• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 4 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 4 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

4 اپريل 1894ع فريڊم فائيٽر مولانا دين محمد وفائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 اپريل 1914ع گلوڪار، موسيقار، شاعر ۽ سياسي اڳواڻ کيئل داس فاني جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1919ع عالم، اديب، دانشور ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي پيدائش جو جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1921ع اداڪار آنند آڏواڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1921ع گلوڪار ۽ ليکڪ ارجن سنگهه بجلاڻي (خيروديرو / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 اپريل 1933ع ليکڪ شهيد سومرو (آراضي) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1940ع شاعر شبير حاتف جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 اپريل 1942ع زرعي سائنسدان ڊاڪٽر عرض محمد انڙ جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1942ع ليکڪ زاهد علي مگسي (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 اپريل 1942ع صحافي ۽ ترقي پسند شاعر احفاظ الرحمان جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 اپريل 1944ع وڪيل ۽ سياستدان نجم الدين ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1946ع شاعر عاجز ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1947ع اسڪالر ڊاڪٽر ممتاز بخاري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1947ع شاعر غلام محمد در (پيارو خان) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1949ع شاعر پرڪاش ديپ جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1950ع صحافي غلام مصطفى عباسي (فريد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1951ع صحافي دستگير ڀٽي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1953ع صحافي صابر علي شاهه (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1972ع ليکڪ مير خان جسڪاڻي (جسڪاڻي) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1973ع ليکڪ اظهار سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1973ع شاعر چندر ڪيسواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1978ع شاعر سائل پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

4 اپريل 1852ع شاعر غلام حسين مسڪين جو انتقال ٿيو.
4 اپريل 1913ع مولانا جهان خان دراني جو لاڏاڻو ٿيو.
4 اپريل 1965ع شاعر ثاقب منگي (ڪي اين شاهه) جو انتقال ٿيو.
4 اپريل 1979ع ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي اڍيالا جيل راولپنڊي ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو.
4 اپريل 2008ع ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشهور اداڪار انور سولنگي جو انتقال ٿيو.


حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top