحب امام غزالي *۽ شاه صاحب جي شاعري کان ڏاڍو متاثر رهيو. پاڻ شاه صاحب جو رسالو به ايڊٽ ڪيائون.
علامه صاحب جي ڪهر واريءَ کي سنڌ جا ماڻهو احترام وچان امڙ ايلسا سڏيندا آهن، 28 مئي 1967 تي وفات ڪري وئي. علامه گهر واريءَ جي وفات کان پوءِ گهڻو عرصو نه رهي سگهيو ۽ 13 اپريل 1968 تي پنهنجي جسم کي مهراڻ جي موجن جي حوالي ڪندي موت کي ڀاڪر پاتو. کيس سنڌ يونيورسٽي جي احاتي اندر مسجد جي ۽ ايلسا قاضي جي ڀرسان دفنايو ويو۔بشڪريه وڪيپيڊيه۔

 
Back
Top