ان ڏينهن الا به ڇو من اندر مونجهه محسوس ٿي رهي هُئي ، منهنجي گهر ۾ ننڍڙا ٻه ڀائٽيا ۽ هڪ ڀائٽي ۽ هڪ ننڍڙو ٻن سالن جو ڀاڻج آيل هُئا۔۔انهن ٻارن جي اسڪول جا امتحان ختم ٿي ويا هُئا ته منهنجي ننڍي ڀا سان گڏجي آيا هُئا۔۔مان آفيس وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هئس پر الا ڇو ٻوسٽ محسوس ٿي رهي هُئي رکي رکي خيال ٿي آيو ۽ هڪ وهم وڪوڙي ٿي ويو ته جيڪڏهن هي معصومڙا ڪٿي ڪالوني جي دروازي کان ٻاهر نه نڪري وڃن، الله نه ڪري ڪو هنن مان ڪنهن هڪ سان حادثو ٿي پوي ته مان ته صفا ڏچي ۾ اچي ويندس مان پاڻ کي ڪئين سنڀالي سگهندس، مان پنهنجي ڀا يا پنهنجي ڀيڻ جن جا ٻار هئا کي ڪهڙا جواب ۽ ڪهڙيون دليلون پيش ڪندس۔۔نه نه! ٻارن کي گهر کان ٻاهر وڃڻ ئي نه ڏيندس۔۔اهائي مانڌاڻ متل هُئي ۽ الله پاڪ کان ان وسوسي جي ختم ٿيڻ لا اندر ئي اندر ۾ پناهه گهري رهيو هئس۔۔ٻاهران ڪنهن گهر جي ڀاتي جو آواز آيو ته ٻارڙا دڪان تي شيون وٺڻ ويا آهن۔ انهن کي ڏسو ته سهي۔۔ مان جهٽ ڏئي گهر جي دروازي تي ڊوڙي آيس پر ڪنهن کي به شڪ ظاهر ڪرڻ نه ڏنم ته ڪو مان ڪنهن وسوسي ۾ مبتلا آهيان۔۔وري مان ڪمري ۾ موٽي آيس پر اها مانڌاڻ اندر منجهه متل هُئي ته الله خير ڪري پنهنجي حبيب صلي الله عليه وسلم جي صدقي سڀني جي ٻچڙن ڏي خير هجي، بس جهٽ کن کانپوءِ ٻارڙن جي جهرڪين جي ٻڇڙن جيان چرچراهٽ ٻڌڻ ۾ آئي ته ساهه پئجي ويو..مان نيرن ڪري گهر کان ٻاهر نڪتس سڀئي ٻارڙا در تي بيٺا هيا..انهن کي ڳراٽيڻون پائي پيار ۽ شفقت جي نگاهه وجهي آفيس نڪري ويس...اهو پهرين اپريل جو ڏهاڙو هو، اڃان آفيس پهچي پنهنجي ڪُرسي ويٺس ته منهنجي فون جي رنگ ۾ لڳل هڪ دعا جيڪا فون اچڻ تي هلي پوندي آهي ..يا الاهي هر جڳهه تي تنهنجي عطا جو ساٿ هجي...جڏهن پوي ڪا به مشڪل ته مُشڪل ڪُشا جو ساٿ هجي.. فون تي منهنجو هر دل عزيز ننڍپڻ جو دوست هيو جيڪو رشتي ۾ مامو به ٿئي ان بس ايترو چيو ته منهنجي ننڍڙي ڀاءُ الطاف احمد کي ڪنهن تيز رفتار ڪار ٽڪر هنيو آهي ۽ هُن دم ڌڻي حوالي ڪري شهيد ٿي ويو آهي تون جلد جناح اسپتال پهچ..مونکان رڙ نڪري وئي ائين ٿي لڳو ڪا اوچتو ڇِپ منهنجي مٿان اچي ڪڙڪي هجي ،آفيس جا سڀئي ماڻهو مِڙي ويا ته ڇا ٿيو ۽ بس فون بند ٿي وئي ..هنياءُ ڏاريندڙ خبر هُئي ته روڊ حادثه ٿيندا آهن، في الحال طبي امداد ڏبي آهي، رت جي گهرج پوندي آهي، ڪو آپريشن ٿيندو آهي، هي ڪيڏو وڏو خطرناڪ حادثو ٿي ويو آهي جو جهٽ پل به ساهه نه کڻي سگهيو آهي ،مان پنهنجي دل ۽ دماغ کي آٿتون ڏيندو رهيس ته نه نه! ٿي سگهي ٿو اڃان زخمي هجي..مان تڙ تڪڙ ۾ وري موٽي گهر آيس.. گهر وارن کي ٻڌايم ته گهر وارن چيو اڙي بابا اڄ مذاق جو ڏينهن آهي ٿي گهي ٿو تو سان مذاق ڪيو هجيس..مون ۾ ساهه پيو ته ها يار! پر سوچيم ته هڪ سنجيده انسان ۽ اهو به وري پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي نالي تي اهڙو مذاق نه ٿو ڪري سگهي. خير مان گهر وارن کي چيم توهان سڀ انهن جي گهر پهچو مان اسپتال ٿو نڪران ٿي سگهي ته وري به سڀني کان معلومات وٺو ٿي به سگهي ٿو ته مذاق هجي ۽ الله پاڪ ڪري اهو مذاق ئي هجي ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ مون ۾ ايتري همت نه هُئي جو ان هنيا ڏاريندڙ حقيقت کي اکين سان ڏسي سگهان ته هڪ 19 سالن جي گلن جهڙي شهزادي جو لاش نه ٿو ڏسي سگهان اهو سوچيندو رب تعالي ا کان ان جي حياتي جي دعائون ڪندو گلشن حديد کان جناح اسپتال تائين ڪئين پهتس اها رب جي ذات ٿي ڄاڻي ، ايمرجنسي ۾ هيڏي ڀڄي هوڏي ڀڄان، ڪنهن کان پڇان ڪيان، ڪٿي هوندا، ان عزيز سان رابطو ڪيم ان چيو سنڌ ميڊيڪل ڪاليج لڳ ڊيٿ باڊي روم ۾ اچ..ڏڪندڙ جسم سان موٽر سائيڪل هلائي اچي پهتس..اهو منظر ڪهڙو هوندو ۽ وري اهو مون جهڙي انسان لاءِ جيڪو ٽي وي تي ڪنهن جي لاشن ۽ قتل جي خبر ڏسندي اوڇنگارو ڏئي روئي پوندو آهيان اڄ منهنجو پنهنجو جگر جو ٽڪرو پنهنجي رت جي رشتي سان ڳنڍيل هڪ گلاب جي گُل جهڙو سهڻي شهزادي جو لاش منهنجي اکين اڳيان ايڌي جي نالي واري چادر جي هيٺان اکيون ٻُوٽي سُتل آهي. مان سڪتي ۾ اچي ويس ان جي جو هڪ ٻيو ننڍو ڀاءُ اتي نظر آيو ان سان ڀاڪرين پئجي ويس، قيامت صغرا جو منظر هُيو، اسپتال جي انتظاميه اسان کي آٿتون ڏيڻ ۾ لڳي ويا پر هنياءُ جو ٽڪرو اهو به وري اهڙي بي دردي سان ڪُچليو وڃي ۽ وري ان مٿان اُها ڦوهه جواني جنهن جواني ۾ نوجوانڙا صرف مُرڪندا رهندا آهن، هڪ جيڏن سان ٽهڪڙا ڏئي جواني جي جوڀن جا مزا ماڻيندا آهن ۽ اهي سڀ شيون هڪ ڪار جي ٽڪر لڳڻ سان مليا ميٽ ٿي وڃن ته ڪهڙو به پٿر دل انسان اهو لقا ڏسي پنهنجو هنياءُ هاري ويهندو.. هڪ هڪ ڪري عزيز دوست گڏ ٿيڻ لڳا... ڪو به پنهنجي آپي ۾ نه هيو، قيامت جو منظر ته ان ويل برپا ٿيو هيو جنهن ويل اسان ان نوجوانڙي جو رت ۾ لت پت خاموش جسم کڻي ٿي ايمبولينس ۾ رکيو، ان جو اهو وڏو ڀاءُ جنهن مونکي اطلاع ڏني سلام آهي ان جي همت کي جيڪو ايترو وقت اندر ئي اندر ۾ ڏک جي وِهه کي پنهنجي اندر همت ۽ بهادري سان اوتي رهيو هو شايد ان لاءِ ته اهو يقين ڪرڻ نٿي گهريو ته ڪو اهو منهنجي ڀاءُ جو ئي لاش آهي. پر ان جي همت ان وقت ڪنهن ٻرندڙ جبل جي رجندڙ آڳ جيان گجگوڙ ڪري ٻاهر نڪتي جنهن ويل ان جا هٿ ننڍڙي ڀاءُ جي رت سان رنگجي ويا..اها مهل اهڙي هُئي جٿي مون جهڙي جي همٿ جواب ڏئي وئي پر پوءِ به همت ڪري ان جا هٿ ڌورايم ۽ پنهنجي ٻئي عزيز کي چيم ته جلد کان جلد هتان نڪري هلو نه ته ان جو ڀاءُ اهو لقاءُ وڌيڪ ڏسي نه سگهندو، پوليس ڪاروائي ٿي، ڊاڪٽرن سرٽيفڪيٽ جو پنو هٿ ۾ ڏئي روانو ڪيو، ڳالهه ختم سڀ ڪجهه ختم، هڪ آس ختم، هڪ سوچ ختم، هڪ جواني ختم، هڪ سهڻي نوجوان جي زندگي جو ڏيئو جهٽ پل ۾ اوباشن جي لاپرواهي سبب ائين اُجهامي ويو ڄن اهو ڏيئو ڪڏهن ٻريو ئي نه هيو.. هوڏانهن ان جي امڙ اڃا به پنهنجي ٻچڙي جي گهر موٽي اچي ناشتي ڪرائڻ لاءِ پنهنجي جگر جي ٽڪري لاءِ اکيون در تي اڙايون ويٺي هُئي ته ان جو محبوب پٽ پنهنجي ڀيڻ کي يونيورسٽي ڇڏي ايندو ته ناشتو ڪندو يا گهر جا ٻيا ڪم ڪار ڪندو، اُها ما جيجل جيڪا ننڍپڻ ۾ پنهنجي ٻار لا ان جي ڌڪي کائي ڪري پوڻ تي به ڇرڪي ڊوڙي اچي ڇاتي سان لائيندي آهي، ۽ واري واري پنهنجي ٻچي کي اکين ۾ سُرمي جيان سجائي اکيون ٿڌيون ڪندي آهي، ان ما جيجل کي ڪهڙي ڪَل ته ڪو منهنجي ٻارڙي کي ايڏو وڏو ڌِڪو لڳو آهي ته مان ڊوڙي وڃي پنهنجي ٻارڙي کي هنج ۾ ڪري ڇاتي لايان ها ، ان جوانڙي ننڍي هوندي ئي پنهنجي والد صاحب جي لاڏاڻي کانپوءِ ڀائرن سان هٿ ونڊائڻ لاءِ اها ئي ذميداري کنئي هُئي ته اوهان ڀل ڪم ڪاريون ڪريو مان گهر کي ڏسان ٿو، ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ کان ويندي گهر ۾ سُئي ۽ سڳي وٺي اچڻ تائين جي سڀني ڪمن جي هن ئي ذميداري کنئي..جڏهن ته جواني جا اهي ڏينهن کِلڻ ڪُڏڻ، موج ۽ مستين ۾ گذاربا آهن پر هن کاهوڙي نوجوان ۾ ٻالڪپڻ کان ئي اهڙي ته سنجيدگي اچي وئي هُئي جو هڪ ذميدار فرد جي حيثيت سان هر ڪم احسن نموني انجام ڏئي رهيو هو، ان ئي ڏينهن به هوُ پنهنجي ذميداري سمجهندي پنهنجي گهر جي نياڻي کي موٽر سائيڪل تي يونيورسٽي ڇڏي موٽي اچي رهيو هو ته يونيورسٽي کان جوهر چورنگي طرف ايندي وچ تي پنهنجي گهر طرف يُوٽرن وٽان گزرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته هن جي پٺيان رانڀاٽ ڪندي هڪ ڪار جيڪو هڪ اوباش نوجوان پنهنجي اسڪولي دوستن ۽ انهن جي گرل فرنيڊز سان گڏ تيز رفتاري سان ڪار کي اُڏائيندي ٿي آيو ۽ ان ئي تيز رفتاري سان ڪار وڃي هن نوجوان جي موٽر سائيڪل کي اچي لڳي ڪار جو ايڏو ته زوردار ٽڪر لڳس جو هي نوجوان هوا ۾ اڏرندو وڃي گرين بيلٽ جي فٽ پاٿ جي پاڙ سندس جو مٿي جو کاٻو حصو وڃي لڳو ۽ جنهن سبب ڌڪ جي سٽ سهي نه سگهيو ۽ شهادت جو جام پي ڪري هن فاني دنيا مان هميشه لا موڪلائي ويو۽ وري سندس جي موٽر بائيڪ جيڪا روڊ تي ان ئي رفتار سان ترڪندي هڪ راهه ويندڙ 65 سالن جي پوڙهي شخص کي گهليندي وڃي هڪ رڪشا ۾ اٽڪجي وئي ۽ اهو پوڙهو راهگير پڻ پنهنجي زندگي جو ڏيئو اُجهائي ويٺو..اهو ڪار هلائيندڙ نوجوان اسڪول جو ڇوڪرو هو جنهن سان ٽي چار ڇوڪريون دوست 70 يا 80 جي رفتار سان هُل هنگامو ڪندا ٿي آيا ته ان پوءِ زوردار بريڪ لڳائي ۽ ان جي ڪار ٽي چار ڦيرا کائيندي ٻئي پاسي فٽ پاٿ ۾ اٽڪجي پئي.. اوسي پاسي جي ماڻهن ڀڄي اچي منهنجي عزيز نوجوان کي کنيو پر تيسيتائين هو پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ويٺو هو... اهڙي ريت انهن ماڻهن ان اوباش نوجوان کي پڪڙي وڌو، ايمبولينس اتان جي مقامي ماڻهن گهرائي ٻنهي فوت ٿيلن کي اسپتال پهچايو پر ڪجهه ٿي سگهي ها ان کان اڳ ئي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو....سڀ ڪجهه ائين ٿي لڳو ڄڻ ان مهل هڪ جهان رُڪجي ويو هجي، هڪ صدي رڪجي وئي هجي. هڪ پل هڪ ساعت اهڙي ريت ماٺ ٿي وئي هجي جئين سانوڻي جي جُهڙ جي گجگوڙ ۽ کنوڻين جي ڪڙڪاٽ وڏي وسڪاري پوڻ کانپوءِ ماٺ ڪري ويندي آهي، هڪ طرف ته الطاف احمد جهڙا سٻاجهڙا نوجوان ٿين ٿا جيڪي پنهنجي گهر جي ذميدارين کي پنهنجي جواني جي نشي کي ٿُڏي ٿا ڇڏين ۽ هڪ مرد مجاهد جيان زندگي جي جنگ ۾ جوڌي جيان لهي پون ٿا ۽ مشڪلاتن کي تهس نهس ڪندي فتح ماڻيندا رهن ٿا، زندگي ۾ ايندڙ ڏکين ڏينهن مان پار اُڪري وڃڻ ئي ته اصل سوڀ آهي جيڪا سوڀ الطاف احمد عباسي کٽي وري هُئي پر وقت جي ويرين هن جو گهيرو تنگ ڪري هن جي جيئڻ واري سگهه کسي ورتي ۔ ٻئي طرف آزاد خيالي ۽ ترقي جي نالي تي وڏن ماڻهن جا ٻار انهن جي وڏن جي حرام جي ڪمايل ڪمائي مان پئي عياشيون پيا ٿا ڪن ته انهن جا والدين انهن کي شاباسون ڏئي واڏي واڪي بانور ڪرائن ٿا ته اسان جا ٻار نهايت سڌري ويا آهن، ڏسو اسان جا ٻار سمورو سمورو ڏينهن اسڪول وڃڻ بجا عياش ڇوڪرين سان گڏ اسان جي عزت اڇاڙ پڇاڙ ڪري هر اهو برائي جو ڪم ڪري اسان جو مان مٿاهون پيا ٿا ڪن، جتي دين ۽ ايمان جي لتاڙ هجي ، جتي عزت ۽ نفس کي گند جي ڍير تي اڇليو ويو هجي ته انهن وٽ عزت ته اها ئي آهي ته انهن جا ٻار اهي سڀ ذلت ۽ ڪميڻپائي وارا ڪم ڪري رهيا آهن ته ڄن انهن جو مان ان ۾ ئي ته آهي، ۽ اهڙو ئي اهو به اوباش پنهنجي پي جي حرام جي ڪمائي مان ورتل ڪار کي روڊ کي پنهنجي پي جي جاگير سمجهي اُڏاريندو ٿي آيو ڇو ته حق حلال جي ڪمائي مان ته الطاف احمد جهڙو نوجوان صرف موٽر سائيڪل ئي وٺي سگهي ٿو، پر ايتري ننڍي عمر جي اسڪول جي ڇوڪرن وٽ ڪارون هجن ۽ بليڪ بيري سيل فون هجن ته پڪ سمجهجي ته اها حرام جي ڪمائي ئي ته آهي جيڪا اهڙا حرام پائي جا ڪم ڪرڻ کي به اُهي آزاد خيالي ۽ ترقي جو نان ڏين ٿا۔ يقين ڄاڻيو ته جئين الطاف احمد جو مُڙهه ڳوٺ پهتو ته آسمان به هنياءُ ڏاريندڙ گجگوڙ ۽ کنوڻين ٽرڪاٽ ڪرڻ شروع ڪري ڏنا شايد ماءُ جيجل جي پنهنجي موڀي پٽڙي جي اهڙي اندوهناڪ حادثي تي هنياءُ ڏاريندڙ رڙين تي آسمان تي رهندڙ فرشتن به روئي ڏنو هجي، جيڪا ما اٺن ڪلاڪن جي سفر دوران ايمبولينس ۾ رکيل اجرڪ سان ويڙهيل ڪنهن گهوٽ مسل ننڊ ستل پنهنجي ٻڇڙي جي مُڙهه مٿان لڙڪن جا مينهن وسائيندي ٿي آئي انهن ڳوڙهن کي آسمان به سهي نه سگهيو ۽ وسڻ جا ويس ڪري سموري وايو منڊل کي ويتر سوڳوار بڻائي وڌائين، اسين رات جي پهر ۾ پهتا سين نوجوان جو مُڙهه گهر جي اڱڻ ۾ نم جي هيٺان رکيو سين بوندون وسڻ لڳيون، هي اهو ئي اڱڻ هيو جنهن اڱڻ تي اڳ به ٽن شهيدن جا لاش ان ئي نم هيٺان رکيا هُئا سين، هي اڱڻ اڃا ڪيترا شهيد ڏسندو، هي اڱڻ اسان جو راهون صرف ان لاءِ تڪيندو آهي ته اسين ڪراچي کان جڏهن به اچون ته پاڻ سان گڏ شهيدن جا لاشا کنيون اچون؟؟ سال کن اڳ ئي ان ئي مهيني جي 17 اپريل تي سندس جي والد جو لاش به ته ان ئي اڱڻ تي رکيو ويو هو، اڄ سال جي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي ان جي شهزادي جو لاش رت ۾ ريٽيل کڻي اچي پهتا آهيون،، اهو اڱڻ به ميارون ڏيڻ لڳو هوندو... ته ٻيلي توهان هاڻ ته ڪو اهڙو گهوٽ آڻيو جو ميندي سان پنهجا هٿڙا رنگي ڪري ڪنهن ڪنوار سان لائون لهي ۽ ڪي شادمانه ، دُهل دمامه وڄايو هي اوهان ڪهڙا گهوٽ ٿا آڻيو جو ميندي بجا رت سان رڱيل هجن ٿا دُهل دمامن بجا آهون ۽ سسڪيون آهن، .سنڌ جي ڌرتي جي مٽيءَ جي خوشبو سانوڻ جي وسڪاري جي بوندن کان پوءِ ائين مهڪي پوندي آهي جئين ڪنهن ڪنوار کي لائون لهڻ کانپو سهڻو احساس مهڪائي وجهندو آهي، ۽ وري مٿان ڪنهن نوجوان شهيد جو لاش هجي ته سنڌ جي مٽي مان اڃا به ويتر سُڳنڌ ڦُٽي نڪرندي آهي. ڇو ته هن ڌرتي ايترا گهوٽ موڙ ٻڌندي نه ڏٺا آهن جيترا شهيد جوڌا اجرڪ ۾ ويڙهيل ڏٺا آهن، هي جيجل سنڌ به ته ما جيان ئي ته آهي جيڪا به پنهنجي ٻچي جي بي وقتائتي موت تي اوڇنگارون ڏئي رُني هُئي . ٿڌڙي هوائن ۽ ماڪ جي ڦڙن جيان وسندڙ بوندن ماحول کي ويتر مهڪائي وڌو، هي ڏک جو ماحول به عجيب ٿيندو آهي ۽ وري ان مٿان بارش جون بوندون بس نه ڪن ته اندر منجهه جيڪا آڙاهه متل هوندي آهي ان کي ڄڻ ته سوايو ٻارڻ ملي پوندو آهي.. فجر مهل منهنجي بابا سائين جئين بانگ ڏيندي الله اڪبر۔۔جو آواز بلند ڪيوته آسمان تان مينهن لارون ڪري وسڻ لڳو ۽ ڄڻ ڪي سال ڪڏهن وُٺو ئي نه هجي مُلڪ سڄو جَل ٿَل ٿي ويو، سج ڪهڙي مهل نڪتو صبح جي مهل ٿي وئي پر سج به ڏک جو اظهار ڪندي جهُڙ پٺيان لڪي ڪري روئيندو رهيو سج کي اسان اکين سان نه ڏٺو، صبح جي تازگي واري پهر ۾ شهيد سيد محمد شاهه بخاري جي اڱڻ تي جنازي نماز بوندن جي وسڪاري هيٺ ادا ڪئي سين، جنازو ڪلهن تي کڻي جڏهن لحد طرف وڌيا سين ته مينهن چيو ته کن پل بيهو ڇو ٿا اهڙي گلاب جهڙي سُرخ ڳٽڙن واري جوانڙي کي مڻين مٽيءَ اندر ٿا اوتيو...پر وقت جي نزاڪت، دين ۽ مذهب جي احماڪن مطابق ائين ڪرڻو ئي پوندو آهي، مان ان جي سڄي پاسي کان سندس جي پيشاني کان کٽ کي جهليون بيٺو هُئس ته منهنجو بابا سائين ان سهڻي شهزادي جو مکڙو کوليو ۽ آب زم زم جي پاڻي جا ڇنڊا ان جي منهن ۽ ڳٽن تي هڻڻ لڳو.. الله پاڪ جي شان ته ڏسو! اهو اهڙو ته دلفريب منظر هيو جو مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو مونکي اتي سوڳوار ماحول اجازت نه ڏني جو مان اهو ڪيميرا جي اک سان سانڍي رکان ها پر اهو عڪس اکين ۾ اهڙي ريت اوتي ٻه ٽي لُڙڪ ڳاڙي هنياءُ ۾ هنڊي ڇڏيم..ان جي ڳلڙن مٿان ايتري ته نفاست ۽ نزاڪت نظر ٿي آئي ٽڙيل گلاب جي تازين مُکڙين جيان مهڪي پيا هيا جڏهن انهن مٿان آب زم زم جي پاڻي جا قطرا چمڪڻ لڳا ته سچ پڇو ڪنهن گلاب جي تازين تازين پتڙين مٿان ماڪ جا ڦڙا صبح جي دلفريب پهر ۾ موتي بڻجي چمڪندا آهن ۽ من کي موهي وجهندا آهن...۽ پوءِ جڏهن ان سهڻي گهوٽ کي لحد ۾ لاٿو ٿي ويو ڄڻ مان پنهنجي وجود کي ان لحد ۾ لهندي محسوس ڪيو.. مڻين مٽيءَ اندر ان جوانڙي کي ارپي آيا سين جنهن مٽي ۾ هو ڄائو ۽ نپنو هو..........الله پاڪ کان دعا آهي ته ان معصومڙي جوان کي جنت الفردوس ۾ اعلي ا جڳهه عطا ڪري ۽ ان جي امڙ ۽ ان جي ڀائرن، مٽن مائٽن ۽ سنگتين کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري ...آمين هي آهي اهو سهڻو شهزادو الطاف احمد عباسي جنهن کي هڪ اوباش اسڪول جي نوجوان ڪار جو ٽڪر هڻي شهيد ڪري وڌو۔۔
ان ڏينهن الا به ڇو من اندر مونجهه محسوس ٿي رهي هُئي ، منهنجي گهر ۾ ننڍڙا ٻه ڀائٽيا ۽ هڪ ڀائٽي ۽ هڪ ننڍڙو ٻن سالن جو ڀاڻج آيل هُئا۔۔انهن ٻارن جي اسڪول جا امتحان ختم ٿي ويا هُئا ته منهنجي ننڍي ڀا سان گڏجي آيا هُئا۔۔مان آفيس وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هئس پر الا ڇو ٻوسٽ محسوس ٿي رهي هُئي رکي رکي خيال ٿي آيو ۽ هڪ وهم وڪوڙي ٿي ويو ته جيڪڏهن هي معصومڙا ڪٿي ڪالوني جي دروازي کان ٻاهر نه نڪري وڃن، الله نه ڪري ڪو هنن مان ڪنهن هڪ سان حادثو ٿي پوي ته مان ته صفا ڏچي ۾ اچي ويندس مان پاڻ کي ڪئين سنڀالي سگهندس، مان پنهنجي ڀا يا پنهنجي ڀيڻ جن جا ٻار هئا کي ڪهڙا جواب ۽ ڪهڙيون دليلون پيش ڪندس۔۔نه نه! ٻارن کي گهر کان ٻاهر وڃڻ ئي نه ڏيندس۔۔اهائي مانڌاڻ متل هُئي ۽ الله پاڪ کان ان وسوسي جي ختم ٿيڻ لا اندر ئي اندر ۾ پناهه گهري رهيو هئس۔۔ٻاهران ڪنهن گهر جي ڀاتي جو آواز آيو ته ٻارڙا دڪان تي شيون وٺڻ ويا آهن۔ انهن کي ڏسو ته سهي۔۔ مان جهٽ ڏئي گهر جي دروازي تي ڊوڙي آيس پر ڪنهن کي به شڪ ظاهر ڪرڻ نه ڏنم ته ڪو مان ڪنهن وسوسي ۾ مبتلا آهيان۔۔وري مان ڪمري ۾ موٽي آيس پر اها مانڌاڻ اندر منجهه متل هُئي ته الله خير ڪري پنهنجي حبيب صلي الله عليه وسلم جي صدقي سڀني جي ٻچڙن ڏي خير هجي، بس جهٽ کن کانپوءِ ٻارڙن جي جهرڪين جي ٻڇڙن جيان چرچراهٽ ٻڌڻ ۾ آئي ته ساهه پئجي ويو..مان نيرن ڪري گهر کان ٻاهر نڪتس سڀئي ٻارڙا در تي بيٺا هيا..انهن کي ڳراٽيڻون پائي پيار ۽ شفقت جي نگاهه وجهي آفيس نڪري ويس...اهو پهرين اپريل جو ڏهاڙو هو، اڃان آفيس پهچي پنهنجي ڪُرسي ويٺس ته منهنجي فون جي رنگ ۾ لڳل هڪ دعا جيڪا فون اچڻ تي هلي پوندي آهي ..يا الاهي هر جڳهه تي تنهنجي عطا جو ساٿ هجي...جڏهن پوي ڪا به مشڪل ته مُشڪل ڪُشا جو ساٿ هجي.. فون تي منهنجو هر دل عزيز ننڍپڻ جو دوست هيو جيڪو رشتي ۾ مامو به ٿئي ان بس ايترو چيو ته منهنجي ننڍڙي ڀاءُ الطاف احمد کي ڪنهن تيز رفتار ڪار ٽڪر هنيو آهي ۽ هُن دم ڌڻي حوالي ڪري شهيد ٿي ويو آهي تون جلد جناح اسپتال پهچ..مونکان رڙ نڪري وئي ائين ٿي لڳو ڪا اوچتو ڇِپ منهنجي مٿان اچي ڪڙڪي هجي ،آفيس جا سڀئي ماڻهو مِڙي ويا ته ڇا ٿيو ۽ بس فون بند ٿي وئي ..هنياءُ ڏاريندڙ خبر هُئي ته روڊ حادثه ٿيندا آهن، في الحال طبي امداد ڏبي آهي، رت جي گهرج پوندي آهي، ڪو آپريشن ٿيندو آهي، هي ڪيڏو وڏو خطرناڪ حادثو ٿي ويو آهي جو جهٽ پل به ساهه نه کڻي سگهيو آهي ،مان پنهنجي دل ۽ دماغ کي آٿتون ڏيندو رهيس ته نه نه! ٿي سگهي ٿو اڃان زخمي هجي..مان تڙ تڪڙ ۾ وري موٽي گهر آيس.. گهر وارن کي ٻڌايم ته گهر وارن چيو اڙي بابا اڄ مذاق جو ڏينهن آهي ٿي گهي ٿو تو سان مذاق ڪيو هجيس..مون ۾ ساهه پيو ته ها يار! پر سوچيم ته هڪ سنجيده انسان ۽ اهو به وري پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي نالي تي اهڙو مذاق نه ٿو ڪري سگهي. خير مان گهر وارن کي چيم توهان سڀ انهن جي گهر پهچو مان اسپتال ٿو نڪران ٿي سگهي ته وري به سڀني کان معلومات وٺو ٿي به سگهي ٿو ته مذاق هجي ۽ الله پاڪ ڪري اهو مذاق ئي هجي ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ مون ۾ ايتري همت نه هُئي جو ان هنيا ڏاريندڙ حقيقت کي اکين سان ڏسي سگهان ته هڪ 19 سالن جي گلن جهڙي شهزادي جو لاش نه ٿو ڏسي سگهان اهو سوچيندو رب تعالي ا کان ان جي حياتي جي دعائون ڪندو گلشن حديد کان جناح اسپتال تائين ڪئين پهتس اها رب جي ذات ٿي ڄاڻي ، ايمرجنسي ۾ هيڏي ڀڄي هوڏي ڀڄان، ڪنهن کان پڇان ڪيان، ڪٿي هوندا، ان عزيز سان رابطو ڪيم ان چيو سنڌ ميڊيڪل ڪاليج لڳ ڊيٿ باڊي روم ۾ اچ..ڏڪندڙ جسم سان موٽر سائيڪل هلائي اچي پهتس..اهو منظر ڪهڙو هوندو ۽ وري اهو مون جهڙي انسان لاءِ جيڪو ٽي وي تي ڪنهن جي لاشن ۽ قتل جي خبر ڏسندي اوڇنگارو ڏئي روئي پوندو آهيان اڄ منهنجو پنهنجو جگر جو ٽڪرو پنهنجي رت جي رشتي سان ڳنڍيل هڪ گلاب جي گُل جهڙو سهڻي شهزادي جو لاش منهنجي اکين اڳيان ايڌي جي نالي واري چادر جي هيٺان اکيون ٻُوٽي سُتل آهي. مان سڪتي ۾ اچي ويس ان جي جو هڪ ٻيو ننڍو ڀاءُ اتي نظر آيو ان سان ڀاڪرين پئجي ويس، قيامت صغرا جو منظر هُيو، اسپتال جي انتظاميه اسان کي آٿتون ڏيڻ ۾ لڳي ويا پر هنياءُ جو ٽڪرو اهو به وري اهڙي بي دردي سان ڪُچليو وڃي ۽ وري ان مٿان اُها ڦوهه جواني جنهن جواني ۾ نوجوانڙا صرف مُرڪندا رهندا آهن، هڪ جيڏن سان ٽهڪڙا ڏئي جواني جي جوڀن جا مزا ماڻيندا آهن ۽ اهي سڀ شيون هڪ ڪار جي ٽڪر لڳڻ سان مليا ميٽ ٿي وڃن ته ڪهڙو به پٿر دل انسان اهو لقا ڏسي پنهنجو هنياءُ هاري ويهندو.. هڪ هڪ ڪري عزيز دوست گڏ ٿيڻ لڳا... ڪو به پنهنجي آپي ۾ نه هيو، قيامت جو منظر ته ان ويل برپا ٿيو هيو جنهن ويل اسان ان نوجوانڙي جو رت ۾ لت پت خاموش جسم کڻي ٿي ايمبولينس ۾ رکيو، ان جو اهو وڏو ڀاءُ جنهن مونکي اطلاع ڏني سلام آهي ان جي همت کي جيڪو ايترو وقت اندر ئي اندر ۾ ڏک جي وِهه کي پنهنجي اندر همت ۽ بهادري سان اوتي رهيو هو شايد ان لاءِ ته اهو يقين ڪرڻ نٿي گهريو ته ڪو اهو منهنجي ڀاءُ جو ئي لاش آهي. پر ان جي همت ان وقت ڪنهن ٻرندڙ جبل جي رجندڙ آڳ جيان گجگوڙ ڪري ٻاهر نڪتي جنهن ويل ان جا هٿ ننڍڙي ڀاءُ جي رت سان رنگجي ويا..اها مهل اهڙي هُئي جٿي مون جهڙي جي همٿ جواب ڏئي وئي پر پوءِ به همت ڪري ان جا هٿ ڌورايم ۽ پنهنجي ٻئي عزيز کي چيم ته جلد کان جلد هتان نڪري هلو نه ته ان جو ڀاءُ اهو لقاءُ وڌيڪ ڏسي نه سگهندو، پوليس ڪاروائي ٿي، ڊاڪٽرن سرٽيفڪيٽ جو پنو هٿ ۾ ڏئي روانو ڪيو، ڳالهه ختم سڀ ڪجهه ختم، هڪ آس ختم، هڪ سوچ ختم، هڪ جواني ختم، هڪ سهڻي نوجوان جي زندگي جو ڏيئو جهٽ پل ۾ اوباشن جي لاپرواهي سبب ائين اُجهامي ويو ڄن اهو ڏيئو ڪڏهن ٻريو ئي نه هيو.. هوڏانهن ان جي امڙ اڃا به پنهنجي ٻچڙي جي گهر موٽي اچي ناشتي ڪرائڻ لاءِ پنهنجي جگر جي ٽڪري لاءِ اکيون در تي اڙايون ويٺي هُئي ته ان جو محبوب پٽ پنهنجي ڀيڻ کي يونيورسٽي ڇڏي ايندو ته ناشتو ڪندو يا گهر جا ٻيا ڪم ڪار ڪندو، اُها ما جيجل جيڪا ننڍپڻ ۾ پنهنجي ٻار لا ان جي ڌڪي کائي ڪري پوڻ تي به ڇرڪي ڊوڙي اچي ڇاتي سان لائيندي آهي، ۽ واري واري پنهنجي ٻچي کي اکين ۾ سُرمي جيان سجائي اکيون ٿڌيون ڪندي آهي، ان ما جيجل کي ڪهڙي ڪَل ته ڪو منهنجي ٻارڙي کي ايڏو وڏو ڌِڪو لڳو آهي ته مان ڊوڙي وڃي پنهنجي ٻارڙي کي هنج ۾ ڪري ڇاتي لايان ها ، ان جوانڙي ننڍي هوندي ئي پنهنجي والد صاحب جي لاڏاڻي کانپوءِ ڀائرن سان هٿ ونڊائڻ لاءِ اها ئي ذميداري کنئي هُئي ته اوهان ڀل ڪم ڪاريون ڪريو مان گهر کي ڏسان ٿو، ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ کان ويندي گهر ۾ سُئي ۽ سڳي وٺي اچڻ تائين جي سڀني ڪمن جي هن ئي ذميداري کنئي..جڏهن ته جواني جا اهي ڏينهن کِلڻ ڪُڏڻ، موج ۽ مستين ۾ گذاربا آهن پر هن کاهوڙي نوجوان ۾ ٻالڪپڻ کان ئي اهڙي ته سنجيدگي اچي وئي هُئي جو هڪ ذميدار فرد جي حيثيت سان هر ڪم احسن نموني انجام ڏئي رهيو هو، ان ئي ڏينهن به هوُ پنهنجي ذميداري سمجهندي پنهنجي گهر جي نياڻي کي موٽر سائيڪل تي يونيورسٽي ڇڏي موٽي اچي رهيو هو ته يونيورسٽي کان جوهر چورنگي طرف ايندي وچ تي پنهنجي گهر طرف يُوٽرن وٽان گزرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته هن جي پٺيان رانڀاٽ ڪندي هڪ ڪار جيڪو هڪ اوباش نوجوان پنهنجي اسڪولي دوستن ۽ انهن جي گرل فرنيڊز سان گڏ تيز رفتاري سان ڪار کي اُڏائيندي ٿي آيو ۽ ان ئي تيز رفتاري سان ڪار وڃي هن نوجوان جي موٽر سائيڪل کي اچي لڳي ڪار جو ايڏو ته زوردار ٽڪر لڳس جو هي نوجوان هوا ۾ اڏرندو وڃي گرين بيلٽ جي فٽ پاٿ جي پاڙ سندس جو مٿي جو کاٻو حصو وڃي لڳو ۽ جنهن سبب ڌڪ جي سٽ سهي نه سگهيو ۽ شهادت جو جام پي ڪري هن فاني دنيا مان هميشه لا موڪلائي ويو۽ وري سندس جي موٽر بائيڪ جيڪا روڊ تي ان ئي رفتار سان ترڪندي هڪ راهه ويندڙ 65 سالن جي پوڙهي شخص کي گهليندي وڃي هڪ رڪشا ۾ اٽڪجي وئي ۽ اهو پوڙهو راهگير پڻ پنهنجي زندگي جو ڏيئو اُجهائي ويٺو..اهو ڪار هلائيندڙ نوجوان اسڪول جو ڇوڪرو هو جنهن سان ٽي چار ڇوڪريون دوست 70 يا 80 جي رفتار سان هُل هنگامو ڪندا ٿي آيا ته ان پوءِ زوردار بريڪ لڳائي ۽ ان جي ڪار ٽي چار ڦيرا کائيندي ٻئي پاسي فٽ پاٿ ۾ اٽڪجي پئي.. اوسي پاسي جي ماڻهن ڀڄي اچي منهنجي عزيز نوجوان کي کنيو پر تيسيتائين هو پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ويٺو هو... اهڙي ريت انهن ماڻهن ان اوباش نوجوان کي پڪڙي وڌو، ايمبولينس اتان جي مقامي ماڻهن گهرائي ٻنهي فوت ٿيلن کي اسپتال پهچايو پر ڪجهه ٿي سگهي ها ان کان اڳ ئي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو....سڀ ڪجهه ائين ٿي لڳو ڄڻ ان مهل هڪ جهان رُڪجي ويو هجي، هڪ صدي رڪجي وئي هجي. هڪ پل هڪ ساعت اهڙي ريت ماٺ ٿي وئي هجي جئين سانوڻي جي جُهڙ جي گجگوڙ ۽ کنوڻين جي ڪڙڪاٽ وڏي وسڪاري پوڻ کانپوءِ ماٺ ڪري ويندي آهي، هڪ طرف ته الطاف احمد جهڙا سٻاجهڙا نوجوان ٿين ٿا جيڪي پنهنجي گهر جي ذميدارين کي پنهنجي جواني جي نشي کي ٿُڏي ٿا ڇڏين ۽ هڪ مرد مجاهد جيان زندگي جي جنگ ۾ جوڌي جيان لهي پون ٿا ۽ مشڪلاتن کي تهس نهس ڪندي فتح ماڻيندا رهن ٿا، زندگي ۾ ايندڙ ڏکين ڏينهن مان پار اُڪري وڃڻ ئي ته اصل سوڀ آهي جيڪا سوڀ الطاف احمد عباسي کٽي وري هُئي پر وقت جي ويرين هن جو گهيرو تنگ ڪري هن جي جيئڻ واري سگهه کسي ورتي ۔ ٻئي طرف آزاد خيالي ۽ ترقي جي نالي تي وڏن ماڻهن جا ٻار انهن جي وڏن جي حرام جي ڪمايل ڪمائي مان پئي عياشيون پيا ٿا ڪن ته انهن جا والدين انهن کي شاباسون ڏئي واڏي واڪي بانور ڪرائن ٿا ته اسان جا ٻار نهايت سڌري ويا آهن، ڏسو اسان جا ٻار سمورو سمورو ڏينهن اسڪول وڃڻ بجا عياش ڇوڪرين سان گڏ اسان جي عزت اڇاڙ پڇاڙ ڪري هر اهو برائي جو ڪم ڪري اسان جو مان مٿاهون پيا ٿا ڪن، جتي دين ۽ ايمان جي لتاڙ هجي ، جتي عزت ۽ نفس کي گند جي ڍير تي اڇليو ويو هجي ته انهن وٽ عزت ته اها ئي آهي ته انهن جا ٻار اهي سڀ ذلت ۽ ڪميڻپائي وارا ڪم ڪري رهيا آهن ته ڄن انهن جو مان ان ۾ ئي ته آهي، ۽ اهڙو ئي اهو به اوباش پنهنجي پي جي حرام جي ڪمائي مان ورتل ڪار کي روڊ کي پنهنجي پي جي جاگير سمجهي اُڏاريندو ٿي آيو ڇو ته حق حلال جي ڪمائي مان ته الطاف احمد جهڙو نوجوان صرف موٽر سائيڪل ئي وٺي سگهي ٿو، پر ايتري ننڍي عمر جي اسڪول جي ڇوڪرن وٽ ڪارون هجن ۽ بليڪ بيري سيل فون هجن ته پڪ سمجهجي ته اها حرام جي ڪمائي ئي ته آهي جيڪا اهڙا حرام پائي جا ڪم ڪرڻ کي به اُهي آزاد خيالي ۽ ترقي جو نان ڏين ٿا۔ يقين ڄاڻيو ته جئين الطاف احمد جو مُڙهه ڳوٺ پهتو ته آسمان به هنياءُ ڏاريندڙ گجگوڙ ۽ کنوڻين ٽرڪاٽ ڪرڻ شروع ڪري ڏنا شايد ماءُ جيجل جي پنهنجي موڀي پٽڙي جي اهڙي اندوهناڪ حادثي تي هنياءُ ڏاريندڙ رڙين تي آسمان تي رهندڙ فرشتن به روئي ڏنو هجي، جيڪا ما اٺن ڪلاڪن جي سفر دوران ايمبولينس ۾ رکيل اجرڪ سان ويڙهيل ڪنهن گهوٽ مسل ننڊ ستل پنهنجي ٻڇڙي جي مُڙهه مٿان لڙڪن جا مينهن وسائيندي ٿي آئي انهن ڳوڙهن کي آسمان به سهي نه سگهيو ۽ وسڻ جا ويس ڪري سموري وايو منڊل کي ويتر سوڳوار بڻائي وڌائين، اسين رات جي پهر ۾ پهتا سين نوجوان جو مُڙهه گهر جي اڱڻ ۾ نم جي هيٺان رکيو سين بوندون وسڻ لڳيون، هي اهو ئي اڱڻ هيو جنهن اڱڻ تي اڳ به ٽن شهيدن جا لاش ان ئي نم هيٺان رکيا هُئا سين، هي اڱڻ اڃا ڪيترا شهيد ڏسندو، هي اڱڻ اسان جو راهون صرف ان لاءِ تڪيندو آهي ته اسين ڪراچي کان جڏهن به اچون ته پاڻ سان گڏ شهيدن جا لاشا کنيون اچون؟؟ سال کن اڳ ئي ان ئي مهيني جي 17 اپريل تي سندس جي والد جو لاش به ته ان ئي اڱڻ تي رکيو ويو هو، اڄ سال جي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي ان جي شهزادي جو لاش رت ۾ ريٽيل کڻي اچي پهتا آهيون،، اهو اڱڻ به ميارون ڏيڻ لڳو هوندو... ته ٻيلي توهان هاڻ ته ڪو اهڙو گهوٽ آڻيو جو ميندي سان پنهجا هٿڙا رنگي ڪري ڪنهن ڪنوار سان لائون لهي ۽ ڪي شادمانه ، دُهل دمامه وڄايو هي اوهان ڪهڙا گهوٽ ٿا آڻيو جو ميندي بجا رت سان رڱيل هجن ٿا دُهل دمامن بجا آهون ۽ سسڪيون آهن، .سنڌ جي ڌرتي جي مٽيءَ جي خوشبو سانوڻ جي وسڪاري جي بوندن کان پوءِ ائين مهڪي پوندي آهي جئين ڪنهن ڪنوار کي لائون لهڻ کانپو سهڻو احساس مهڪائي وجهندو آهي، ۽ وري مٿان ڪنهن نوجوان شهيد جو لاش هجي ته سنڌ جي مٽي مان اڃا به ويتر سُڳنڌ ڦُٽي نڪرندي آهي. ڇو ته هن ڌرتي ايترا گهوٽ موڙ ٻڌندي نه ڏٺا آهن جيترا شهيد جوڌا اجرڪ ۾ ويڙهيل ڏٺا آهن، هي جيجل سنڌ به ته ما جيان ئي ته آهي جيڪا به پنهنجي ٻچي جي بي وقتائتي موت تي اوڇنگارون ڏئي رُني هُئي . ٿڌڙي هوائن ۽ ماڪ جي ڦڙن جيان وسندڙ بوندن ماحول کي ويتر مهڪائي وڌو، هي ڏک جو ماحول به عجيب ٿيندو آهي ۽ وري ان مٿان بارش جون بوندون بس نه ڪن ته اندر منجهه جيڪا آڙاهه متل هوندي آهي ان کي ڄڻ ته سوايو ٻارڻ ملي پوندو آهي.. فجر مهل منهنجي بابا سائين جئين بانگ ڏيندي الله اڪبر۔۔جو آواز بلند ڪيوته آسمان تان مينهن لارون ڪري وسڻ لڳو ۽ ڄڻ ڪي سال ڪڏهن وُٺو ئي نه هجي مُلڪ سڄو جَل ٿَل ٿي ويو، سج ڪهڙي مهل نڪتو صبح جي مهل ٿي وئي پر سج به ڏک جو اظهار ڪندي جهُڙ پٺيان لڪي ڪري روئيندو رهيو سج کي اسان اکين سان نه ڏٺو، صبح جي تازگي واري پهر ۾ شهيد سيد محمد شاهه بخاري جي اڱڻ تي جنازي نماز بوندن جي وسڪاري هيٺ ادا ڪئي سين، جنازو ڪلهن تي کڻي جڏهن لحد طرف وڌيا سين ته مينهن چيو ته کن پل بيهو ڇو ٿا اهڙي گلاب جهڙي سُرخ ڳٽڙن واري جوانڙي کي مڻين مٽيءَ اندر ٿا اوتيو...پر وقت جي نزاڪت، دين ۽ مذهب جي احماڪن مطابق ائين ڪرڻو ئي پوندو آهي، مان ان جي سڄي پاسي کان سندس جي پيشاني کان کٽ کي جهليون بيٺو هُئس ته منهنجو بابا سائين ان سهڻي شهزادي جو مکڙو کوليو ۽ آب زم زم جي پاڻي جا ڇنڊا ان جي منهن ۽ ڳٽن تي هڻڻ لڳو.. الله پاڪ جي شان ته ڏسو! اهو اهڙو ته دلفريب منظر هيو جو مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو مونکي اتي سوڳوار ماحول اجازت نه ڏني جو مان اهو ڪيميرا جي اک سان سانڍي رکان ها پر اهو عڪس اکين ۾ اهڙي ريت اوتي ٻه ٽي لُڙڪ ڳاڙي هنياءُ ۾ هنڊي ڇڏيم..ان جي ڳلڙن مٿان ايتري ته نفاست ۽ نزاڪت نظر ٿي آئي ٽڙيل گلاب جي تازين مُکڙين جيان مهڪي پيا هيا جڏهن انهن مٿان آب زم زم جي پاڻي جا قطرا چمڪڻ لڳا ته سچ پڇو ڪنهن گلاب جي تازين تازين پتڙين مٿان ماڪ جا ڦڙا صبح جي دلفريب پهر ۾ موتي بڻجي چمڪندا آهن ۽ من کي موهي وجهندا آهن...۽ پوءِ جڏهن ان سهڻي گهوٽ کي لحد ۾ لاٿو ٿي ويو ڄڻ مان پنهنجي وجود کي ان لحد ۾ لهندي محسوس ڪيو.. مڻين مٽيءَ اندر ان جوانڙي کي ارپي آيا سين جنهن مٽي ۾ هو ڄائو ۽ نپنو هو..........الله پاڪ کان دعا آهي ته ان معصومڙي جوان کي جنت الفردوس ۾ اعلي ا جڳهه عطا ڪري ۽ ان جي امڙ ۽ ان جي ڀائرن، مٽن مائٽن ۽ سنگتين کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري ...آمين
بس سائين ڇا ڪجي ۔۔۔ رب جي رضا تي راضي رهڻو پوندو آهي۔ پر زندگيء ۾ ڪجهه موڙن تي اهڙا ته واقعا ٿيندا آهن جيڪي سڄي زندگي وسري ناهن سگهندا، يقينن هي واقعو به سموري خاندان لاء اڻ وسرندڙ واقعو آهي جنهن سڄي خاندان جو جيء جهوري وڌو۔ ڪاش اسان جا ماڻهو اهو سوچين ته غير ذميوار ڊرائيونگ ڪيڏا نه وڏا الميا پيدا ڪندي رهي ٿي ۔۔۔
محترم سائين منظور صاحب هي خبر پڙهي اکين مان آب اچي ويو،الله پاڪ عز و جل هن گلڙي کي پنهجي جنت جو سينگار بنائيندو،اوهان کي صبر ۽ همٿ جي توفيق عطا فرمائيندو،حياتي جا ڏينهن ايترا چئبا،جيڪي سڄي حياتي سڏڪا ڏئي ويا،مگر ظالم ۽ ستمگرن جي هي دنيا مسڪينن ۽ الله لوڪ انسانن جي ارمانن جي قتل ۾ ملوث ٿيندي پنهجي ڪردار کي قيامت تائين قائم رکي ڇڏيو آهي الله پاڪ اوهان کي پنهجي ٻاجهه ۽ ڪرم جي نگاه ۾ رکي آمين
شل الله پاڪ شهيد الطاف جي عزيزن کي صبر، همت ۽ برداشت ڏي. آمين حادثا جڏهن به ٿين ٿا پاڻ سان گڏ ڏُک، تڪليفون۽ پريشانيون آڻين ٿا. هاڻ ته اهڙيون لاپرواهيون روز جو معمول بنجي چڪيون آهن، ٽريفڪ جي قانونن تي عمل ڪرڻ ته بعد جي ڳالهه آهي، هاڻ ته لکيل به ڪٿي ڪونه ملن... بس ادا سائين...انسان ڇا ٿو ڪري سگهجي.... تقدير جي لکيي تي صبر کان سواءِ ٻيو ڪو رستو به ته ناهي...
ها سائين بس جيڪا الله پاڪ جي رضا اسان ان بارگاهه اقدس ۾ ان جي رضا ۾ راضي آهيون ۽ دعاگو آهيون ته الله پاڪ سڀني جي ٻچڙن ڏي خير ڪري انهن جي مٿان پنهنجي رحمت جو جهڙ سدائين قائم رکي۔ آمين