سمورا آسماني ڪتاب دراصل انساني وحدت جا پرچارڪ آهن ۽ حقيقت جا ڄاڻو به انهيءَ فڪر جا پرچارڪ هئا، پر ٿيو ائين جو انهن جي پوئلڳن پنهنجون پنهنجون ٽوليون ٺاهيون ۽ پنهنجي ٽولي جي ڳالهه کي سموري انسانيت جو اصل مقصد مڃي وِيٺا، هر قوم جي دعويٰ آهي ته اسان جو نبي آخري آهي ۽ اسان جو دين سڀ کان وڌيڪ سچو دين آهي، هر قوم ان جي ثبوت ۾ دليل ڏئي ٿي، برهان ۽منطق جي زور تي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ هر جتن ڪري ٿي، ٻين جي ڪتابن مان ڪمزوريون ڪڍڻ شروع ڪري ٿي، ڇا حقيقت جو ڳولائو اهڙي حالت ۾ پرِيشان نه ٿو ٿئي؟ آخري ڪيئن خبر پوي ته اصل هدايت ڪٿي آهي ۽ حق ڇا آهي؟ هن مونجهاري مان نڪرڻ جو صرف هڪ ئي حل آهي ته مذهبن جي اختلافن کي هڪ طرف رکو ۽ عام انسانيت جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ڪريو ته آخر مجموعي انسانيت جي طبعي تقاضا ڪهڙي آهي؟ مولانا عبيد الله سنڌي