اسلام عليڪمانٽرنيٽ تي ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ وائرس جو حملو ٿيو هيو ، جنهن سبب نيٽ سلو ٿي وئي هئي (آهي) ، ڇا اها ڪنهن کي خبر آ ته ان وائرس کي ڪڏهن ختم ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته مون وٽ نيٽ سفا سلو پئي هلي
ادا سڃي دنيا ۾ نيٽ صفا سلو ٿي وئي آهي۔اسان به اهڙو پرابلم اهي۔پي ٽي سي ايل مطابق انٽرنيٽ کي صحيح ڪرڻ لا ڪوششون ڪري رهيا آهن۔
جي ها پي ٽي سي ايل طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته انڊيا جي شهر ممبئي جي ويجهو کان خراب ٿيل ڪيبل کي ٺيڪ ڪيو ويو آهي۔ ياد رهي ته 8 مارچ کان خراب ٿيل ڪيبل جي خرابي جي جاءِ 5 اپريل تي معلوم ٿي ۽ پوءِ ٽن ڏينهن جي اندر ان کي ٺيڪ ڪيو ويو آهي پر مصر جي ويجهو موجود ڪيبل جي خرابي کي اڃان ٺيڪ ڪري نه سگهيو ويو آهي۔۔۔ دوستن جي دلچسپي لاءِ ان ڪيبل جو روٽ ميپ حاضر آهي۔۔۔