ڪراچي ۾ نوگو ايرياز بابت رپورٽ ٻيهر رد،

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪراچي (رپورٽ: اعظم زهراڻي) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ نو گو ايرياز ۽ امن امان بابت پوليس ۽ رينجرز پاران پيش ڪيل رپورٽن کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪندي لينڊ يوٽلائيزيشن کاتي جي سيڪريٽري کي 85ع کان 2001ع تائين مختلف وڏن وزيرن پاران الاٽ ڪيل زمين توڙي ان جي مارڪيٽ مطابق قيمت ۽ لينڊ ڪاميٽي پاران ريگيولرائيز ڪيل زمين ۽ ان جي مد ۾ اوڳاڙيل رقم جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، چيف جسٽس چيو آهي ته هڪ هفتي اندر ڪراچي ۾ نو گو ايريا ختم ڪرائي امن بحال نه ڪرايو ويو ته ڪوئٽا وانگر سمورن آفيسرن کي گهر اماڻي نوجوان آفيسرن کي مقرر ڪيو ويندو، ان ڏس ۾ اسلام آباد ۽ ٻين صوبن مان به آفيسرن کي اماڻي سگهجي ٿو، چيف جسٽس چيو ته سنڌ ۾ انتظاميه سياسي اثر کان آجو نه ٿي سگهي آهي، هتي مڪمل اوور هالنگ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن هڪ هفتي اندر ڪراچي ۾ امن قائم نه ٿي سگهيو ته آفيسرن کي گهر اماڻيو ويندو ۽
    ايندڙ ٻڌڻي تي ڪراچي ۾ به ڪوئٽا جهڙو حڪم ڏنو ويندو، بلوچستان ۾ 50 آفيسرن جي مقرري جا مثبت نتيجا نڪتا آهن، 7 ايجنسين تي ٻڌل جي آءِ ٽي هڪ ڪيس بابت صحيح راءِ قائم ڪري نه سگهي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ اختلافن جي قيمت قوم کي ڀوڳڻي پئي ٿي، اهڙو اظهار سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ جسٽس جواد ايس خواجا، جسٽس خلجي عارف حسين، جسٽس امير هاني مسلم ۽ جسٽس اعجاز افضل تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ ڪالهه ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي ڪندي ڏنو، ڪالهه عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته اي آءِ جي ليگل علي شير جکراڻي ڪراچي جي 112 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پي پاران نوگو ايريا بابت سرٽيفڪيٽ پيش ڪندي چيو ته ڪراچي جي 19 علائقن ۾ جزوي طور نوگو ايرياز آهن ۽ 13 علائقن ۾ مڪمل طور نوگو ايرياز موجود آهن، جن ۾ لياري، منگهوپير، عزيز آباد، پي آءِ بي ڪالوني، سلطان آباد، نيو ڪراچي، سهراب ڳوٺ، شانتي نگر، ڊالميا، افغان بستي، ڪنواري ڪالوني، پير آباد، ميان والي ڪالوني وارا علائقا شامل آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪراچي جو دل پي آءِ بي ڪالوني به نوگو ايريا آهي ته باقي شهر جو ڪهڙو علائقو بچيل هوندو، جنهن تي اي آءِ جي ليگل ٻڌايو ته ڪجهه علائقن کي آپريشن ذريعي ڪليئر ڪرايو ويو آهي پر اڃا به ڪجهه علائقن ۾ شرپسندن جو قبضو آهي، ان موقعي تي منگهو پير جي ايس ايڇ او پاران حلف نامي ۾ بڪتر بند گاڏي ۽ موبائل جي ڪمي بابت شڪايت ڪئي وئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جڏهن ايس پي به بڪتر بند گاڏي ۾ گهمندو ته اهڙي صورتحال ته ٿيندي، ايس پي کان بڪتربند گاڏي وٺي ڄاڻايل علائقن ڏانهن اماڻڻ گهرجي، ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته 15 ارب رپيا پوليس کي مليا اهي ڪٿي خرچ ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي عدالت پوليس ۽ رينجرز پاران نوگو ايريا ۽ امن امان بابت پيش ڪيل رپورٽن کي ٻيهر رد ڪندي آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته نوگو ايريا بابت ڪراچي جي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پيز جا بيان حلف نامي تي ٽن ڏينهن اندر عدالت ۾ پيش ڪيا ويا وڃن، ان موقعي تي عدالت ڊي جي رينجرز جي وڪيل جسٽس (ر) شاهد انور باجوه کان 117 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندڙ کي پوليس پاران مقابلي جي ڪيس ۾ چالان ڪرڻ بابت وضاحت طلب ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته رينجرز صحيح آهي يا پوليس صحيح آهي، ٻنهي ۾ ڪو هڪ ئي صحيح ٿي سگهي ٿو، جنهن تي رينجرز جي وڪيل ٻڌايو ته جوابدار منير عرف انجم جي 117 ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هجڻ بابت رپورٽ رينجرز جي نه پر جي آءِ ٽي جي هئي، جنهن تي جسٽس امير هاني مسلم چيو ته جي آءِ ٽي ۾ رينجرس جو نمائندو شامل هو، جنهن تي رينجرز جي وڪيل چيو ته شهري جي حيثيت ۾ آئون سمجهان ٿو ته جوابدار منير عرف انجم جي 117 ماڻهن جي قتل ۾ ملوث هجڻ بابت جي آءِ ٽي رپورٽ مشڪوڪ آهي، جي آءِ ٽي جي رپورٽ تفصيلي هوندي آهي، جنهن ۾ قتل جا ڪيس به ڄاڻايل هوندا آهن، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اها رپورٽ ته توهان پاڻ ڏني آهي، جنهن تي شاهد انور باجوه چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ هئي، جيڪا مون پيش ڪئي آهي، جنهن تي چيف جسٽس سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن جي آءِ ٽي رپورٽ جي اهڙي حالت آهي ته پوءِ پوليس ۽ رينجرز ۾ آفيسرن جي مڪمل تبديلي جي ضرورت آهي، آءِ جي سنڌ دليري جي مظاهرو ڪري کيس بلوچستان وانگر ٻين صوبن مان آفيسر ڏئي سگهون ٿا، پوليس کي فريش بلڊ جي ضرورت آهي ۽ ڪيترائي سي ايس ايس پاس آفيسر موجود آهن، ڪم ڪرڻ لاءِ جن کي موقعو ڏيڻ گهرجي، انهن جي مقرري سان صورتحال بهتر ٿيندي، جيڪي آفيسر ڪراچي ۾ امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن، انهن کي رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته رينجرز پاران ٽارگيٽ ڪلنگ جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بابت اخبارن ۾ ڇپجندڙ خبرون رڳو دوکو آهن، 117 ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بابت رينجرز غلط رپورٽ پيش ڪئي آهي، رينجرز ننڍن ننڍن ڪيسن ۾ جوابدارن کي پڪڙي ڏيڍ ڏيڍ مهينو رکي ڇڏي ٿي، جن کي تڏهن پوليس حوالي ڪيو وڃي ٿو، جڏهن انهن خلاف آئيني درخواستون داخل ٿيڻ لڳن ٿيون، چيف جسٽس چيو ته اڄ ثابت ٿي ويو ته پوليس کي اڃا تائين غير سياسي نه بڻايو ويو آهي. پوليس ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻئي ادارا امن بحال ڪرائڻ بابت ڪي نتيجا نه ڏئي سگهيا آهن، ان موقعي تي پراسيڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ ٻڌايو ته رينجرز پاران 117 ماڻهن جي ڏوهن ۾ گرفتار ڄاڻايل منير عرف انجم ضمانت تي آزاد ٿي چڪو آهي، ڄاڻايل جوابدار منير عرف انجم کي 19 سيپٽمبر 2011ع تي نيو ٽائون پوليس رات جو 2 وڳي ڌاري گرفتار ڪيو هو جڏهن ته رينجرز جو چوڻ آهي ته ان ڄاڻايل جوابدار کي 17 سيپٽمبر 2011ع تي ان کي نيو ٽائون پوليس حوالي ڪيو، هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ رڳو پوليس ۽ رينجرز نه پر 7 ايجنسيون شامل هونديون آهن، شهادت اعواڻ چيو ته رينجرز اختيارن جو غلط استعمال ڪري ٿي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جي جاچ ۽ پراسيڪيوشن متاثر ٿئي ٿي، ان کان اڳ ڪالهه عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تعليمي، صنعتي ۽ رهائشي مقصدن لاءِ سستي اگهه تي ڏنل 17 هزار ايڪڙ زمين جي استعمال بابت رپورٽ طلب ڪئي جنهن تي ڪميشن جي سربراهه ۽ روينيو جي ماهر نظر محمد لغاري عدالت آڏو پيش ٿي ٻڌايو ته 28 مارچ تي سرڪار ڪميشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي ۽ 12 اپريل تائين مڪمل ٿي ويندو، جنهن بعد رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي، ان موقعي تي بورڊ آف روينيو جي وڪيل چيو ته 85ع کان الاٽ مينٽ جعلي نه پر اصل هئي، جنهن تي جسٽس خلجي عارف حسين چيو ته ان کي اصل نه پر چئو ته نوازيو ويو هو، جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته زمين سنڌ جي ماڻهن جي ملڪيت آهي، جنهن جي ”بندر بانٽ“ ڪئي پئي وڃي، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته لينڊ يوٽلائيزيشن جي اڳوڻو سيڪريٽري رميش اديشي، عبدالله شاهه سان گڏ زمينن جي الاٽمينٽ وارن ڪيسن ۾ گرفتار ٿيو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس سزا ڏني وئي، جنهن زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ جي ڏوهه ۾ رميش اديشي کي سزا ڏني وئي، ان زمين کي 2001ع واري آرڊيننس تحت ڪيئن ريگيولرائيز ڪيو ويو آهي؟، جنهن تي روينيو جي وڪيل محمد احمد پيرزادي چيو ته اهڙي زمين کي ريگيولرائيز نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي مان ان جي حمايت ڪندس، جنهن ڪري ان بابت انڪوائري لاءِ وقت ڏنو وڃي، جنهن تي جسٽس امير هاني مسلم چيو ته پاليسي قانون جي خلاف ناهي ٺهندي ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف پاليسي ٺاهي سگهجي ٿي، جنهن تي بورڊ آف روينيو جي وڪيل محمد احمد پيرزادي چيو ته اهڙي پاليسي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو، جنهن تي جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته چئلينج به روينيو کي ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته عوام جي اثاثن جو تحفظ ڪرڻ روينيو جو فرض آهي، بورڊ آف روينيو جي وڪيل محمد احمد پيرزادي چيو ته 2006ع کان اڳ زمين جي الاٽمينٽ بابت ڪا پاليسي نه هئي جنهنڪري وڏي وزير کي زمين جي الاٽمينٽ جو اختيار هو، جنهن ڪري 2001ع ۾ سنڌ جي گورنر سنڌ جي شهري علائقن ۾ الاٽ ڪيل زمين کي رد ڪرڻ توڙي ان جي مارڪيٽ مطابق قيمت جو تعين ڪري رهيل رقم اوڳاڙڻ بابت هاءِ ڪورٽ جي رٽائر جج جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙڻ بابت آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ پهرين جنوري 1985ع کان مختلف وڏن وزيرن پاران ڏنل زمين جي مارڪيٽ مطابق قيمت وصول ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي پنهنجو ڪم شروع ڪيو، هن چيو ته جسٽس (ر) واحد بخش بروهي، جسٽس (ر) عبدالرحمان شاهه ۽ جسٽس زاهد قربان علوي ڄاڻايل ڪاميٽي جا سربراهه رهيا آهن، جن سرڪار سستي اگهه تي ڏنل سموري زمين جي مارڪيٽ مطابق رقم وصول ڪئي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ پاران غير قانوني قرار ڏنل الاٽمينٽ کي قانوني قرار ڏيڻ بابت آرڊيننس جو آئين سان ٽڪراءُ ۾ هجڻ بابت جائزو وٺي سگهجي ٿو، سپريم ڪورٽ جو حڪم حتمي هوندو آهي، ان کي آرڊيننس ذريعي ختم نه ٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن ائين ٿيڻ شروع ٿيو ته سپريم ڪورٽ حڪم جاري ڪندي ۽ صوبائي حڪومت آرڊيننس ذريعي ان کي ختم ڪري ڇڏيندي، ان موقعي تي چيف جسٽس پڇيو ته ڄاڻايل آرڊيننس مارشلا دور ۾ جاري ٿيو هو؟ جنهن تي رشيد اي رضوي ٻڌايو ته 2001ع ۾ مارشلا دوران جاري ٿيو هو، جنهن کي ايل ايف او ۽ ان کان پوءِ 17هين آئيني ترميم ۾ تحفظ مهيا ڪيو ويو هو، جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته اهڙي آرڊيننس سان ته عدليه ان جي تابع اچي وڃي ٿي ۽ هر سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ آرڊيننس جاري ڪري ان کي ختم ڪري سگهي ٿو، جنهن تي عدالت لينڊ يوٽلائيزيشن کاتي جي سيڪريٽري کي 85ع کان 2001ع تائين مختلف وڏن وزيرن پاران الاٽ ڪيل زمين توڙي ان جي مارڪيٽ مطابق قيمت ۽ ڪاميٽي پاران ريگيولرائز ڪيل زمين ۽ ان جي مد ۾ اوڳاڙيل رقم جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. بشڪريه ڪاوش۔
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو