1941ع ۾ تحريڪ خلافت جي سلسلي ۾ امير شريعت حضرت مولانا عطاءُ الله شاهه بخاري رحه جڏهن گرفتار ٿيو ته ان کي لاهور سينٽرل جي گورا وارڊ ۾ قيد ڪيو ويو اڃا ٻه هفتا به مس گذريا هئا ته هڪ ڏينهن اچانڪ جيل جي سپريڊنٽ شاه صاحب کي پهنجي آفيس ۾ گهرايو ۽ انگريزي ۾ لکيل هڪ درخواست پيش ڪئي انهن جو اهو چوڻ هو ته هن تي صحيح ڪر ان تي لکيل هو ته هن دفعي حڪومت معاف ڪري مان ڏيان ٿو ته آئيندهه مهنجي ڪا اهڙي حرڪت جنهن سان حڪومت کي ڪنهن قسم جي شڪايت هجي شاه صاحب ان معافي نامي کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري 3 دفعا ان تي ٿڪ هنئي جوش ۾ شاه صاحب پوئتي موٽي ويو ان واقعي کي ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته شاه صاحب کي پنجاب جو سخت ترين ڊسٽرڪ جيل ميانوالي ۾ منتقل ڪيو ويو قيد مان آزادي ۾ ٻه ٽي مهينا مس بچيا هئا ته وري ان عمل کي دهرايو ويو سپريڊنٽ جيل معافي نامي کي صحيح لاءِ پيش ڪيو شاهه صاحب فرمايو "مان ڪجهه "چوڻ چاهيان ٿو ان معافي نامي تي لکندئو سپريڊنٽ جيل چيو ها بلڪل لکنداسين !شاه صاحب فرمايو "ته پوءِ لکو جيسيتائين زندهه آهيان توهان جو جڙون ڪٽيندو رهندس"