• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عيسوي سن 2009

نثارابڙو

نائب منتظم
2009
دوستو عيسوي سن 2009 وارو سال اڄ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچندو ... جيئن ته اسان مسلمانن جو سال ته عربي سال محرم الحرام سان شروع ٿي چڪو آهي پر تنهن هوندي به اسان پنهنجي زندگيءَ جا گهڻا ساترا ڪم عيسوي سال سان ڪندا آهيون ... انڪري هاڻ اهو عيسوي سن به اسانجي زندگين جو هڪ اهم حصو ٿي ويو آهي ... هن سال جي ختم ٿيڻ ۽ نئي سال جي شروع ٿيڻ تي ڪئي ڳالهيون چوڻ جهڙيون آهن ... مثلن
هي 2009 جو سال وڃڻ سان اسانجي زندگيءَ جو هڪڙو سال گهٽ ٿيندو ۽ اسين سڀ پنهنجي پڄاڻيءَ واري منزل جي اڃان ويجهو ٿيندا سون ... موت ڪو مهڻو ناهي، زندگيءَ جا سال گهٽبا ۽ اسين اصل ڏانهن موٽ کائينداسون ... انا لله وانا اليه راجعون (اسين الله لئه آهيون ۽ ان طرف ئي موٽنداسون)

هن سال ۾ ڪيترا انسان مارايا ويا، ڪيترا نقصان ڪرايا ويا، ڪيتريون ملڪيتون تباه ڪيون ويون ۽ مزي جي ڳالهه ته اهي سڀ نقصان ۽ موت مسلمانن جا ٿيا ... ڪجه عراق ۾ ڪجهه ايران ۾ ڪجه افغانستان ۾ ۽ ڪجه پاڪستان ۾ ۽ ڪجهه ٻين مسلمان ملڪن ۾ پر گهڻو تڻو مسلمان ملڪن ۾ ...

ڇا اها سازش آهي ؟؟؟؟
يا وري
اسين سڀ مسلمان هڪ ٻئي کي مارڻ لئه ايترا جذباتي آهيون ۽ هڪ ٻئي جا دشمن آهيون؟ اهو سوال انتهائي اهم آهي ...

2008 جا آخري ڏينهن ۽ 2009 جي شروعات ڪيئن ٿي هئي اچو ته اوهانکي ياد ڏيارجي .... ممڪن آهي ته اوهان کان وسري وئي هجي ... ياد ڪريو اسرائيل جو فلسطين تي حملو جنهن ۾ جهازي فوج ۽ بري فوج استعمال ڪئي وئي هئي ... ۽ اهڙا هٿيار استعمال ڪيا ويا جي تاريخ ۾ اسان نه ٻڌا نه ڏٺا ...
جنوري
جنوري 1؛ اسرائيلي جهازن غازا جي پٽيءَ تي جهازن ذريعي بم اڇلايا ۽ نزار رائن کي شهيد ڪيو جو حماس جو چوٽيءَ جو اڳواڻ هو ...
جنوري 3؛ ستن ڏينهن جي مسلسل جهازي حملن کان پو اسرائيل بحري فوج کي حڪم ڪيو ته غزه جي پٽيءَ تو حملو ڪري حماس کي سبق سيکاري ...

دوستو ؛ اچو ته ڌڻيءَ در دعا گهرون ته ايندڙ سال ڪي اهڙا واقعا نه کڻي اچي جنهن سان انسان، ملائڪن آڏو شرمده ٿئي ۽ ملائڪ اهو چون ته اسان شروع ۾ ئي صلاح ڏني هئي ته ؛” هي انسان زمين تي فساد ڪندو ۽ خون وهائيندو“

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: عيسوي سن 2009

بس سائين اسان کي ته سال ختم ٿيڻ تي اهو سوچڻ گهرجي ته اسان هن سال ۾ ڇا پرايو، ڪهڙيون غلطيون ڪيوسين، اسان جي قدمن سان ٻين کي ڪهڙو فائدو ٿيو۔۔۔ٻين کي ڪڏهن ۽ ڪيئن رنجايوسين ۽ اهڙو ڇا ڪيون جو اهڙيون غلطيون اسان کان وري نه ٿين۔۔۔
 
جواب: عيسوي سن 2009

بس سائين اسان کي ته سال ختم ٿيڻ تي اهو سوچڻ گهرجي ته اسان هن سال ۾ ڇا پرايو، ڪهڙيون غلطيون ڪيوسين، اسان جي قدمن سان ٻين کي ڪهڙو فائدو ٿيو۔۔۔ٻين کي ڪڏهن ۽ ڪيئن رنجايوسين ۽ اهڙو ڇا ڪيون جو اهڙيون غلطيون اسان کان وري نه ٿين۔۔۔

اها ڳالهه به لک جي ڪئي اٿوَ، اسان سڀني کي بئنڪ ڪلوزنگ ڊي جيئان هي ڏينهن ملهائڻ گهرجي ۽ سڀ حساب ڪري، باقي موڙي ۽ پاڇيءَ کي سامهون رکي ايندڙ سال سان منهن ڏجي ...

انکي چوندا آهن منصوبا بندي ... بجيٽ پروگرام ...

اوهان سڀني دوستن کي 2010 سال جي شروع ٿيڻ تي منهنجي طرفان نيڪ تمنائون قبول پون ...

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: عيسوي سن 2009

سائين قبلا اهو سوچڻ جيڪڏهن اسان کي اچي وڃي ته هوند سڀ مسلمان متفق ٿي پون ۽ اهڙا ناشائته واقعه ڏسڻ جو موقعو ئي نه ملي الله تعالي اسان کي هدايت تي هلڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔
 
Back
Top