ڪجهه اليڪشن جي بار ي ۾

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ امان الله ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2013۔

  1. امان الله ڀٽو

    امان الله ڀٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2013
    تحريرون:
    343
    ورتل پسنديدگيون:
    963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پڙهڻ
    ماڳ:
    نئونديرو
    اسان جي ملڪ ۾ اليڪشن ته ٿيندي رهي آهي
    پر ڪنهن ڪيترو ڪيو اهو سوال آهي
    هنن گذريل5 سالن ۾ ملڪ جي معيشت تباه روزگار بدامني ڪرپشن
    ته ضرور رهي پر هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي
    پي پي جي حڪومت جڏهن کان اعلان ڪيو ته اليڪشن 11 مئي تي ٿيندي
    ته اسان جي ڪجهه ڀوتارين نوابن جاگيردارن جون موجون ان ڏينهن کان
    شروع ٿي ويون آهن هاڻي ته اهي موتي هجي يا فوتي هجي ان وقت اچي ٿا وڃن
    پر اليڪشن کانپوءِ هو لڀن ئي نه ٿا مهنجا دوستو عوام جي خدمت ڪرڻ
    بجاءِ عوام سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي
    ته نئين حڪومت ڪنهن جي ٿي اچي انهن مان اميدون ڪيتريون آهن پر اها
    ڳالهه وري بي چوان ٿو ته ووٽ جو استعمال جيڪڏهن صحيح ڪنداسين ته
    رزلٽ به صحيح ايندو
    اسان جي اميدوارن کي اسلام جي به خبر ناهي ڪنهن کي ڪلمو نه ٿو اچي
    ته ڪنهن کي پاڪستان جو ترانو ڪنهن کي دعا قنوت نه ٿي اچي ڪنهن کي
    قرآن ۾ ڪيترا پاره آهن انهن جي به ڄاڻ نه آهي حالت اها آهي
    حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو جهڙا توهان جا عمل هوندا
    اهڙا اوهان کي حاڪم ملندا
    هن حديث جي روشني ۾ ته اسان مسلمانن جا ڪرتوت به سامهون آهن ڪڏهن
    انسانن کي ماريو ٿو وڃي ته ڪڏهن زنده جلايو ٿو وڃي ته ڪڏهن معصوم ٻار وڪرو
    ٿي رهيا آهن ڪراچي ۾ روزانو انسان ماريا ٿاوڃن بد امني چوٽ چڙهيل آهي
    اڳي ماڻهو رات جو محفوظ نه هئا هاڻي ڏينهن جو به محفوظ نه آهن حالتون اهڙيون
    آهن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو چاهي حڪومت هجي يا
    مذهبي جماعتون سول سوسائٽي هجي يا قوم پرست اديب هجن يا دانشور
    سڀني کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته انهن مسئلن جو حل ڇاهي ۽ ووٽ ڏيڻ وقت اهو ضرور سوچيو
    ته جنهن کي اسان ووٽ ڏيون ٿا ڇا اهو اميدوار ان قابل آهي اليڪشن ڪميشن جيڪا شفاف اليڪشن
    جي حامي ٿي سڏرائي ته اسان ان سان گڏ آهيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو