مخدوم بلاول

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عابد بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2013۔

  1. عابد بلوچ

    عابد بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايل ايل بي.
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    مونكي گھاٹي م وجهٹ جي شروعات پیرن کان کئي وجي.
    جئين اكين سان رت وهندو ڈسان ء کنن سان ھڈین جا ٹڑکاٹ بدھان تہ جئین مونکي محسوس تهئي تہ مان وطن لاء قربان تھي رهيو آهيان .

    "حضرت مخدوم بلاول

    2444 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مخدوم بلال ذات جو سمون هو سندس والد جو نالو مخدوم حسن هو، مخدوم بلال دادو ضلع جي هڪ ڳوٺ ٽلٽي ۾ 4 ربيع الاول 856هه مطابق 16 جون 1451ع تي پيدا ٿيو، مخدوم بلال جو ڏاڏو مخدوم محمد ادريس سمون لس ٻيلي جو حاڪم هو، مخدوم بلال بادشاهي ماحول ۾ نپجڻ جي باوجود سادو هو، دنياوي معاملن ڏانهن سندس توجهه گهٽ رهندي هئي، ديني تعليم ۽ عبادت جو شوق گهڻو هوندو هئس، شروعاتي تعليم سيد شهاب الدين شاهه جي مدرسي ۾ سيد نور حسين شاهه بخاري وٽ حاصل ڪيائين، جنهن ۾ ناظره قرآني ۽ فقهه جا ڪتاب پڙهڻ سان گڏ عربي، فارسي، علم جي تعليم حاصل ڪيائين. سندس ذهانت جي ڪري مخدوم بلال ڪافي ڪتاب بر زبان ياد ڪري ويو، ان ڪري سندس استاد ۽ سمورا طالب علم کيس عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا، پاڻ جڏهن وڏو ٿيو ته ڪورڪو ڪم اختيار ڪيائين۔ مخدوم صاحب هميشه وقت جي ظالم حاڪمن سان بغاوت ڪئي ۽ انهن جي ها ۾ ها نه ملائي۔ جنهن جي ڪري وقت جي حاڪم هن جا دشمن ٿئي پيا۔ مخدوم صاحب نه صرف هڪ صوفي درويش هو مگر وقت جو وڏو عالم ۽ مرد قلندر هو۔ ۽ مرد قلندر ٿيڻ تمام ڏکيو ڪم آهي۔(ادا اسان جي معاشري ۾ اهل تسبيهه به گهڻا ملندا ته توهان کي اهل تقوا به ملندا مگر مرد قلندر توهان کي تمام گهٽ ملندا جن ۾ انهن ٻنهيء خوبين سان گڏ اهيا به خوبي هجي جو وقت جي ظالمن خلاف آواز اٿاري ۽ سچ کي سچ ڪوڙ کي ڪوڙ چوي۔)۔۽ پوء انهن مخالفن هڪ چال چلي۔ ۽ هڪ موچي کان جُتي تيار ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڪلام پاڪ جا ورق اندر رکيا ويا ۽ اها جُتي مخدوم صاحب کي نذراني طور ڏني وئي، پر مخدوم صاحب اها جتي پيرن ۾ ڪڏهن به نه پاتي هئي، آخر ڪوڙا گواهه ڪري مخدوم صاحب تي الزام هنيو ويو ۽عالمن کي ڪلام پاڪ جي بي حرمتي جي ڏوهه ۾ موت جي سزا جي فتويٰ صادر ڪرائي وئي ۽ کيس گهاڻي ۾ پيڙائڻ جو حڪم ڏنو ويو منهنجو دوست حافظ خليل صاحب چوندو هو ته مون ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته اهيا فتوا به کيس کان ورتي وئي هئي ۽ اها به ڪنهن محفل ۾ ويٺي کيس کان ائين پڇيو ويو ته اگر ڪو هي عمل ڪري ته ان لاء ڪهڙي سزا آهي، ان تي مخدوم صاحب جذبات ۾ اهيو چئي ڏنو هو ته ان جي هي (کيس گهاڻي ۾ پيڙهيو وڃي ) سزا آهي پوء ان ڳالهه کي بيس بنائي ان سزا تي عمل ڪيو ويوهو۔ باقي خبر خدا کي۔،۔۔۔ ادا مان جڏهن دادو رهندو هئس ته مان ۽ منهنجو دوست علي شير مستوئي صاحب هر جمعي تي ففٽي موٽر سائيڪل تي دادو شهر کان مخدوم بلاول جمعو نماز پڙهڻ ويندا هئاسين۔ ۽ مخدوم واري مسجد ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهون نماز پڙهڻ ايندا هئا۔ دادو شهر ۽ ان جي آس پاس جا ته ماڻهون ايندا ئي ايندا هئا۔ مگر لاڙڪاڻي جا ماڻهون به جمعو پڙهڻ ايندا هئا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا مگر افسوس جو سندس ڏنل سبق کي چوڻ ڇڏي ڏنو آهي۔ ۽ غلظ کي غلط به چئي نه ٿا سگهون۔۔۔۔۔۔ ادا مزي جي ڳالهه ته موجوده مقبري جو (رپيئرنگ وغيره وارو) ڪم منهنجا هندو دوست هوندا هئا۔ مولچند ۽ هيرانند انهن ڪرايو آهي۔ جيڪي مخدوم صاحب جا مريد سڏائيندا هئا، مگر مريد ته سڏايائون مگر سندس فڪر ۽ دعوت تي عمل ڪري مسلمان نه ٿيا، جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي۔ جنهن ڪم لاء مخدوم صاحب شهيد ڪيا ويا ان ڪم تي انهن عمل نه ڪيو (جيڪواصل ڪم انهن بزرگن جو هو جنهن تي اسان کي عمل ڪرڻ گهرجي نه ڪي انهن جي قبرن کي سينگارڻ جي ڪا ضرورت آهي ۽ انهن بزرگن کي انهن قبرن جي سينگار جي به ڪا ضرورت نه آهي ۽ قبرن کي سينگارن کان به اسان جي پياري نبي صلي الله وسلم جن منع فرمايو آهي۔) دعا آهي ته رب پاڪ حق جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطاء فرمائي آمــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو آهي عشق ۽ اها آهي ثابت قدمي ۔۔۔۔۔

    سلام آهي اهڙن شهيدن کي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    بهتين ڄاڻ آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو