غزل

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
غزل

اسان جي روح جو جوڳي،
ازل کان سونهن جو روڳي.

چوڻ لئه درد صوفي ها،
ڏسڻ ۾ يار ها ٺوڳي

حياتي تو سوا ماڻي،
حياتي خوب ئي ڀوڳي.

هيس موڳو مان يارن ۾،
ملي جو دل هئي موڳي.

وفا جي واٽ تي اڄ ڀي،
سرءُ جي شام آ سوڳي.
 
اسان جي روح جو جوڳي،
ازل کان سونهن جو روڳي.

خوبصورت تخليق ۔۔۔ واهه
 
چوڻ لئه درد صوفي ها،
ڏسڻ ۾ يار ها ٺوڳي

حياتي تو سوا ماڻي،
حياتي خوب ئي ڀوڳي.
واه سائين واه خوبصورت خيال​
 
Back
Top