جواب: حيرت انکيز گل هل ته سهي، انکي چئبي آهي لڪل اک، ٿائيلينڊ جي ان گل کي ڪنهن طوطي جيئان ڏٺو پر ادي ڄامشورائيءَ ته حور پريءَ کي انگڙائي ڏيندي به ڏسي ورتو ... هائو ادا ... هائو ... جڏهن انسان حورن جي خيالن ۾ هوندو ته حورون ئي نظر اينديون ڪي ڪاريون ڪوجهيون ۽ ڪوڙيون ٿوروئي نظربيون ... بس ادو ناز ڪونهي نه ته سٺا گيت ٻڌائي ها ... ادا علي علي ڏسين ٿو دوستن جون نظرون ڪيڏيون تيز آهن ...!!! اسانجي دعا آهي ته الله تعالا اسانجي مٺڙي ڀاءُ اسد ميرجت (عرف ڄامشورائيءَ)کي هن جهان ۽ هن جهان ۾ حورون عطا فرمائي ... آمين ... ( جي شادي ٿيل اٿس ته پوءِ رڳو اڳلي جهان ۾) ٻي ڳالهه ته اهي عجيب قسم جا گل ٿائلينڊ ۾ ئي ڇو ٿيندا آهن ... ڪجه ڏينهن پهريان به ڪي گل ڏٺا هئم جي به صرف ٿائيلينڊ ۾ ٿيندا آهن ... هوبهو ڄڻ ته عورت جو مجسمو لڙڪندو هجي ...
جواب: حيرت انکيز گل بس ادا هو لطيفو ٻڌو اٿو ته هڪ طالبان کي جنت ۽ حورن جو لالچ ڏئي خودڪش حملي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو۔۔ همراهه ڌماڪو ڪرڻ ويو ته ڌماڪو ته نه ڪري سگهيو پر مرڳوئي پاڻ بيهوش ٿي ويو۔۔ هوش آيس ته اسپتال ۾ هو۔۔ مٿان نرس تيماداري پئي ڪريس۔۔ همراهه سمجهيو ته سوَرگ جنت ۾ پڄي ويو آهيان ۽ حورن ۾ آهيان۔۔ نرس کي چيائين۔۔ بس هڪ حور۔۔۔؟ اي حور ٻڌاءِ باقي جون 4 حورون ڪٿي آهن۔۔۔؟ سو ادا اسان سان اهو قصو ڪونهي الله جي ڪرم سان۔۔ اسان کي حور ملي به وئي ۽ خوشحال گهراڻي ۾ ننڍڙو گل (سفير) به اچي ويو
جواب: حيرت انکيز گل سائين ڄامشورائي ننڍڙي گل لاءِ مبارڪون... ۽ ادا نثار جي ڳاله مونکي سٺي لڳي انکي چئبي آهي لڪل اک
جواب: حيرت انکيز گل ها سائين جيڪو سرخ چشمو پائيندو آهي ته ان کي دنيا جي هر شي ڳاڙهي نظر ايندي آهي ادو ڄامشورائي به جوان آهي ادا انهن جي سوچڻ جي مند آهي باقي اسان جهونا ته ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ سائين واقعي ادي جي نظر کي شابش آهي ان پر به ڏسي ورتا لڳي ٿو مون کي به پنهنجو چشمو نئون وٺڻو پوندو، ٿي سگهيٿو مون کي به ان حور جو ديدار ٿي پوي hall chari
جواب: حيرت انکيز گل سائين خواب ڪٿي۔۔۔۔ سچ پيو چوان۔۔۔ اسان جي اکين کي الائي جي ڇو ايئن محسوس ٿو ٿئي۔۔۔۔
جواب: حيرت انکيز گل ها سائين ڪيئن نه محسو س ٿيندو لڳي ٿو اوهان ڊفينس جي ايريا جو يا طارق روڊ جو رات چڪر لڳائي آيا هوندا پوء پريو ن ته اوهان جي ذهين ۾ گهمنديون هونديون نه hall chari hall chari نه ادا نه جهونن کي ڪهڙي مجال جو جوانن سان ريس ڪن اسان پهنيجي جواني ۾ پريون ڏسندا ئي نه پر انهن سان ڳالهائيندا به هئا سا اوهان کي هڪ ڏاڪو اڳتي هئا سي پر هاڻي يار بس دل جو ساٿ جسم نٿو ڏئي نه ته دل اڃا به جوان آهي پر يار مهنجي چشمي جو نمبر 11 آهين مان نئون چشمو ٿو وٺان متا مون کي به ڪنهن پري جي جهلڪ نظر اچي hall chari
جواب: حيرت انکيز گل ٻيلي سائين ڏاها ٿيو۔۔ ڪٿي ڄامشورو ڪٿي طارق روڊ ۽ ڊفينس۔۔ هتي ته علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر خان محمد پنهور روڊ آهن جيڪي به ٽٽل ڦٽل آهن۔۔۔ اتي پريون ڪٿان آيون۔۔۔ نه ڪو رات جو نه ڪو ڏينهن جو۔۔ هتي ڀوت پريت ڏاڍا آهن۔۔۔ سائين توهان ته علم و عمل وارا فقير آهيون۔۔۔ توهان جي اڳيان ڪهڙي دير آهي۔۔ 10 ڏينهن ابتو لٽڪي چلو ڪاٽيندو ته توهان جي بينائي بحال ٿي ويندي۔۔۔ پريون ته لڳي ٿو توهان جي ڌاري جي انتظار ۾ بيٺيون آهن۔۔۔ ادو ڌارو هڻي ته اسان ادي سان ڳالهايون۔۔ HaqMojood
جواب: حيرت انکيز گل بس ادا هاڻِ جهونا ٿي ويا آهيون ڍاري هڻڻ لاء به ڪري ٿي ڪرڻي پئي سو پاڻ کان هاڻي ٿئي ئي ڪانه ٿي ۔ سو بس هاڻي پاڻ ريٽائر آهيون ادا
جواب: حيرت انکيز گل الحمد الله ۔۔۔علي علي رٽائر ٿي ويو نه ته اسانجهڙن جوانن جو ته وارو ئي نه اچي ها ... هل چريا ... پر يار ڄامشوري ۾ جن ۽ پريت جي آهن ته پريون ته ضرور هونديون جو اهي به ته ساڳئي نسل مان آهن ... khil sahi
جواب: حيرت انکيز گل نه سائين ڄامشورو ڇڙن جنن جي لاء آهي باقي پريون حيدر آباد ۾ رهنديون آهين اها به ريشم گلي ۾ hall chari hall chari جي ڄامشوري ۾ هجن ها ته ادي جي اهڙآ حال نه هجن ها hall chari