گوگل جو تازي پروجيڪٽ تي ڪم جاري آهي۔۔۔ جنهن اهي سڀ ماڻهون جيڪي دنيا ۾ جيڪو ڪجهه غلط ٿيندي ڏسن ٿا۔۔۔۔ ۽ صرف ”اهو غلط آهي“ چئي لفظن جو اظهار نه ٿا ڪن پر انهن جي حل تي به سنجيدگي سان غور ٿا ڪن۔۔۔ ته اهڙن ماڻهن لاءِ هي پروجيڪٽ آهي۔۔۔ جيڪڏهن توهان به سمجهو ٿا ته توهان تخليقي ذهن جا مالڪ آهيو ۔۔۔۔ ۽ ڪنهن به غلط ڪم جو توهان وٽ تڪڙو حل موجود هوندو آهي ته گوگل توهان کي هن پروجيڪٽ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔۔۔ پنهنجو ٽوٽڪو تفصيل سان لکي گوگل وارن کي موڪليو جيڪڏهن توهان جو ڪڻو نڪتو ته پوءِ انعام ايترو ملندو جو باقي عمر ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ئي نه رهندي۔۔۔۔ سڀ کان پهريون توهان گوگل جي هن نئين پروجيڪٽ جي وڊيو ڏسو۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=JUf1zxjR_Qw هاڻي هت ڪلڪ ڪري پروجيڪٽ واري سائيٽ جو ڦيرو ڀريو۔۔۔۔ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 150،000 موڪليل تخليقي خيال ڏسو۔۔۔
جواب: ڇا توهان تخليقي ذهن جا مالڪ آهيو ته پوءِ هيڏانهن اچو۔۔۔ سائين اسان تخليقي نه پر تخريبي ذهن جا مالڪ ٿي ويا آهيون۔۔۔! هيڏا سارا آئيڊيا ڏسي اسان کي پنهنجي ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ کڙڪائڻ سان به ڪو آئيڊيو نه ٿو اچي۔۔۔
جواب: ڇا توهان تخليقي ذهن جا مالڪ آهيو ته پوءِ هيڏانهن اچو۔۔۔ ٻيو ته سائين ان جي تاريخ به هٿ مان نڪري چڪي آهي۔۔۔ ڪٿي آڪٽوبر 2008 ڪٿي جنوري 2010
جواب: ڇا توهان تخليقي ذهن جا مالڪ آهيو ته پوءِ هيڏانهن اچو۔۔۔ ها ادا ڄامشورائي ان تاريخ تي منهنجي نظر دير سان پئي۔۔۔ بحرحال هاڻي کڻي ائين چئجي ته مٿئين لنڪ تي ڪلڪ ڪري پنهنجي ذهن کي تخليقي بڻايو۔۔۔۔ ڇا خيال آهي۔۔
جواب: ڇا توهان تخليقي ذهن جا مالڪ آهيو ته پوءِ هيڏانهن اچو۔۔۔ ادا سائين ذهن تخليقي ٿيندو يا نه پر انعام ته هٿن مان ويو نه ... جي هجي ها انعام جي لالچ ته مٿو ڪم به ڪري ها باقي جي مٿو هڻندي چريا ٿي پئون ته ٻڌو آهي ته اڄڪلهه جا ڊاڪٽر به وڏا استاد آهن، چرين سان جي تعديون ٿين ٿيون ... الامان ... نه بابڙا پنهنجي توبهه ... يار ڪا ڳالهه آهي ... انعام کڻن ٻيا اسين رڳو ويٺا مٿو هڻون ... مهرباني يار اسد، جي نه ٻڌائين ها ته اصل اسانجو مٿو ڪچو ٿي پوي ها ... shal judy hujeen