سڱريون ۽ ڏونرا

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سڱريون ۽ ڏونرا
    2439 اٽيچمينٽ ڏسو
    2440 اٽيچمينٽ ڏسو
    2440 اٽيچمينٽ ڏسو
    ٿر ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ مان سڱريون ۽ ڪرڙ جي وڻ مان ٿيندڙ ڏونرا مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن جيڪي ڀاڄي طور استعمال ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته سڱريون 100 کان 120 تائين ڪلو ۽ ڏونرا 100 رپيا في ڪلو وڪرو ڪيا وڃن پيا. سڱرين توڙي ڏونرن جي ڀاڃي کاڌي ۾ سڀني ڀاڄين کان منفرد لڳي ٿي جنهن کي ٿر واسي وڏي شوق سان کائين ٿا ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن پڻ اماڻيون وڃن ٿيون ٿر جي مختلف شهرن ۾ اهي ڀاڄيون مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ پهچي ويون آهن. جڏهن ته ٿر جا غريب نوجوان صبح سوير جھنگ ۾ وڃي ڪنڊي جي وڻ تي چڙهي سڱريون لاهڻ سان گڏ ڪرڙ جي وڻ تان ڏونرا لاهي شهرن ۾ وڪرو ڪندي نظر اچن ٿا جنهن سبب سندن روزگار پڻ کلي ويو آهي سڱرين جي ڀاڄي کاڌي طور لذيذ هجي ٿي ان کان سواءِ ٿر واسي سڱريون پاڻي ۾ اٻاري سڪائي رکندا آهن جيڪي سالن تائين استعمال جي لائق هجن ٿيون سڪل سڱريون بعد ۾ پچائي ڪنهن به وقت کائي سگهجن ٿيون اهڙي حوالي سان هن وقت سڱرين جي ڀاڄي جو استعمال عام ٿي ويو آهي هر گهر ۾ سڱرين جي ڀاڄي پچائي استعمال ڪئي پئي وڃي. ڪرڙ جي وڻ مان ٿيندڙ ڏونرا جنهن کي ڪيريا به چيو وڃي ٿو. ان کي هڪ ڏينهن مسلسل باهه تي پچائڻ بعد ڀاڄي تيار ٿئي ٿي ڏونرن مان آچار يعني سانڌاڻو پڻ تيار ٿئي ٿو جيڪو تيار ڪرڻ بعد وڪرو ڪيو وڃي ٿو ڏونرن مان ٺهندڙ آچار کائڻ ۾ مزيدار هجي ٿو اهڙي طرح ڪرڙ جي وڻ جي ڪاٺيءَ مان پاوا پڻ ٺهندا آهن ، اهي پاوا فنڪار استعمال ڪن ٿا. ڪرڙ جي وڻ مان تيار ٿيندڙ ڏونرا تمام کارا هجن ٿا جن کي مسلسل هڪ ڏينهن باهه تي پچائڻ بعد ڪڙاڻ ڪڍي ڀاڄي تيار ڪئي وڃي ٿي:
    ٿر ۾ روهيڙي جي وڻ مان گلاب جا گل پڻ پچي راس ٿي ويا آهن جنهن سبب مالدار ماڻهو چوپائي مال جي بک اجهائڻ خاطر روهيڙي جي وڻ کي ڇاڻي گل پٽي مال کي کارائن ٿا، روهيڙي جي وڻ مان ڦٽندڙ گل خوشبودار ۽ مٺا هجن ٿا جنهن جي خوشبو پري پري تائين محسوس ٿئي ٿي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو