ڪجهه ڏينهن کان دوست ريل گاڏي جو ذڪر گهڻو ڪري رهيا آهن۔۔۔۔ مون کي پنهنجي ڪاليج لائيف جو هڪ واقعو ياد آيو سوچيم ته سنگت سان ونڊيا۔۔۔ ريل گاڏي آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو۔۔۔ گاڏي ۾ هر عمر جا مرد ۽ عورتون سوار هئا۔۔۔ مان جنهن بوگي جو ذڪر ڪري رهيو آهيان ان ۾ ڪاليج جا شاگرد به هئا ۔۔۔ ان کچا کچ ڀريل بوگي ۾ هڪ اڌڙوٽ ماڻهون سان گڏ سندس 30 سالا پٽ دريءِ واري سيٽ تي ويٺا هئا۔۔۔۔ جيئن ئي گاڏي هلڻ شروع ڪيو ۔۔۔ ڪراڙي جي 30 سالا پٽ جي ڪيفيت ڪجهه جذباتي ٿي وئي هن دريءَ کان ٻاهر قدرتي نظاري کي پوئتي ۽ وڻن کي هلندي ڏٺو ته خوشي ۾ تاڙي وڄائيندي چيو۔۔۔”بابا۔۔۔ بابا۔۔ هُو ڏس وڻ ڪيئن ڊوڙي رهيا آهن۔۔ جن کي ڏسي مون کي ڏاڍو مزو ٿو اچي۔۔۔“ 30 سالن جي نوجوان ڇوڪري کي ڪنهن ٻار وانگر خوشي ۾ اهڙي نموني جذباتي انداز سان ٻاراڻي گفتگو ڪندي ٻين ماڻهن کي سٺو نه لڳو۔۔۔ ۽ هو هڪ ٻئي سان ان ڇوڪري جي باري ۾ مِڻ مِڻ ڪرڻ لڳا۔۔۔ ”مون کي ته لڳي ٿو ته ڇوڪرو پاڳل آهي۔۔۔“ سامهون ئي ويٺل نئين پرڻيل ڪنوار پنهنجي گهوٽ جي ڪن ۾ سرگوشي ڪئي۔۔۔ اچانڪ ٻاهر هلڪي هلڪي بونداباندي ٿيڻ لڳي ۔۔۔ کليل دريءَ مان هوا سان گڏ هلڪي بونداباندي ڦوار وانگر اندر اچي رهي هئي ۔۔۔۔ 30 سالا پٽ مزو وٺندي چيو ۔۔۔ ”بابا ۔۔۔ بابا۔۔۔ ڏس مينهن جون ڦڙيون ڪيڏيون نه ڀليون آهن۔۔۔۔“۔۔ ڪراڙي دريءَ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پٽس چيو۔۔۔ ”نه بابا۔۔۔ نه با با۔۔۔ مونکي اهي ڦڙيون وڻن ٿيون دري بند نه ڪر۔۔۔۔“ جڏهن ته سامهون ويٺل ڪنوار پنهنجي پهريل وڳي کي مينهن جي ڦڙين کان بچائڻ لڳي ۔۔۔ سندس جي ڀرسان ويٺل گهوٽ کي ان صورتحال ٿورو مشتعل ڪري وڌو ۽ ڪراڙي کي چيائين۔۔۔ ”پوڙها ڏسين نه ٿو مينهن پيو وسي ۔۔۔ اها دري بند ڪر۔۔۔ ۽ پنهنجي پاڳل ڇوري کي ڪنهن پاڳل خاني داخل ڪراءِ۔۔۔۔ٻين کي ته پريشان نه ڪر۔۔۔“ ڪراڙو پهريان ته ڏاڍو شرمندو ٿيو ۔۔۔۔ پر پوءِ آهستگي سان هٿ جوڙيندي چيائين ۔۔۔۔ ”ابا معاف ڪجانءِ۔۔۔ اسان اسپتال مان واپس پيا اچون۔۔۔ منهنجو پٽ اڄ صبح ئي اسپتال مان ڊسچارج ٿيو آهي۔۔۔ هي ڄمندي ئي نابين هيو۔۔۔ پوئين هفتي ئي ڪنهن الله جي فرشتي کيس اکيون عطيي طور ڏنيون آهن۔۔۔ ۽ هن ڏسڻ شروع ڪيو آهي۔۔۔۔ هن جي اکين ان کان اڳ دريءَ کان ٻاهر جو نظارو يا مينهن جون ڦڙيون پهريون دفعو ڏٺيون آهن۔۔۔۔ منهنجي پٽ جي ڪري توهان کي تڪليف پهتي ۔۔۔۔ اسان کي معاف ڪجو۔۔۔“ سبق: جيڪي شيون اسان ڏسون ٿا اهي درست هونديون جيسيتائين اسان کي سچائي جي خبر نه ٿي پوي۔۔۔ پر جڏهن اسان کي سچ جي خبر پوي ٿي ته اها ڳالهه واضح ٿيو وڃي ته غلطي ٻئي جي نه پر اسان جي هوندي آهي۔۔۔ تنهن ڪري پهريان حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ پوءِ پنهنجو ردعمل ڪيو۔۔۔
جواب: ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ هڪ دفعو سوچو ضرور۔۔۔ رشيد سائين لکن جي ڳالهه ڪئي اٿو۔۔۔ بلڪل اصل زندگي ۾ ايئن ئي هوندو آهي ته سوچ جي برخلاف پنهنجي غلطي به نڪري پوندي آهي
جواب: ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ هڪ دفعو سوچو ضرور۔۔۔ ادا بلڪل ڳالهائڻ کان پهريان سوچڻ گهرجي ۔۔۔۔ جئين ڪنهن معصوم جو فرمان آهي تي ۔۔۔۔ ” عقلمند انسان پهرين سوچيندو آهي پوءِ ڳالهائيندو آهي ليڪن بيوقوف پهرين ڳالهائيندو آهي پوءِ سوچيندو آهي “
جواب: ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ هڪ دفعو سوچو ضرور۔۔۔ سائين توهان جي تحرير ۾ وڏي تحريڪ مضمر آهي۔ واقعي هر ماڻهو پنهنجي اک جي دريء مان ڏسندو آهي ليڪن بهتر آهي ته ٻئي جي اک جي دريء مان به ڏسجي ته حقيقت وڌيڪ نمايان نظر ايندي۔
جواب: ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ هڪ دفعو سوچو ضرور۔۔۔ جيڪڏهن اسين انسان زندگيءَ جي ان فلسفي تي عمل ڪرڻ شروع ڪريون ته هوند هيءَ دنيا جنت مثل ٿي پوي ۽ انسان، انسان جو دوست ٿي پوي ... الله جي سهڻي نبيءَ جو چوڻ آهي ته؛ انسان جي جسم ٻه گوشت جا لوٿڙا اهڙا آهن جي جيڪڏهن درست ٿي وڃن ته هو جنتي ٿي وڃي ... هڪ زبان ٻيو دل ... جزاڪ الله دوست رشيد ... انتهائي سهڻو سبق آهي ...