هڪ ڳوٺ جي اندر پاڻيءَ جو هڪ کوهه هئو، جيڪو ڳوٺ وارن لاءِ پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ جو واحد ذريعو هو، هڪ ڏينهن هڪ ڪتو انهيءَ کوهه ۾ ڪري پيو۔ڪتو ته ٻڏي مري ويو پر هاڻي ڳوٺ وارا پريشان ٿي ويا ته پاڻي پاڪ ڪيئي ڪجي۔۔۔ آيا ٻئي ڳوٺ جي مُلان وٽ، ملان کي ٻڌاين ته کوهه ۾ ڪتو مري ويو آهي هاڻي پاڻيءَ کي پاڪ ڪيئن ڪجي۔؟ مُلان ڏس ڏنن ته پاڻيءَ جا ستر 70 ڏول ڀري ڪڍي اُهي هاري ڇڏيو ته کوهه پاڪ ٿي ويندو۔۔ ڳوٺاڻن ايئن ئي ڪيو پر وري به پاڻي پيئن کان لهرائين پيا، پوءِ هڪ فيصلو ڪري پاڻيءَ کي هڪ شيشي جي گلاس ۾ ڀري ان ملي ڏي کڻي آيا، مُلي چيو هي ڇا آهي۔۔؟ ڳوٺاڻن وراڻيو، مولوي صاحب هي انهيءَ کوهه جو پاڻي آهي، اسان توهان جي چوڻ مطابق پاڻيءَ جا 70 ڏول ڀري ته ڪڍيا آهن پر هاڻي پاڻي سڀ کان پهرين توهان پي ڏيکاريو ته اسان جي دلجاءِ ٿيئي۔۔ ملان پهرين ته گلاس کي ڏٺو۔۔۔ گلاس جي اندر هڪ اڇو وار پڻ هو۔۔۔ مُلان ماڻهن کان پڇيو ته هي ڇا آهي؟ ماڻهن چيس سائين هي وار آهي۔۔ اڇا ڀلا وار آهي ته اڇو ڇو آهي۔۔؟ ماڻهن چيو ڇو ته ڪتي جو رنگ اڇو هو۔۔؟ مُلي ڪاوڙ مان وراڻيو ته ڇا توهان ڪتي کي کوهه مان ڪڍيو هو۔۔۔؟ ماڻهن چيس ؛ نه سائين۔۔ انهيءَ ڪتي جو ته هي وار آهي۔۔۔ مُلي چيو توهان ڪتي کي ته ڪڍيو ئي ڪونهي۔۔ هاڻي ڀلي قيامت تائين کوهه مان پاڻيءَ جا ڏول ڀري هاريو پر کوهه پاڪ نه ٿيندو۔۔۔ سبق: ڪنهن شيءَ جي متعلق فيصلو ڏيڻ کان پهرين پوري جاچ ڪجي ٻيو جيستائين بنيادي ڳالهه کي درست نه ڪبو تيسين ٻين شين جو فائدو نه ٿيندو۔۔۔
جواب: هاڻ ڀل قيامت تائين ڏول ڪڍوس۔ ۔ ۔ ۔ جي منهنجا دوست، جيستائين عمارت جي پيڙه ٽيڙهي هوندي ته ڀتيون به سڌيون ڪونه بيهنديون ، انڪري پيڙه پختي ۽ سڌي هجڻ لازم آهي ... سٺو ۽ سبق آموز ليک آهي ... پاڻي ڪڍڻ کان اڳ ڪتي کي ڪڍجي ....
جواب: هاڻ ڀل قيامت تائين ڏول ڪڍوس۔ ۔ ۔ ۔ ادا لڳي ٿو ته توهان لمعه ڪتاب جو مطلعو به ڪيو آهي الله پاڪ قبول ڪندو