• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اهو ڪيئن ٿيندو ؟

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
وڃان مان وڪامي اهو ڪيئن ٿيندو ؟
قبوليان غلامي اهو ڪيئن ٿيندو ؟
ڪو ڏيئو ته ناهيان جو هڪ ڦوڪ سان ئي ،
وڃان مان اُجهامي اهو ڪيئن ٿيندو ؟
سنڌ جي غدارن جو ٿيان مان سلامي
اهو ڪيئن ٿيندو ۔۔۔!!!
استاد بخاري
 
(اسان جو علاج)
نه روئڻ پٽڻ ۾ اسانجو علاج،
نه سٿرون ڪٽڻ ۾ اسانجو علاج،
ڌيون، پٽ، سڀئي سنڌ ڌرتئ ڄڻيا،
اٿي پئو ، اٿڻ ۾ اسانجو علاج
(استاد بخاري)
 
(اسان جو علاج)
نه روئڻ پٽڻ ۾ اسانجو علاج،
نه سٿرون ڪٽڻ ۾ اسانجو علاج،
ڌيون، پٽ، سڀئي سنڌ ڌرتئ ڄڻيا،
اٿي پئو ، اٿڻ ۾ اسانجو علاج
(استاد بخاري)
واه واه ، سائين تمام بهترين ونڊ اٿي پئو ، اٿڻ ۾ اسانجو علاج !!!
 
بهترين

استاد چوي ٿو

اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو ؟
۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو ؟
استاد بخاريء کي ڀلي دفن ئي ڪيو ؟
ڌرتيء کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو ؟
 
اوهان لا استاد جو ن هي سٽون حاضر آهن۔۔۔
20.png
19.png
 

جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر،
گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي.
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي،
ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

شهر وارن سيني سانڍي،
ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري،
سُهڻي سُرهي سچي سولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
 
Back
Top